ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

14

دادن محبت ۾ دلشڪستو ٿي، گهانگهرن جي ڳوٺ کان ڪنڊياري طرف ويندڙ رستي تان پئي ويو. ڪپڙن جي ھڙ ساڄي ڪلھي ۾ پئي لٽڪيس. سندس منھن جي اڀياس مان ظاھر ٿي ٿيو تہ، پاڻ ان خلاصيءَ جيان ھو، جو سخت طوفان سبب وچ سمنڊ ۾ طرف ڀلجي پيو ھجي ۽ چؤطرف سواءِ انڌاري جي، ڪي بہ نظر نہ ايندو ھجيس. دادن جي منجهيل من جي شاھدي سندس چھري مان پئي ملي، ۽ پاڻ ان منجهيل خلاصيءَ جيان آسپاس روشنيءَ ۾ مدد لاءِ نھارڻ لڳو. دادن تہ دل ڏاڍي ڪري جنت کي ڇڏي ھليو آيو، پر جنت جا خيال ڪٿان ٿا کيس ڇڏين! اھي دادن جي پٺيان سندس پاڇي جيان پئي ڦريا. اڌ رات جو دادن گهانگهرا ڇڏيا ھئا ۽ سج کڙڻ سان اچي ڪنڊياري ۾ پھتو. پڇائيندو پڇائيندو وڃي مسافر خانو ڳولي ڪڍيائين. ٻھراڙيءَ جي مسافرخانن جيان اھا جاءِ بہ پراڻي ھئي. مسافرن جي ڳالھائڻ مان معلوم ٿيس تہ ماڻھن گهڻائي دفعا پڪاريو ھو تہ مسافرخاني جي مرمت ٿيڻ کپي پر اختياريءَ وارن ان تي ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو ھو. دادن ڏٺو تہ کانئس اڳ بہ ڪيترائي اجهي يا آرام جي خيال کان اتي لٿا پيا ھئا. پاڻ ورانڊي ۾ ھڪ خالي کٽ تي ڪپڙن جي ھڙ مٿي کان رکي، سمھي پيو. ٻيا ننڊ مان اٿيا ٿي تہ ھن سمھڻ جي تياري پئي ڪئي. رات جو اوجاڳي سبب ۽ ساندھہ پنڌ ڪرڻ ڪري اوڏيءَ مھل اک لڳي ويس. ٻيا مسافر تہ ڪم سان آيا ھئا ۽ کين ڪم لاھي واپس ورڻو ھو؛ مگر دادن جي تہ حالت ئي ٻي ھئي. پنھنجي آئيندي جو ھن کي ڪوبہ خيال ڪونہ ھو. دادن لاءِ ڏينھن ۽ رات ھڪ ھئا. ھو پاڻ سان زخميل دل کڻي آيو ھو ۽ ماٺ ئي ماٺ ۾ سور پيئڻ چاھيائين ٿي. دادن جي دل ان حالت ۾ ھئي جنھن جو، ٻين سان ڳالھائڻ ۾ چاھہ نہ لڳندو آھي.
ننڊ ڪري اٿيو تہ ٿوري بک محسوس ڪيائين. گهانگهرن مان ڪجهہ پئسا بچائي آيو ھو؛ بازار ۾ ويو ۽ ٻہ ٽي آنا خرچي پيٽ ڀريائين. بازار ۾ کيس ھڪ ماڻھو گڏيو، جنھن کي ھٿ ۾ ڇپيل پنن جو بنڊل ھو ۽ اھي پنا جيڪي گڏيس ٿي، تن کي ڏيندو پئي ويو. دادن کي بہ ھڪ پنو مليو جنھن ۾ ھيٺينءَ ريت لکيل ھو:
”ڪنڊياري واسين لاءِ سونو موقعو!“
”جادوءَ جي استاد جا تجربا ڏسو ۽ پنھنجي نصيب کان واقف ٿيو!“
”ٻن ڏينھن لاءِ ڪنڊياري ۾ مشھور جادوگر ۽ نجومي آيو آھي- ھن جا ڪارناما حيرت انگيز آھن. ھو لفافي ۾ بند ٿيل سوالن جا جواب بنا لفافي کولڻ جي ڏئي ٿو. عام ماڻھن کي ھن جي علم جو فائدو وٺڻ کپي. ھرھڪ سوالن جي جواب لاءِ چار آنا ورتا ويندا. شام جو ڇھين بجي سنڌي اسڪول جي ٻاھران ميدان ۾ لڳل تنبوءَ ۾ نجومي پنھنجين ڪرامتن کان ماڻھن کي واقف ڪندو.“
اشتھار ساري ڳوٺ ۾ ورھايا ويا ھئا. ماڻھن پنجين بجي کان اڳ اچڻ شروع ڪيو ۽ جادوگر جي اچڻ تائين منو تنبو تہ ڀرجي ويو. حاضرينن ۾ دادن بہ ھو. نجومي، جو جادوءَ ۾ بہ قابل ھو، ماڻھن کي خوب وندرايو. ھر ھر تاڙين جو ڦھڪو پئي پيو.
پڇاڙيءَ ۾ ماڻھن سوال پڇڻ شروع ڪيا. سڀيئي لفافا بند ڪري نجوميءَ جي اڳيان پيل ميز تي رکي آيا. ھر ڪنھن کي چيو ويو تہ، لفافي تي يا تہ پنھنجو نالو لکي يا ڪا نشاني ڪري. نجومي ھڪ ھڪ لفافو ھٿ ۾ کڻي، بنا کولڻ جي، اندر لکيل سوال جو جواب ڏيڻ لڳو. دادن جو وارو بہ آيو. سوال ھو ”مون محبت ۾ شڪست کاڌي آھي، منھنجو آئيندو ڇا ٿو ڏيکاري؟“ نجوميءَ جواب ۾ چيو، ”تون ساري عمر ڇڙو ڇانڊ رھندين. جيڪي ھينئر تنھنجي دل گهري ٿي سو ڪجهہ وقت بعد ملندءِ. ليڪن تنھنجا خيال تنھن مھل ھينئر کان گهڻو ڦريل ھوندا. اھو ڦيرو ھينئر اچڻ شروع ٿيندءِ.“
نجوميءَ جي لفظن دادن جي ڀٽڪندڙ دل کي ڪافي ڏڍ تہ ڏنو، پر ساڳئي وقت خيال ۾ پڻ وڌو. ھو دل ۾ چوڻ لڳو، ”جنت مون کي ملندي!“
مسافرخاني ۾ موٽي دادن اھا ئي کٽ اچي وسائي. بتين ٻرڻ مھل ٺارو شاھہ(16) مان ھڪ ڄڃ اچي اتي لٿي، جنھن سان گڏ دھلاري ۽ شرنائي وارا پڻ ھئا. مڱڻھارن جي راڳن ۽ سازن مسافر خاني ۾ موج ڪري ڏني. دادن جي دل بہ وندري پيئي ھئي. رات جو جڏھن ھرڪو وڃي آرامي ٿيو، تڏھن دادن ڀرسان سمھيل ھڪ نوجوان سان، جو مڱڻھارن جي ٽوليءَ مان ھو، پئي گفتگو ڪئي. شام جو دادن ھن جوان جو رس ڀريو راڳ ٻڌو ھو. ٻئي ڄڻا ھڪ ٻئي کان حال احوال وٺڻ لڳا. ڳالھين ڪندي دادن کيس پنھنجيءَ حياتيءَ کان واقف ڪيو ۽ اھو بہ ٻڌايائينس تہ پاڻ ڪيئن دنيا مان کٽو ٿي، گهر ڇڏي نڪري پيو ھو. ھنن جي گفتگوءَ جو آواز نزديڪ پيل کٽ تي سمھيل ھڪ مولويءَ جي ڪنن تي پيو، جو سڀڪجهہ خيال سان ٻڌڻ لڳو دادن ھن نوجوان سان نجوميءَ جي ڪيل اڳڪٿيءَ جو ذڪر پڻ چوريو.
مولوي جنھن جي عمر پنجاھہ کان مٿي ھئي بلڪل نيڪ نيت شخص ھو. ھن پنھنجيءَ حياتيءَ ۾ ڪيترن ئي ڀليلن کي راھہ راست ڏيکاري ھئي. دادن کي ھن انھن گمراھہ ٿيل انسانن مان سمجهيو، جن کي سنئين دڳ تي آڻڻ ھروڀرو مشڪل نٿو ٿئي. مولوي صاحب پنھنجي حياتيءَ جا ڏينھن مذھب جي بھتريءَ ۾ صرف ڪيا ھئا. ھن ننڍي ھوندي ئي شاديءَ جو خيال لاٿو ھو، ڇاڪاڻ تہ سمجهيائين ٿي تہ ائين اسلام ۽ قوم جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهندس. مولوي صاحب حڪمت ۾ بہ ھوشيار ھو ۽ آسپاس جا ماڻھو کيس صلاح مصلحت لاءِ گهرائيندا ھئا.
صبح ٿيو. مولوي دادن کي پاڻ ڏانھن سڏيو ۽ کيس ٻڌايائين تہ پاڻ ڪيئن سندس گذريل رات واري گفتگو ٻڌي ھئائين. ”جيڪي جوانيءَ ۾ دنيا مان نااميد ۽ بيزار ٿين ٿا سي گهڻو ڪري عشق ۾ ھار کائڻ ڪري ائين ٿا ٿين،“ مولويءَ دادن کي مخاطب ٿي چيو ۽ دلداريءَ وچان سندس ڪلھي تي پنھنجو ھٿ رکي چيائينس، ”محبت انسان کي محبت کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نٿي ڏيئي.“
پر محبت انسان مان محبت بنا ٻيءَ ڪنھن چيز جي اميد بہ نٿي رکي! دادن ظاھر ڪيو ۽ جواب لاءِ مولويءَ ڏي انتظاريءَ وچان نھارڻ لڳو.
”مگر محبت تي قبضو ڪري نٿو سگهجي.“ مولويءَ وراڻيو، ۽ گفتگوءَ جو سلسلو جاري رکندي چيائين، ”تو محبت تي قبضو ڪرڻ چاھيو ٿي ۽ ھار کائڻي پيئي. محبت قبضو ڪري ٿي، ليڪن پاڻ تي قبضو ٿيڻ نٿي ڏئي... اھو ويچار ڪڏھن بہ دل ۾ نہ آڻ تہ تون محبت جي پرخار واديءَ ۾ رھنمائي ڪري سگهندين. محبت توکي راھہ ڏيکاريندي، بشرطيڪ محبت توکي ان جي قابل سمجهي.“
”ھمراھہ جي گهرج تہ ھرڪو محسوس ڪري ٿو.“
”دنيا ۾ انسان آيو بہ اڪيلو آھي ۽ کيس آخر رھڻو بہ اڪيلو ئي آھي. نجوميءَ بہ تہ چوين ٿو تہ ائين ئي ٻڌايو اٿيئي، جيتوڻيڪ منھنجو نجومت ۾ ايمان ڪونھي. دنيوي ھمراھہ مڙيئي عارضي آھن. منھنجو ھمراھہ تہ خدا آھي. ان کان بھتر ھمراھي ٻيو ڪھڙو ٿي ٿو سگهي؟ تون بہ ان جي ھمراھي چاھہ“ دادن کي ماٺ ڏسي، ھن وڌيڪ چيو، ”محبت قيد کان پاڻ کي آزاد رک. تو پاڻ کي ان جو باندي بڻايو ٿو ڏسجين.“
”مان ان بنديخاني کان آزاد ٿيڻ جي ئي تہ ڪوشش ۾ آھيان.“
”ماڻھو جنھن لاءِ ڪوشش ڪري ٿو، تنھن ۾ ھروڀرو فتحياب نٿو ٿئي. فتحيابي ڏيڻ تہ ڌڻيءَ جي ھٿ آھي.“
”انسان جي دل سچي آھي تہ قدرت ھن جي ضرور مددگار ٿئي ٿي.“
”قدرت مون کي تنھنجي مدد لاءِ موڪليو آھي.“
”تہ مان توھان جي پيروي ڪرڻ لاءِ تيار آھيان،“ دادن بنا اٽڪ جي چئي ڏنو.
”مون سان گڏجي ھلندين؟“ مولويءَ خوش ٿي پڇيس ”ھا“.
”ڪيڏانھن؟“
”جيڏانھن وٺي ھلندا تيڏانھن“.
شاديءَ پوري ٿيڻ بعد مولوي دادن کي ساڻ ڪري ٺارو شاھہ موٽيو ۽ کيس پاڻ سان گڏ مسجد ۾ رھايائين. ماڻھوءَ جي چؤگرد جو وايومنڊل ٿئي ٿو، تنھن جو مٿس جهجهو ئي اثر ٿو ٿئي.