22
ڏک خواه سک گڏجي انسان وٽ اچن ٿا ۽ ھرھڪ ٻئي ۾ لڙندا رھن ٿا. جڏھن ڏک جي سک تي جيت ٿئي ٿي، تڏھن انسان ڏکي ٿئي ٿو؛ ۽ جنھن وقت وري سک ڏک تي فتح پائي ٿو، تنھن وقت چوي ٿو ”مان سکي آھيان“ پر انسان کي اھو ياد نٿو رھي تہ جڏھن پاڻ سکي آھي، تڏھن ڏک بہ سندس ڀرسان ڦيرا پائي رھيو آھي.
پاڻ کي ساندھہ حميد جي ڀرسان ڏسي جنت ائين محسوس ڪرڻ لڳي تہ سندس ھيترن ڏينھن جو خواب آخر سچو نڪتو ھو ۽ جنھن جي اميد ھيس سو پورو ٿيو ھو. ماضيءَ کي وساري ھوءَ حال ۾ پاڻ کي سکي سمجهڻ لڳي. پر جنت کي ڪھڙي ڄاڻ تہ جيڪڏھن سک انسان جي منھن تي ناچ ڪري کيس کلائي ۽ خوش ڪري ٿو، تہ ڏک بہ سندس وھاڻي ھيٺان ليئو پائي ھن جي ڪن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪري رھيو آھي تہ ”ڄاڻ منھنجو وارو بہ آيو.“ دنيا ۾ ماڻھو اڪثر ائين چون ٿا تہ خوشي غم کان بھتر آھي. ڪي اھڙا جزوي انسان بہ لڀندا، جن جو چوڻ آھي تہ غم جو درجو خوشيءَ کان مٿي آھي. مگر حقيقت اھا آھي تہ ھن زندگيءَ جي تارازيءَ ۾ غم ۽ خوشي ٻہ پڙ آھن. جڏھن سونارو تارازيءَ کي ھٿ ۾ جهلي چاندي ۽ سون توريندو آھي، تڏھن ٻيئي پڙ گڏ چرندا آھن. ڳورو پڙ ھيٺ ويندو آھي، ليڪن ان جي ھيٺ وڃڻ سان ٻيو پڙ مٿي وڃي ٿو. ساڳيءَ ريت غم ۽ خوشي بہ آھن، ھڪ پڙ ٻئي کان الڳ نہ آھي. ھڪ ئي ڪاني ٻنھي کي ڳنڍي ٿي.
ھڪ دفعي حميد ڍڪ جي ٻاھران موڙي تي ويٺو ھو. ھٿ ۾ ھڪ ڪاغذ ٽڪرو ھوس، جو پئي پڙھيائين ۽ سندس اڳيان ھڪ غريب عورت عاجز اکيون کڻي بيٺي ھئي. پنو، جو ان عورت کيس ڏنو ھو، تنھن ۾ ھيٺينءَ ريت لکيل ھو:
”ھيءَ مسڪين عورت ٻوڏن جي ستايل بدنصيبن مان ھڪ آھي. ھن کي ڪوبہ سنڀالڻ وارو ڪونھي ۽ جنھن کان پڄي سو کيس وت آھر مدد ڪري. ھيءَ سچي گهرجائو آھي ۽ جيڪو بہ ھن کي کاڌي لاءِ پيسو خواھہ انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو، سو وڏو ثواب جو ڪم ڪندو. ڌڻي ڏئي ٿو ڏيڻ لاءِ. ٻئي جو خير ڪري انسان پنھنجي خير جو پايو وجهي ٿو.“
حميد جون اکيون ڪاغذ ۾ ھيون تہ عورت جا نيڻ وري حميد ۾ ھئا. چڱيءَ طرح پئي ڍڪ منشيءَ کي جاچيائين. حميد پنو پڙھي، جيئن کيسي ۾ پئسن ڪڍڻ لاءِ ھٿ وڌو، تيئن ان عورت رڙ ڪري چيو، ”حميد!“
”تون مون کي ڪين سڃاڻين؟“ حميد تعجب وچان سامھون بيٺل عورت ڏي نھاري پڇيو.
”تڏھن تون سچ پچ حميد آھين؟“
”ھا.“
”مان تنھنجي ماءُ آھيان.“
حميد موڙي تان اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين، ”منھنجي ماءُ تہ مون کي ڄڻي مري ويئي.“
”مون توکي پاليو.“
”مون کي جنھن پاليو تنھن جو نالو سچل آھي.“
”مان سچل آھيان.“
حميد گهور ڪري سچل جي منھن ۾ نھارڻ لڳو، جو منھن اڳي کان گهڻو ڦري ويو ھوس، ۽ پھرين تہ سڃاڻڻ ۾ ئي نٿي آيو. ٻيئي ماٺ ۾ ھڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا. سچل جو مغز ٺڪاڻي اچي ويو. گذريل زماني وارو نظارو ھن جي اکين اڳيان اچڻ لڳو. ٿر مان ڏڪار وقت ڀڄي نڪرڻ، اھا رات جڏھن حميد ڄائو ۽ حياتان جو موت ٿيو، سندس دادن ۽ حميد کي ھڪ ئي ھندوري ۾ لوڏڻ، مڱڻھار جي بيماري، مڱڻھار جي مرڻ وقت سچل جي شڪر گذاري بجا آڻڻ ۽ حميد جي پيءُ کي دلداري ڏيڻ تہ مان سچل جو ٿورو لاھيندس: اھي سڀ واقعا تڪڙو تڪڙو پئي ياد آيس. جيئن وگيان جا ڄاڻو فوت ٿيلن سان سندس مائٽن کي ملاقات ڪرائيندا آھن. تيئن سچل، حياتان ۽ سندس ڀتار پيروءَ کي ڏسي ۽ ساڻن ڳالھائي رھي ھئي. خيال ۾ ڪيڏي نہ طاقت آھي! خيال، بنا جسماني تبديليءَ جي، انسان کي ھڪ ھنڌ کڻي ٻئي ھنڌ پھچائي ٿو.
حميد پنھنجون ٻيئي ٻانھون سچل جي ڳچيءَ ۾ وجهي کيس چنبڙي پيو. سچل بہ حميد کي ڀاڪر پاتو. ٻيئي ڪن گهڙين تائين ھڪٻئي جي ٻانھن ۾ قابو ھئا. سچل جي گدلي جسم مان رکي رکي اڻ سھندڙ بدبوءِ پئي آئي، پر حميد کي ان جي پرواھہ نہ رھي. ھن سچل کي ھٿ کان وٺي کٽ تي ويھاريو ۽ پاڻ ساڳي موڙي تي ٿي ويٺو.
”امان! تنھنجا حال ڪھڙا ٿيا آھن؟ حميد ظاھر ڪيو.
”امان!“ سچل خوشيءَ ۾ چيو، ”ان لفظ ٻڌڻ لاءِ تہ ھيل تائين مان جيئري رھي آھيان. دادن جو تہ پتو ئي ڪونھي. جيئن اسان وٽان تو وٽ آيو، تيئن وري سندس شڪل ڪانہ ڏٺي اٿم.“
”۽ ادو بخشڻ ڪٿي آھي؟“
”ان کي ﷲ پاڻ وٽ گهرائي ورتو.“ سچل نيڻن مان نير ھارندي وراڻيو.
سچل کي ڳوڙھا ڳاڙيندو ڏسي حميد سندس نزديڪ کٽ تي ٿي ويٺو ۽ دلداري ڏيندي چيائينس، ”مان جو زندھہ ويٺو آھيان مان توکي پاڻ کان اصل جدا نہ ڪندس. مون تنھنجي ٿڃ ورتي آھي؛ تو مون ۽ دادن کي ٻن جاڙن ڀائرن جيئان پاليو آھي؛ تون منھنجي ماءُ آھين. ابي مرڻ مھل جي لفظ واتان ڪڍيا ھئا سي مون کان وسري ڪونہ ويا آھن. دنيا ڇڏڻ وقت ھن جڏھن توکي چيو، ”مان تنھنجو ٿورو ڪيئن لاھيان!“ تہ مون اوڏيءَ مھل وراڻي ڏني، ”ابا مان لاھيندس.“ توکي ھن محتاجيءَ جي حالت ۾ ڏسي مون کي ڪيل انجام ياد آيو آھي. منھنجو گهر تنھنجو گهر آھي. پٽ ويٺو سڻڀو ٽڪر کائي، صفا ڪپڙا پھري ۽ سکي زندگي گذاري ۽ ماءُ بکئي پيٽ، فقيري لباس ۾، ڏک ڀري حياتي گهاري!“
ائين چئي حميد سچل کي پاڻ سان گهر وٺي آيو. جنت ۽ ماڻس حميد کي ھڪ ميرن ۽ پراڻن ڪپڙن ۾ ڍڪيل عورت سان گڏ ڏسي وائڙيون ٿي ويون.
”حميد، ھيءَ ڪير آھي؟“ جنت پڇيس.
”منھنجي ماءُ.“
”تنھنجي ماءُ ھن حالت ۾!! تو چيو تہ منھنجو ماءُ پيءُ حيات ڪونھن!“
اتي حميد جنت کي پنھنجيءَ اوائلي حياتيءَ جو سمورو احوال ٻڌايو. جنت جي چھري تي عجب جي لھر نظر اچڻ لڳي. پوءِ حميد جي چوڻ موجب جنت ماءُ جا ڪپڙا ڪڍي سچل کي ڏنا، جنھن ڪيترن ڏينھن بعد اڄ پنھنجو بدن صاف ڪپڙن ۾ ڍڪيو. پر ھن جي شڪل اھڙي تہ پيلي ٿي پئي ھئي، جو ڄڻ تہ منھن تي ھيڊ ھاري پيئي ھيس. ڪيترن ڏينھن کان بخار ھلندو پئي آيس ۽ کنگهہ بہ چڱو ئي ٿي ستايس. بدن جي تمام ڏٻري ٿي ويئي ھئي. حميد کٽ تي بسترو وجهي کيس اتي ڪري سمھاريو.
جنت ۽ ماڻس کي ڏسي سچل کي دل ۾ ھر ھر خيال پيو اچي تہ حميد کان جيڪر پڇان تہ ھي ڪير آھن. آخر رات جي مھل جڏھن سڀ کائي سمھڻ جي تيارين ۾ ھئا، تڏھن سچل چيس، ”حميد؛ ھي ٻہ ڄڻيون ڪير آھن؟“
حميد سچل کي سموري حقيقت سڻائي ۽ اھو بہ ٻڌايائينس تہ پاڻ ۽ جنت جلدي شادي ڪرڻ وارا آھن. سچ چيو، ”جنت سڀاءَ جي سٻاجهڙي پيئي لڳي. شڪل جي بہ بيشڪ حسين آھي.“ اتي سچل کي کنگهہ ٿورو ھلاک ڪيو ۽ حميد کيس آرام ڪرڻ لاءِ چئي، اٿي کڙو ٿيو.
گهڻي وقت کان پوءِ سچل کي نرم بسترو نصيب ٿيو ھو. سخت زمين تي سمھي ھڏ ئي ڀڄي پيا ھئس؛ سو کيس جهٽ ننڊ کڻي ويئي. ٿڪ ننڊ جي قيمت آھي. جيترو ٿڪ گهڻو، تيتري ننڊ گهاٽي. جنت جي ماءُ حميد کي خلاصو ڏسي چيو، ”حميد شاديءَ جي باري ۾ ڪھڙو خيال اٿيئي؟“
جنت ان وقت ماءُ جي ڀرسان ويٺي ھئي. حميد اول جنت ڏي نھاريو ۽ پوءِ وراڻي ڏني، ”پھرين امان چاق ٿئي. ھھڙي خوشيءَ جي موقعي ۾ ھن جو شريڪ ٿيڻ بلڪل ضروري آھي. منھنجي پھر مان تہ ھوءَ ھڪڙي ئي آھي. ھن وقت ھوءَ تمام نٻل آھي؛ منجهس خوشي ڪرڻ جي سگهہ بہ ڪانھي. ٿورو پاڻ کڻي، تہ پوءِ ڏسنداسين. دليون تہ ھڪ آھن. باقي زماني کي راضي ڪرڻ لاءِ ظاھري پابندي پوري ڪرڻي آھي.“
”جماعت تہ ان پابنديءَ تي زور ٿي ڏئي.“ جنت جي ماءُ چيو.
”جنت، تون خاموش ويٺي آھين.“ حميد ڏانھس نھاري ظاھر ڪيو.
جنت وراڻيو، ”انصاف ٿيڻ جي اميد اٿم؛ ھروڀرو ڇو ڪڇان؟ ڳالھائبو آھي اڳلي کي دل جي حال کان واقف ڪرڻ لاءِ. اھو توکي اڳ ئي معلوم آھي، پوءِ وڌيڪ ڳالھائڻ مان فائدو؟ جنھن لاءِ مون کي تڪڙ ھئڻ کپي، تنھن لاءِ تون بہ گهٽ منتظر نہ ھئڻ گهرجين، ۽ جنھن مان مون کي نقصان آھي، تنھن مان توکي فائدو نہ پھچڻو آھي، پوءِ ڳالھائي ڇا ڪريان؟“
”تنھنجي انھيءَ چوڻ ۾ ذري ماتر بہ شڪ ڪونھي.“ حميد جواب ۾ چيو.
”ھيءَ ويچاري ٻيو ڇا چوندي.“ جنت جي ماءُ ڌيءُ ڏانھن اشارو ڪندي ظاھر ڪيو ۽ چيائين، ”ڇوڪريون تہ ھونئن ئي بہ لڄاريون ٿين ٿيون.“
”سڀاڻي امان سان صلاح ڪنداسون.“ حميد وراڻيو پوءِ ٽيئي وڃي آرامي ٿيا.