ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

18

ڪنڊياري جي اوتر طرف ھڪ عمدي جڳھہ جڙيل ھئي، جنھن جي وچئين ڪشادي ڪمري ۾ ھڪ عورت پٽ تي ويٺي ھندورو لوڏيو. جنڊيءَ جي ھندوري ۾ چئن ورھين جو ٻار ليٽيو پيو ھو، جنھن کي لوڏي ننڊ پئي ڪرايائين. ھن عورت، جا پورھيت پئي لڳي، پينگهو بہ پئي لوڏيو تہ مٺي ۽ ھلڪي آواز ۾ لولي بہ پئي ڏني:
توکي رکندو ڌڻي،
ڏيندءِ عمر گهڻي،
توکي ٽِڙندو ڏسي،
خوش ٿيان ٿي گهڻي.
ٿيندين موتيءَ ڪڻي،
شل ڪل کي وڻين،
تنھنجي لئہ تہ جيان،
ٿي ھڪڙي ڄڻي.
پورھيت جي بدن تي ڪپڙا سادا ليڪن صفا پيل ھئا. ھن جو منھن پينگهي طرف ھو ۽ جيئن ڳايائين ٿي، تيئن ھن جي اکين مان آب اڇلون ڏيئي ٻاھر پئي آيو. ان لوليءَ جي چوڻ سان ھن کي شايد گذريل زندگيءَ جا ڪي ڏينھن ياد اچي رھيا ھئا. اکين مان وھندڙ آنسون ھن پوتيءَ جي پلئہ سان پئي اگهيا. اھا پورھيت ھئي، دادن جي ماءُ سچل، جا زميندار صادق عليءَ جي گهر ۾ پندرھن رپين در مھينو پگهار تي بيٺل ھئي. ھن کي رھڻ لاءِ اتي ھڪ ننڍڙو ڪمرو پڻ مليل ھو؛ ساڻس گڏ صرف ھڪ پاليل ڪتو رھندو ھو. سندس ڪٽنب جي اھائي بچيل نشاني ھن وقت وٽس ھئي. سچل تي ٻارن جي گهمائڻ ڦيرائڻ ۽ سندن ڪپڙن لٽن ڌوئڻ جو ڪم ھوندو ھو.
ڳالھہ ھن ريت آھي تہ، بخشڻ جي اوچتيءَ وفات بعد سچل کي پير مھدي شاھہ جي ڳوٺ ۾ آرام نہ آيو. پاڙي مان جڏھن ٻيا ڌوٻي گڏھن تي ڪپڙا کڻي درياءَ تي ڌوئڻ ويندا ھئا، تڏھن انھن کي گهٽيءَ مان لنگهندو ڏسي، ھوءَ دل جهلي نہ سگهندي ھئي. ھھڙا نظارا ڏسي، کيس بخشڻ جي يادگيري ٿي آئي- گهر ۾ پيلين لوھہ جي استرين ۽ ٻين اوزارن ڏانھن تہ اصل نہ نھاري سگهندي ھئي. دادن جو بہ پتو ڪونہ ٿي پيس. ان گهر ۾ اڪيلي رھڻ جي کيس ھمت ڪانہ ٿي ۽ وندر ۽ روزگار جي خيال کان ڪنڊياري ۾ اچي نوڪري ڪيائين. ھينئر سچل لاءِ پياري ۾ پياري چيز اھو ڪتو ھو، جنھن کي ساھہ سنئون سانڍيندي ھئي. ڪھڙي نہ ڏک جي ڳالھہ چئبي، جو ماڻھوءَ جي صحبت کان محروم ٿي، جانورن جي صحبت مان محبت جي پياس مٽائي! پيار ڏجي ٿو تہ جانور بہ پيار جي موٽ ڪن ٿا؛ مگر انسان جي دل ڪھڙي نہ ڪٺور آھي!
سچل کي گهر جا سڀ ڀاتي گهرندا ھئا. ڇو نہ گهرنس؟ سچل جو گهر جي ننڍڙن ٻارن تي جهجهوئي ارواح ھو. معصوم ٻارڙن سان گڏجڻ ۾ بيحد لطف حاصل ٿئي ٿو. ھنن جي صحبت انسان کان ڪجهہ عرصي لاءِ تہ دنيا جا دک ڀلارائي ٿي ڇڏي.
سچل کي ھن گهر ۾ ڪم ڪندي چڱو ئي عرصو ٿيو ھو. ھڪ دفعي زميندار صاحب اچي بيمار ٿيو ۽ ويو روزبروز پوڻو پوندو. بدن اڌ بہ ڪونہ وڃي بچيو ھوس. رت جي دوري جي ڏاڍي تڪليف ھيس. ھن وسان ڪين گهٽايو؛ پيسو پاڻيءَ جيان ھارجي رھيو ھو، تہ من زميندار چڙھي پوي؛ پر ھن جي وري نو بني ٿيڻ جا آثار نظر نہ ٿي آيا. حڪيمن جو چوڻ ھو تہ مريض کي پورو آرام ملڻ گهرجي.
ان آرام ۾ سچل رنڊڪ ٿي پيئي. رات ڏينھن خواھہ رات جي وقت سچل جي ڪتي وٽ ٻيا ڪتي اچي ڀؤنڪندا ھئا. ان نموني جو گوڙ زميندار جي آرام ۾ ڪافي رخنو وجهڻ لڳو. زميندار جي گهر واريءَ سچل کي پنھنجي منھن سمجهايو تہ ٻاھرين ڪتن کي جڳھہ جي احاطي اندر اچڻ نہ ڏي، ڇاڪاڻ جو گوڙ سبب زميندار جي تندرستي وڌيڪ بگڙي ٿي. سچل پنھنجي سر گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، ليڪن ان ۾ ھوءَ ڪامياب نہ ٿي. ٻاھرئين احاطي ننڍي ھئڻ سبب، ڪتا ڀتيون ٽپي ايندا ھئا. آخر ھڪ ڏينھن زميندار جي زال سچل کي چيو، ”سچل، مان توکي مجبور ٿي، ان ڪتي کي ھڪالي ڪڍڻ لاءِ چوان ٿي. زميندار جي تندرستيءَ کان وڌيڪ منھنجي لاءِ ٻيو ڪجهہ ٿي نٿو سگهي توکي بہ مالڪ جو خير خواھہ ٿيڻ کپي.“ سچل ورندي ڏني، ”ڪتي کي ضرور ھڪالي ڪڍنديس، نہ تہ مان نوڪري ڇڏي وينديس.“
سچل ٻن باھين ۾ ھئي. ڪتو بہ سالن جو پاليل ھو ۽ اھا بخشڻ جي ڏينھن جي نشاني ھيس. ان کي دل تان سھسائڻ بہ مشڪل پئي لڳس؛ ليڪن ساڳي وقت روزگار جو سوال بہ سندس لاءِ وڏو ھو. اڪيلي زال ڪٿي وڃي نوڪري ڳوليندي! ھتي تہ ھري مري ويئي ھئي. نئين ھنڌ نصيب آزمائڻ ھن کي ڪٺن پئي نظر آيو. آخر گهڻيءَ ڳڻ ڳوت بعد فيصلو ڪيائين تہ ڪتي کي ھڪالي ڪڍڻ بنا ٻيو ڪوبہ چارو ڪونھي. سچل ڪتي کي ساڻ ڪري بازار طرف وڌي. ننڍين ۽ سوڙھين گهٽين مان ڦرندي ڦرندي، ھڪ چوسول ۾، جتي ٻيا ڪتا بہ ھئا کيس ڇڏي؛ پاڻ لڪي ڇپي گهر موٽي آئي. سج لٿي جي مھل ھئي. اھا ساري رات بنا گوڙ جي گذري ۽ زميندار کي پڻ گهربل آرام مليو. مگر سچل سمورو وقت جاڳندي رھي. پاليل جانور جي يادگيري ستائڻ لڳس. اڇو صبح ٿيو تہ سچل ڪوٺيءَ کي تالو لڳائي، پاڻ وڃي ڪم تي چڙھي. ٽن چئن ڪلاڪن بعد جيئن پنھنجي ڪمري طرف موٽي، تيئن ڏٺائين تہ اھو ڪتو دروازي تي ليٽيو پيو ھو. سچل کي ڏسي ڪتو اٿي کڙو ٿيو ۽ پڇ لٽائي کيس چنبڙڻ شروع ڪيائين. سچل بہ ڪو گهٽ خوش ڪانہ ٿي. جھڙيءَ طرح ڪو مائٽ وڇڙيل اولاد ڏسي خوشي حاصل ڪري، تھڙيءَ طرح ڪتي کي پسي، سچل گدگد ٿيڻ لڳي. منجهند ٿي تہ وري اھوئي ڪتن جو ڪٽڪ اچي مڙيو. سچل کي پاڻ وٽ گهرائي زميندار جي زال مٿس غصو ڪيو. سچل ٻہ ٽي گهمرا ان نموني ڪتي کي ڪٿي جو ڪٿي ڇڏي آئي، پر ھو ٿوري وقت بعد وري اچيو پنھنجي جاءِ ڳولي لھي. ھڪ ڀيري سچل دل کي ڏاڍو ڪري ڪتي کي ناس ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ھڪ مضبوط نوڙي ساڻ ڪري، ڪتي کي ڳوٺ کان پري وٺي، درياءَ جي ڪناري تي آئي. اتي چار وڏا ۽ ڳورا پٿر کڻي، ان نوڙيءَ سان ڪتي جي چئن ئي پيرن م ٻڌي ڪتي کي وٺي پاڻيءَ ۾ ڦٽو ڪيائين. پاڻيءَ ۾ پوڻ سان ڪتو ٻڏي ويو. ڪتي کي پاڻيءَ اندر ويندو ڏسي، سچل جي اکين جو ھارڻ شروع ڪيو. آلين اکين سان ھوءَ پنھنجي مڪان طرف موٽي، اھو مڪان اڄ کيس ويران ڀاسڻ لڳو؛ اندر ويھي نہ پيئي سگهي. رات جو ڪوٺيءَ جي ٻاھران کٽ وجهي ان تي سمھي، پر آرام ڪٿي اچيس اکيون ٻوٽجنس ئي نہ پيون؛ اکيون روئي بس ڪن تہ ننڊ بہ اچين! سچل جي حالت مان ظاھر ھو تہ پياري جانور جي جدائي بہ انسان کي ايترو بيقرار ڪري ٿي، جيترو ڪنھن عزيز جو وڇوڙو. ماڻھو جانور کي بہ انسان جيترو پيار ڪري سگهي ٿو. سچل سموري رات ڇرڪن ڀريندي گذاري. بيوس جانور جي شڪل اکين آڏو پئي ڦريس. من جو مونجهارو تن جي ناتوانيءَ کان وڌيڪ بي آراميءَ ۽ بيزاري پيدا ڪري ٿو. ھوءَ پنھنجي ھيبتناڪ ڪارنامي کي ياد ڪري ڪنبڻ لڳي. عورت، اڪثر دل جي نرم، تنھن ڪيئن ھھڙو راڪسي ڪم ڪيو، جو ھڪ جانور کي بي درد نموني ۾ کڻي درياءَ ۾ ٻوڙيائين. غريبي ماڻھوءَ مان نرمائي ڪڍي، کيس ڪٺور دل بڻائي ٿي. ماني ماڻھوءَ کي ھھڙن ڀيانڪ ڪرتوتن ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ڪري. بک، ڪجهہ وقت لاءِ سچل جي جانور لاءِ پيار تي قبضو ڪري، کيس بي رحم بڻايو؛ پر سچل نيٺ پنھنجي غلطي محسوس ڪئي. ھينئر زميندار جي گهر ۾ نوڪري ڪرڻ ھن لاءِ ناممڪن ٿي پيئي. بنا اطلاع ڏيڻ جي ھوءَ مڪان ڇڏي ھلي ويئي. سچل ان ئي درياءَ جو ڪپ وٺندي پئي وئي، جنھن ۾ ڪتي کي ڦٽو ڪيو ھئائين ڪجهہ پنڌ بعد کيس پياس ستايو ۽ نئڙي درياءَ مان پاڻي پيئڻ لڳي. پاڻي پي بس ڪيائين، تہ ڏسي تہ درياءَ ۾ سامھون ڪا چيز ترندي، سندس طرف پئي اچي. سچل ڪپ تي ويٺي رھي، جيسين اھا شيءِ سندس آڏو آئي، اھا چيز جنھن کي ڏسڻ سان ئي سچل جون اکيون ڦاٽي ويون، سا ھئي ان ڪتي جو بيجان جسم. جيئن چور چوريءَ ڪرڻ بعد آسپاس نھاريندو آھي، تہ ڪو ڏسيم تہ ڪونہ ٿو، تيئن سچل پنھنجي چوڌاري ڏسڻ لڳي. ھن جي مغز جا پردا خشڪ ٿيڻ لڳا؛ سچل کي اکين اڳيان انڌوڪار پئي نظر آيو. سچل جي شڪل مان ائين پئي ظاھر ٿيو تہ مئل ڪتو ڄڻ تہ ماٺ ۾ کيس ٻڌائي رھيو ھو تہ ”انسان ڪھڙو نہ بيوفا ۽ بي درد ٿئي ٿو! جانور ۾ انسان کان وڌيڪ سچائي ٿي لڀي. تو بي قياس ٿي مون کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙيو، ليڪن مان جيئري تہ ٺھيو، مگر مئي کان پوءِ بہ تنھنجي پٺ نہ ٿو ڇڏيان. جانور، جن کي انسان جيترو عقلمند نٿو ليکيو وڃي ۽ جن ۾ احساس جو انگ گهٽ ٿو سمجهي، سي انسان جيان احسان فراموش نہ ٿا ٿين. انسان خود مطلبي ٿئي ٿو؛ ھو پنھنجي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ جيڪي کيس ڀائين ٿا تن سان دغا ڪرڻ کان بہ نٿو گسي. اھو انسان جي شان وٽان نہ آھي!“
سچل پنھنجي ڪئي تہ حد پشيمان ٿي رھي ھئي. ان کان وڌيڪ ٻيو ھوءَ ڪري بہ ڇا ٿي سگهي؟ ھن جي دل کي ڀاري چوٽ رسي. ھن ڪتي کي پاڻيءَ مان ڪڍي زمين تي رکيو، پوءِ پنھنجي پوتيءَ مان اڌ ڦاڙي، ان ۾ کيس ويڙھي، ٻانھن ۾ کڻي ھلڻ لڳي. رستي ۾ ھڪ کڏ ڏٺائين، جنھن ۾ ڪتي کي پورڻ جو خيال ڪري، جانور کي ٻانھن تان ھيٺ لاٿائين. بيجان جانور جي منھن تان ڪپڙو پري ڪري، سچل آخري دفعو سندس شڪل ڏٺي ۽ ڪيل پاپ جو پڇتاءُ ڪيو. سچل جي نيڻن مان ڪرندڙ گرم ڳوڙھن ھن جانور جي منھن کي پسائي ڇڏيو. ڪتي کي کڏ ۾ رکي ۽ سندس مٿان مٽي وجهي، سچل ھڪ دڙو ٺاھيو، پوءِ ان تي پاڻي ڇٽڪاري، مٽيءَ کي ڄمائي ڇڏيائين، جيئن قبر ڏسڻ ۾ اچي.
ڀريل دل سان سچل قبر کي الوداع ڪري واپس وري ٿورا قدم کڻي، ھڪ وڻ جي ڇانو ھيٺ ٿي ويٺي. ھوءَ خيال ڪرڻ لڳي تہ ڪيڏانھن وڃان. وري ڪنڊياري وڃڻ کيس ٺيڪ نہ ٿي لڳو. پير مھدي شاھہ موٽڻ جو ارادو ڪري اوڏانھن رواني ٿي- جانور جي موت جو سندس دل تي ايترو تہ اونھو اثر ٿيو، جو ڪيترن ڏينھن تائين، گهٽين ۽ رستن تان لنگهندي، ساڄو ھٿ پنھنجي گوڏي تي ھڻي، ٻانھن اڳيان ڊگهيڙي، ٻچڪار ڏيئي، سچل ھٿ ائين ڪندي ھئي، ڄڻ تہ ڪتي کي مانيءَ ٽڪر ٿي آڇيائين. سچل جي خيال ۾ ڪتو گهر ڪري ويو. ھوءَ متوالن جيان پيئي رلندي پنندي ھئي. سندس بدن پراڻن ۽ ميرن ڪپڙن ۾ ڍڪيل رھندو ھو. ھن لاءِ دنيا ۾ ھينئر ڪوبہ وسيلو نہ ھو. ھن کي کاڌي پيتي جي ڪابہ پرواھہ نہ رھندي ھئي. جنھن بک کانئس ھڪ بيگناھہ ۽ پياري جانور جو خون ڪرايو، ان بک ھينئر کيس ستائڻ بس ڪيو. انساني زندگيءَ جي اھائي تہ ارمان جوڳي حقيقت آھي، تہ جنھن چيز خاطر ماڻھو پاپ ڪري ٿو، ان چيز جي تمنا، پاپ جي ڪم ٿيڻ بعد، کيس بلڪل نہ ٿي ستائي. ڪيل پاپ جي يادگيري ۽ خوف ھن جي اھا خواھش ناس ڪريو ڇڏين.