ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

1

ھالاڻيءَ (1) جي ڳوٺ جي رونق ئي بدلجي ويئي ھئي. بازار جي سوڙھين گهٽين ۾ جتي گراھڪن نہ ھئڻ سبب دڪاندار اڪثر اوٻاسيون پيا ڏيندا آھن، تتي ماڻھن جا انبوھہ پئي نظر آيا. حلواين دڪانن کي مٺاين سان وٺي سينگاريو ھو. گراھڪن جي پيھہ کي منھن ڏيڻ لاءِ خاص بازاريون کلي ويون ھيون، ويساکيءَ جي ميلي(2) جو موقعو ھو. ھالاڻيءَ جا رھاڪو، ننڍا خواه وڏا، جن لاءِ ڳوٺ ۾ ڪابہ خاص وندر ڪانھي، ھن ميلي جي کليءَ دل سان مرحبا ڪندا آھن. دڪاندارن جي تہ ٻيگهي مچندي آھي. ورھہ ۾ اھو ھڪ دفعو ئي کين ھٿ ڪوسي ڪرڻ جو وجهہ ملي ٿو. ھن ميلي تي، جو ھر سال چيٽ جي مھيني ۾ لڳندو آھي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھو ھزارن جي تعداد ۾ اچي حاضر ٿيا ھئا. ڪلھي گس لڳي پيئي ھئي. ميلي مان گهمندي معلوم پئي ٿيو تہ ڪيترا رونشي ڪوڏيا صرف تماشي لاءِ اچي اتي سھڙيا ھئا. راڳ جا شوقين ڏسڻ آيا ھئا. ڇاڪاڻ جو ان سال ڪن نامور ڀڳتن کي نينڊ ڏيئي گهرايو ويو ھو. پر ڪيئي ماڻھو تہ ويساکيءَ جي سنان(3) لاءِ آيا ٿي ڏٺا، جو سنان ميلي جي پھرئين ڏينھن پرھہ ڦٽيءَ مھل درٻار(4) جي کوھہ تي ڪيو ويندو آھي. ان سنان کي اڃا تائين وڏي اھميت ڏني وڃي ٿي. چون ٿا تہ جن ڇوڪرين کي ور ملڻ ۾ مشڪلات ٿئي ٿي، سي جيڪڏھن ويساکيءَ جو سنان ڪنديون ۽ اھو ۽ اڳيون ڏينھن اپواس(5) رکنديون، تہ سندن راھہ ۾ جيڪي بہ رنڊڪون ھونديون سي دور ٿي وينديون ۽ دلي مراد حاصل ٿيندين. ميلو لڳل جيتوڻيڪ ٿوريءَ ايراضيءَ ۾ ھو، تہ بہ زور شور سان ٿي رھيو ھو.
ميلي جي بازارين مان گهمندي ھڪ نظارو پئي ڏسڻ ۾ آيو. پنجاھہ ورھين جو ھڪ شخص ڪاٺ جي ننڍڙيءَ ڦيٿن واري گاڏيءَ ۾ ويٺو ھو، جا بعضي پاڻ پئي ھلايائين، تہ بعضي تيرھن چوڏھن سالن جي ڄمار واري ڇوڪر، جو سندس پٽ ھو. گاڏي تازي ٺھيل ٿي نظر آئي ۽ ڪچي ساڳ مان جڙيل ھئي. پير مرد ٽنگن کان ويٺل ھو. ھن جي ڊگهي ڏاڙھي، جنھن ۾ اڇن سان گڏ ڪجهہ ڪارا وار پڻ ھئا، سندس گاڏيءَ جي چوڌاري ويڙھي پيئي ھئي؛ منھن ڊگهو ۽ اکيون شيريون ھيس. ھو بدن جو ضعيف ٿي لڳو. ور ۾ گٺل پتل جي دٻلي پيئي ھيس، جنھن مان ھر گهڙيءَ ناس ڪڍي پئي ڏنائين. مٿي تي اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل ھيس، شڪل جو سانورو ھو ۽ منھن تي ماتا جا نشان پري کان پئي نظر آيا. ھن گاڏيءَ ۾ ويھي پئي شرنائي وڄائي. شرنائيءَ ۾ مٿان ۽ ھيٺان رنگين ريشم جا گل ڌاڳن ۾ ٻڌل ھئا، جن ساز کي نزاڪتدار ٿي بڻايو. شرنائيءَ جو آواز بيشڪ رس ڀريو ۽ دلگداز ھو. ماڻھو ھن جي راڳ تي مست ٿي سندس گاڏيءَ جي چوڌاري پئي ڦريا. ڪيترن ھوٽلن وارن ھن کي رپيو يا ٻہ آڇي ڪلاڪ سوا لاءِ ھن جو راحت ڀريو راڳ ۽ شرنائي پئي ٻڌا. جيترو وقت راڳ ھليو ٿي، تيترو وقت سندن دڪانن تي ماڻھن جو شمار ئي ڪونہ ھو. ۽ ان ٿوري عرصي ۾ ھونئن کان ٻيڻي يا ٽيڻي ڪمائي ٿي ٿين.
گاڏيءَ ۾ ويٺل مڱڻھار، جنھن جو نالو پيرو ھو، جيڪي ڪمايو ٿي، سو سمورو پاڻ وٽ ڪونہ ٿي رکيائين. ڪيترا منڊا ۽ محتاج، پينو زالون ۽ ٻار خيرات لاءِ سندس گاڏيءَ پٺيان پئي ويا، جن کي ھن پنھنجي ڪمائيءَ مان ٿورو ڏيئي خوش ڪري ٿي ڪڍيو. غريبن ۽ گهرجائن کي خبر ھئي تہ ھو سخي ھو. ھن مڱڻھار ظاھر ڪري ڏيکاريو ٿي تہ، سخاوت ھروڀرو شاھوڪار جو ورثو ڪينھي. ماڻھوءَ کي پيسو سخي نٿو بڻائي، مگر سخاوت واري دل. ليڪن جيئن ھو پيسو ڏيندو پئي ويو، تيئن پٽس، جنھن کي حميد ڪري ٿي سڏيائين ۽ جو سمورو وقت ساڻس گڏ ھو، خار پئي کاڌا. ھو پيءُ جي سخاوت سھي نٿي سگهيو. سندس چھري مان ظاھر ھو تہ، پيءُ سان ان باري ۾ ذڪر چورڻ لاءِ وجهہ پئي ڳوليائين. ساريءَ بازار کي چڪر ڏيئي. ھو ھڪ شاھي تنبوءَ وٽ اچي پھتا، جنھن جي ٻاھران ڪپڙي تي ڪاغذ جي اکرن ۾ لکيل ھو: ”مڱڻھارن جي مجلس شام جو ستين بجي.“ پٽ کي گاڏيءَ بيھارڻ لاءِ چئي، پيروءَ کيس چيو، ”حميد! اڃ لڳي اٿم، سامھون ٿاڌل وارو ويٺو اٿئي. ٽڪي وارو ھڪ گلاس تہ ٺھرائي اچ!“ حميد جڏھن ٿاڌل جو گلاس آڻي پيءَ کي ڏنو، تڏھن پڻس پٽڪي جي وڪڙ مان آنو ڪڍي کيس ھٿ ۾ ڏيئي چيو، ”تون بہ وڃي پيءُ. ڏينھن ڏس تہ ڪھڙو نہ گرم ٿيو آھي! ھن سال چاليھو بہ سويل ئي شروع ٿيو آھي.“ مگر حميد، ڀرسان ڪوبہ ماڻھو نہ ڏسي، دل جي بار ڍري ڪرڻ لاءِ رنج ڀرئي نوع ۾ پيءُ جي منھن ۾ نھاري، کيس چيو، ”ابا! پنھنجو پيسو ٻين کي ڇو ٿا ڏيو؟“
”اھو پيسو سندن ئي آھي.“ پيروءَ مشڪندي وراڻيو.
”ھنن جو ڪيئن ٿيو؟“ حميد عجب ۾ پئجي پڇيو.
”نہ تہ مان جيڪر کين ڪيئن ڏيان؟“
”مون کي توھان جو مطلب سمجهہ ۾ نٿو اچي.“
”انھن جي صدقي تہ مليم ٿو. حميد، ڇا مان ۽ ڇا راڳ! ڇا منھنجي بدن جو ضعف ۽ ڇا نڙيءَ جو ميٺاج!! انھن مسڪينن جي ڪري تہ خدا منھنجي گلي جو رس قائم رکيو آھي. نہ تہ جوانيءَ سان گڏ ڳائڻ جي ڏات پڻ وڃايان ھا.
”اسين پاڻ غريب آھيون ۽ غريبن تي ڪھڙي ميار آھي.“ ھو تہ اسان کان بہ وڌيڪ غريب آھن. ياد رک: جي وٺڻو اٿيئي تہ ڏيڻو بہ پوندءِ.“
”مان توھان کي وڌيڪ پيسو ان طرح وڃائڻ نہ ڏيندس.“
پٽ جي انھن لفظن پيروءَ جي دل کي چوٽ رسائي. ھن چيو، ”ڇاڪاڻ تہ ڌڻيءَ تعاليٰ مون کي پنڌ ڪرڻ جي طاقت کسي، مون کي تنھنجو محتاج بڻايو آھي؟ حميد، يقين اٿم تہ جنھن ڏينھن کان تون مون کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪندين، تنھن ڏينھن کان وٺي راڳ پڻ مون کي الوداع ڪري ويندو، ھن دکيءَ حالت ۾ راڳ ئي آھي، جو منھنجيءَ دل کي تقويت ڏيئي رھيو آھي.“
”پيسي جي تنگيءَ ڪري مان علم کان بہ تہ محروم ٿو رھان.“
”تون تہ تعليم پرائين ويٺو.“
”مگر مون کي وڌيڪ پاڙھڻ جي... توھان چيو تہ توھان ۾ توفيق ڪانھي.“
”حميد! مڱڻھار چيو ۽ خاموشيءَ سان پٽ جي چھري کي چتائيندو رھيو. منٽ ٻن بعد ھن آھستي چيو، ”حميد، علم برابر ڪيميا آھي.“
”مگر غريب تہ ان کي ھٿ ڪرڻ جي خواھش رکي نٿو سگهي! علم تڏھن دولتمندن جو ورثو آھي؟، حميد وراڻي ۾ پڇيو.
”علم تہ ھر انسان جو ورثو آھي.“
”غريب شايد انسان ڪونھن؟ ڇا غريب ٿيڻ گناھہ آھي؟“
”حميد، علم رستي جي بتيءَ جيان آھي، جا غريب خواه شاھوڪار کي ھڪ جھڙي روشني ڏئي ٿي.“
”مگر مسڪين ان مان بہ فائدو وٺي نٿا سگهن! ابا، خدا اسان کي ڇو غريب ڪيو؟“ حميد نااميديءَ وچان پڇيو.
”محبت اٿس تہ اسان کي سڀ کان محروم ڇو رکيو اٿس؟ غريب ڪنھن بہ چيز تي دل ڪري نٿو سگهي! تعليم بہ چئو تہ ڳنھڻي پوي ٿي؟ ماڻھو ان ۽ پاڻيءَ جي خيرات ڪن ٿا، پر تعليم ڏيڻ بہ ھڪ وڏي خيرات آھي. ابا، توھان ساري ڄمار ڪامورن ۽ دولتمند زميندارن جي خدمت ۾ گذاري آھي. سو ڪم ڇڏي بہ سندن سڏ تي ڊوڙندا ويا ھوندا. ليڪن اڄ جڏھن توھين ھن محتاجيءَ جي حالت ۾ آھيو، تڏھن ڪير ٿو توھان کي مدد جي آڇ ڪري؟“
حميد جي اکين ۾ ناراضپو ھو. ھن اڃا وڌيڪ چوڻ چاھيو ٿي تہ تنبوءَ مان ھڪ ماڻھو ٻاھر نڪتو ۽ پيروءَ جي نزديڪ اچي، کيس چيائين، ”زميندار صاحب سڏيئي ٿو.“
حميد پيءُ کان خالي گلاس وٺي، دڪاندار کي ڏيئي آيو، ۽ پوءِ پيءُ جي گاڏي اندر تنبوءَ ۾ ڪاھي ويو.
”سائين، توھان مون کي سڏايو آھي.“ پيروءَ زميندار کي چيو، جو کٽ تي ليٽيو پيو ھو. گرميءَ ھئڻ سبب ھڪ نوڪر کيس پکو ھڻي رھيو ھو ۽ ٻئي پئي ھن جي پيرن جي ترين کي مھٽيو.
”ھا، پيرو! توکي ھن حالت ۾ ڏسي مون کي رحم ٿو اچي. حميد جي ٻانھن مون کي ڏي تہ ڪم ۾ رنڀايانس.“ جان ھڪ ھنڌ لکيو وڃي محمد چيو، ۽ جواب لاءِ پيروءَ ڏانھن نھارڻ لڳو. پيروءَ جي نظر پٽ ۾ ھئي؛ ۽ جنھن نموني ھوڏانھن ڏسي رھيو ھو، تنھن مان ثابت ٿي ٿيو تہ ھن چاھيو ٿي تہ، حميد وراڻي ڏئي. زميندار، پيءُ پٽ کي خاموش ڏسي وري چيو، ”حميد، مان توکي پاڻ وٽ ٻنيءَ تي رکان ٿو. تنھنجو فرض آھي تہ ھن ڏکئي وقت پيءُ جي پرگهور لھين.“
مڱڻھار جي رخ مان صفا ظاھر ھو تہ ھو زميندار جي راءِ سان شامل ھو، مگر حميد جو تعليم پرائڻ لاءِ چاھہ ڏسي ھن ڪڇيو ئي ڪونہ. حميد چيو، ”مان پنھنجيءَ تعليم جي قرباني ڪيئن ڪريان؟“
”تنھنجو اھو خيال ٺيڪ نہ آھي.“ جان محمد ورندي ڏني.
”گستاخي معاف ڪجو،“ حميد وراڻيو ۽ سلسلو جاري رکندي چيائين، ”توھين چاھيندا تہ مان بي علم ئي رھان.“ اسان جي ڪم علمي توھان جي دولتمنديءَ ۽ وڏ ماڻھپائيءَ جو ڪارڻ آھي. ڇا، غريب صرف پورھئي لاءِ ڄاوا آھن؟ غريب ٿيڻ جي معنيٰ غلامي قبولڻ آھي؟ اڄ جيڪڏھن مون جھڙن غريبن ۾ علم جو پورو قدر ھجي تہ اسان جي ڏتڙيل حالت گهڻي قدر سڌري پوي. خود مطلبي شاھوڪار اسان کي محتاج بڻايو آھي. جڏھن علم جو شوق ئي ماڻھوءَ کي خودمختيار رھڻ جو ڪوڏيو بڻائي ٿو، تڏھن علم جي حاصلات منجهس ڪيڏو نہ ڦيرو آڻيندي ھوندي!“
زميندار مڱڻھار طرف منھن ڪري چيو، ”پيرو!“
”حضور“، ھن جواب ڏنو. ”مان زندگيءَ جي آخري منزل تي اچي رسيو آھيان. مان ڇو حميد جي آئيندي جي آڏو اچان؟“
زميندار جيتوڻيڪ ماٺ کڻي ڪئي، تہ بہ ھن طعني سان مشڪيو. حميد سمجهي ويو تہ، ان مشڪ ۾ شاھوڪاري غريبيءَ تي ٺٺولي ڪري رھي ھئي. زميندار جي رخ مان ثابت ٿيو ٿي تہ ھو حميد کي خاموشيءَ جي اشاري سان چئي رھيو ھو، ”حميد، انسان جيئن چاھي ٿو، تيئن نٿو ٿئي.“ دنيا ۾ جيڪڏھن سڀڪجهہ ماڻھوءَ جي خواھشن پٽاندر ٿئي، تہ رنج ڌڻيءَ پيدا ئي ڇا لاءِ ڪيو؟ غريبن جي حالت تہ تھائين خراب آھي. ھنن کي اھي، سھوليتون ڪونھن جي صرف پسي مان ئي حاصل ڪري سگهجن ٿيون.
پيءُ کي اتي ئي ڇڏي، حميد تنبوءَ کان ٻاھر نڪري ويو.
اتي ٻيپھريءَ جو وقت اچي ٿيو. حميد ھڪ شاھي وڻ ھيٺ وڃي ويٺو. سندس نرڙ تان پگهر پئي وھيو، ھن ڪجهہ سوچيو پئي. سندس چھرو لعل ھو، نہ سج جي تابش جي اثر ھيٺ اچڻ ڪري، پر اندر جي سخت لرزش سبب.
ننڍپڻ ۾ انسان تي جيڪي اثر پيدا ٿين ٿا، سي مشڪل ميٽجڻ جا آھن. حميد جڏھن ننڍو ھو، تڏھن پڻس کيس ڳوٺ پير مھدي شاھہ(6) جي ٺيڪيدار وٽ بيھاريو، جتي اھو اوطاق جي صفائي ۽ ٻھاريءَ جو ڪم ڪندو ھو. اونھاري ۾ ٺيڪيدار جي ٻارن کي منجهند جي مھل پينگهي ۾ لوڏڻو پڻ پوندو ھوس. حميد ٺيڪيدار جي پٽ سان، جو حميد جي ڄمار جو ھو، راند روند ڪرڻ تي ھري ويو. زميندار جي پٽ کي پڙھندو ڏسي، حميد ۾ بہ تعليم پرائڻ جو شوق اڀريو. ٻاراڻي وھيءَ ۾ ذات پات يا ننڍائيءَ جا ويچار انسان ۾ نہ ٿا اچن. پيءُ جو مٿو کائي، حميد بہ ٻاراڻو ڪتاب ۽ ڪاٺ جي ڦرھي ورتي. حميد ۾ جيئن علم جو چاھہ پيدا ٿيو، تيئن ڪيترا دفعا گهر جي ڪم کي ڇڏي ٺيڪيدار جي پٽ سان وڃي پڙھندو ھو.
ھڪڙي ڀيري ٺيڪيدار جي گهر جهليءَ ڇڪڻ وارو ڪين آيو، جنھنڪري حميد کي، جو روز ٻارن کي ھندوري ۾ لوڏي ننڊ ڪرائيندو ھو، جهليءَ ڇڪڻ لاءِ چيو ويو. ھن غريب ٻار کي حڪم جي تعميل ڪرڻي پيئي. مگر جهلي پيو ڇڪي تہ پينگهو بيھي پيو رھيس. ٿوري ئي وقت ۾ ڪڪ ٿي پيو. ھوڏانھن وري زميندار جي پٽ کي پڙھندو ڏسي، سندس دل پئي ٽپا ڏنا. آخر حميد بہ ڪتاب کڻي وڃي ٻاھر ويٺو. پينگهي جي بيھڻ سبب ٻار جاڳي پيا ۽ ڪچيءَ ننڊ مان اٿڻ ڪري روئڻ لڳا. ٺيڪيدار جي بھ، جو ننڊ ڦٽي، سو غصي مان ڪمري جو در کولي ٻاھر ويو ۽ حميد کي، جنھن پٽس سان گڏ کٽ تي ويٺي پڙھيو، زور مان ٻہ ٿڦڙون ھڻي ڪڍيائين. اھو حميد جي نوڪريءَ جو آخري ڏينھن ثابت ٿيو. حميد عمر جو وڏو ڪين ھو، ليڪن سندس دل کي صدمو پھتو. کيس ڄاڻ پيئي تہ شاھوڪارن کي غريبن جي جذبن کي ڏکوئڻ ۾ عار نٿو ٿئي. حميد کي معلوم ٿيو تہ غريبن کي علم پرائڻ ۾ ڪيتريون نہ رڪاوٽون اچن ٿيون. انھيءَ واقعي کي ٿئي ورھيہ گذري ويا، ليڪن حميد کي نہ صرف علم لاءِ چاھہ جاڳيو پر ان سان گڏ شاھوڪارن لاءِ ڌڪار پڻ پيدا ٿي؛ ۽ ان ڏينھن واري شاھوڪار جي گفتگو کيس گذريل ننڍپڻ وارو واقعو ياد ڏياريو.
پيرو ڪنڊياري(7) تعلقي جي ھڪ ڳوٺ پير مھدي شاھہ ۾ مشھور مڱڻھار ھو. ھو اصل ڇاڇري(8) جو رھاڪو ھو. ٿرپارڪر(9) ۽ نوابشاھہ(10) ضلعا گڏيا پيا آھن؛ سو سن 1900ع واري ڏڪار بعد پنھنجي ھڪ دوست سميت ھيءُ پاسو اچي وسايو ھئائين، شادين ۽ خوشين جي موقعن تي آپاس جا ماڻھو پيروءَ کي ئي گهرائيندا ھئا. چنڊ تي ڪنڊياري جا ڀائيبند جڏھن بحراڻو(11) ٺاھي؛ درياھہ ۾ وجهڻ ويندا ھئا، تڏھن انھن کي رستي ۾ ڇيڄ ھڻندو ڏسي پيرو بہ وٺي جهوليندو ھو. راڳ ھن جي روح جو کاڄ ھو. شرنائي وڄائڻ ۾ ساڻس برميچڻ وارو ڪونہ ھو. گلو بہ حد سريلو ھوس. ميلي تي ڪيترا دھلاري ۽ شرنائيءَ وارا ”استاد“ ڪري پيا سڏينس. جڏھن کان وٺي پيرو پنڌ ڪرڻ جھڙو نہ ھو، تڏھن کان وٺي ٻاھر نڪرڻ صفا بند ڪري ڇڏيو ھئائين. مگر جان محمد جي زور ڀرڻ تي، جو ھر سال ويساکيءَ جي ميلي تي ضلعي جي مڱڻھارن ۽ راڳيندڙن جي مجلس لڳائيندو ھو، ھو ھالاڻيءَ ۾ آيل ھو. ھيءُ پھريون ئي دفعو ھو، جو پٽ کي ساڻ آندو ھئائين ۽ حميد کي پيءُ جي سخي دل جو پتو پيو ھو.
شام جو مقرر ٿيل وقت کان ڪيترو پوءِ، تنبوءَ ۾ اندر مڱڻھارن جي مجلس شروع ٿي. چاليھي لاءِ چوڻ ۾ ايندو آھي تہ، ڏيئي تي وٽ چڙھي تہ ڏينھن ٺري. ٿيو بہ ائين، بتيون ٻريون، ھوا ٿڌي ٿي، تہ ماڻھن بہ اندر اچڻ شروع ڪيو. تنبوءَ جنھن کي ٽن طرفن، اولھہ، ڏکڻ کان دروازا ھئا، ايڏو تہ ڪشادو ھو، جو ھزار ٻہ ماڻھو تہ سولائيءَ سان ويھي سگهيا ٿي. تنبوءَ کي رونقدار بنائڻ جي خيال سان اندر رنگين ڪاغذ جون جهنڊيون ٽنگيون ويون ھيون. اولھہ واري دروازي جي سامھون ٻہ ٽي ڊگها صندل پيا ھئا، جن تي سڀيئي مڪاني ۽ ٻاھريان راڳيندڙ خواه چارڻ ويٺا ھئا. راڳ جي چٽاڀيٽيءَ ۾ بھرو وٺندڙ پھرين قطار ۾ پئي نظر آيا. حميد جي ڏينھن واري گفتگو پيروءَ کي ڏاڍو ڳنڀير بڻائي ڇڏيو ھو ۽ ان گنڀيرتا پيروءَ جي راڳ ۾ اھو درد پيدا ڪيو، جنھن حاضرينن جي دلين کي پاڻي ڪري ڇڏيو. درد واريءَ دل مان درديلو آواز ئي نڪرندو. جيئن ھنس(12) لاءِ چوڻ ۾ ايندو آھي تہ دنيا کي الوداع ڪرڻ وقت جو سر ھو آلاپيندو آھي، سو درديلو مگر بيحد سريلو ٿيندو آھي، تيئن پيروءُ جي راڳ ۾ اڄ جو سوز ۽ ميٺاج ھو، سو ٻڌائي رھيو ھو تہ ھن راڳ کان موڪلاڻي ٿي ڪئي. ھيءُ ھن جي موسيقي ھنر جو آخري نماءُ ھو. پيروءَ جي واري اچڻ سان تنبوءَ مان ”واه! واه!“ جا آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيا. ھڪ دفعو ٻڌڻ سان ويٺلن جي دل ئي نہ ٿي ڍاپي. ان ڏينھن جھڙي گهور تہ ڪڏھن بہ ڪانہ ملي ھيس. پر جڏھن بہ ڪجهہ مليس ٿي، تڏھن سندس اکيون وڃي ٿي حميد جي اکين ۾ کتيون. ھو ڄڻ تہ سانتيڪي نگاھہ سان پٽ کي ٻڌائي رھيو ھو تہ مليل گهور تنھنجي آھي.
مجلس کي شروع ٿئي اٽڪل اڍائي ڪلاڪ ٿيا ھئا، تہ تنبوءَ ۾ اندر چار چمڙا اڏامندا نظر آيا. روشنائيءَ ۾ رستو ڀلجي پيا ھئا. تنبوءَ جي ڇت ڪا مٿي ڪانہ ھئي ۽ بعضي بعضي ايترو تہ ھيٺ لھي ٿي آيا، جو حاضرينن ائين پئي سمجهيو تہ اجهو ٿا سندن مٿان ڪرن. اتي تنبوءَ ۾ ٿورو شور اچي متو ۽ ڪي ماڻھو اٿن پيا تہ ڪي ويھن پيا ڪجهہ مدت لاءِ راڳ پڻ بند ٿيو ۽ حميد پيءُ جي اشاري تي پنھنجي جاءِ تان اٿي سندس نزديڪ ويو پيروءَ ڪن ۾ ڪجهہ چيس.
راڳ جي مجلس ختم ٿي ۽ ھميشہ جيان ڪيترائي فقير اچي تنبوءَ جي دروازي وٽ جمع ٿيا، تہ پيرو اجهو ٿو ٻاھر اچي تہ کين مليل گهرو مان ڪجهہ بخشش ڏئي. ليڪن اڄ کين نراس موٽڻو پيو. پيرو تنبوءَ مان ٻاھر ڪين نڪتو. ھڪ راڳيندڙ، جنھن جي پيروءَ سان چڱي سڃاڻپ ھئي، اندر گهڙي کيس چيو، ”استاد! ٻاھر فقيرن جو ميڙ اچي ڪٺو ٿيو آھي.“
”مان ڇا ڪريان؟“ زميندار کي چئہ تہ پري ڪرين،“ پيروءَ اجرڪ جي پلئہ سان نڪ تان ناس اگهندي وراڻيو.
”ھو توھان جي لاءِ ترسي بيٺا آھن.“
”ابي ۾ سندن ڪھڙو ڪم آھي؟“ حميد ذرا ڏمرجي پڇيو.
”ھو اميد پائي آيا آھن.“
پيروءَ ماٺ ۾ پٽ طرف نھاريو، جنھن ان ماڻھوءَ ڏانھن منھن ڪري چيو، ”نااميدن مان اميد رکندڙ کي نااميدي پسڻي پوي ٿي.“
”حميد، ائين نہ چئہ،“ پڻس چيس. ”چئہ تہ ابي جو پيسو ابي جو نہ آھي، پر منھنجو آھي.“ حميد بنا جواب پيءُ طرف نھاريندو رھيو. پيروءَ جا نيڻ دروازي وٽ بيٺلن فقيرن ۾ ھئا تہ ھنن جا وري منجهس؛ مگر نہ ھنن کي ئي ان وقت جرئت ٿي جو اندر لنگهي اچن، نہ پيروءَ ئي کين سڏيو.