4
مريض گهڙيءَ اٿي ٿي ويٺو تہ گهڙيءَ سمھيو پئي، رات جا ساڍا ڏھہ ٿيا ھئا. مڪان ۾ ٻہ ڪوٺيون ھيون. جنھن ڪمري ۾ مڱڻھار جي کٽ پيل ھئي، سو ڀر واري ڪمري کان ٿورو سوڙھو ھو. سياري ھئڻ سبب ڪاٺين جو ڍير پئي ٻريو، تہ جيئن ڪوٺي گرم رھي. ڪاٺين جي باھہ مان دونھون ٿي نڪتو، تنھن بيمار کي ساھہ کڻڻ ۾ تڪليف پئي ڏني، ٿڌيءَ ھوا کي اندر اچڻ کان روڪڻ لاءِ درين کي ڦاٽل ڳوڻين جا ٽڪر ڏنل ھئا. پيروءَ جي مٿن کان ھڪ سادي ڪاٺ جي اسٽول تي دوا جو شيشو ۽ جست جو خالي ڪٽورو رکيل پئي نظر آيا.
کٽ جي پيرانديءَ کان پيروءَ جي عمر جيڏو ھڪ ماڻھو ويٺو ھو، جنھن گنڀير نوع ۾ مريض طرف پئي نھاريو ۽ ھيٺ زمين تي ھڪ پيل منجيءَ تي ھڪ عورت ويٺي ھئي، جا ھن ماڻھوءَ جي زال ٿي ڏٺي. ھن ماڻھوءَ مڱڻھار جي گوڏي تي ھٿ رکي چيو، ”اکيون بند ڪري ٿورو آرام ڪر. حڪيم جو چوڻ آھي تہ، ڳالھائڻ توکي وڌيڪ ضعيف ڪندو.“
”بخشڻ، سيني ۾ سخت ساڙو اٿم. سنڌن جي سور ۽ سھڪي مون کي بي آرام ڪري ڇڏيو آھي. ھھڙي جيئڻ کان موت صدبار بھتر آھي، نہ ٿيو آھيان ڏھڻ جو نہ ڪھڻ جو.“ پيروءَ وراڻيو، ۽ سلسلو جاري رکندي چيائين، ”منھنجي پھرين خبرداري ڪانہ ڪيو. منڍ ۾ برابر سنڀال ٿئي ھا، تہ ھن حالت کي نہ رسان... پر ان ۾ توھان جو ڪھڙو قصور! اسين غريب آھيون، حڪيم پيسي جي طلب ڪئي ۽ اسان وٽ گهربل رقم موجود نہ ھئي... سگهو کائي ان، اگهو کائي ڌن... دک ۽ بيماريون بہ ڌڻيءَ غريبن لاءِ خلقيا آھن.“ اتي مريض جي نظر وڃي سامھون جاري ۾ پيل ڀڳل شرنائيءَ تي پيئي ۽ اکين ۾ آب اچي ويس. بخشڻ ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”ڀڳل شرنائي مون کي پنھنجي ڪريل جسم جي يادگيري ڏياري ٿي. شرنائي نڪمي ٿي پيئي آھي، تہ ان جو وڄائيندڙ بہ بيڪار، بستري تي پيو ٿو پاسا ورائي. شرنائيءَ جو آواز بند ٿي ويو تہ منھنجو بہ اچي بند ٿيڻ تي بيٺو آھي.“
”پيرو، تون پاڻ کي بيسود بيقرار ڪري رھيو آھين. ان نموني تون پنھنجي صحت بگاڙيندين.“ بخشڻ سمجهاڻي ڏيندي چيس.
ايتري ۾ دروازي تي کڙڪو ٿيو. پيروءَ جي ڪن تي آواز پيو ۽ ھن چيو، ”حميد اچي ويو!“ بخشڻ تڪڙو دروازو کوليو، حميد اندر گهڙي پڇيو، ”ابو ڪيئن آھي؟“
”اڃا تہ اھائي حالت اٿس.“
اٺ تان سامان جي خرزين لاھي، اوٺيءَ کي ڀاڙو ڏيئي، حميد سڌو پيءُ واري ڪمري ۾ ويو، پيروءَ کيس اندر گهڙندو ڏسي، مايوسي مشڪ سان چيو، ”حميد، مرڻينگ پيءُ کان موڪلائڻ آيو آھين.“
پيءُ جي بيقراري پسي، حميد دلي جهلي نہ سگهيو، پيروءَ جا درديلا لفظ اندر ۾ گهڙي ويس. ھن جون اکيون ڀرجي آيون. ھو پاڻ کان پڇڻ لڳو، ”مان پيءُ کي الوداع ڪرڻ آيو آھيان؟ منھنجي ساڻس ھيءَ آخري ملاقات آھي؟“
پٽ کي پنھنجي ويجهو ساڳيءَ کٽ تي ويٺل ڏسي، پيروءَ جي ڏٻري جسم ۾ ڄڻ تہ نئون ساھہ پوڻ لڳو؛ منھن ۾ پاڻي اچڻ لڳس. وھاڻي کي، جنھن مان ڪپھہ ٻاھر پئي نڪتي، ٻانھن سان سيري، مڱڻھار جيئن اٿڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، تيئن حميد چيلھہ ۾ ھٿ وجهي سنئون ڪري ويھاريس.
”ابا ڪجهہ فرحت محسوس ڪريو ٿا؟“ حميد پھريون سوال پيءُ کان پڇيو.
پيروءَ وراڻيو، ”مان ڏاڍو تنگ ٿيو آھيان. جيئن وڻيو تيئن منھنجو خاتمو آڻيو. ثواب جو ڪم ڪريو، توھين مون مان ڇٽندا، مون کي دنيا مان ڇوٽڪارو ملندو.“
حميد ھڪ ٽِڪ پيءُ جي منھن ۾ ڏسندو رھيو، بخشڻ چيو، ”دوا جو وقت ٿيو آھي.“ حميد دوا جو وزن ڪٽوري ۾ وڌو تہ پيروءَ بيزاريءَ وچان چيو، ”دوا تہ منھنجا آنڊا ئي جلائي ڇڏيا آھن، دوا جو شيشو ڀڃي ڇو نٿا ڇڏيو؟ منھنجي زندگيءَ جا ڏھاڙا اچي پوري ٿيڻ تي بيٺا آھن. حميد جي ماءُ مون کي پاڻ ڏانھن سڏي رھي آھي.“
حميد دلداري ڏيئي چيو، ”ابا، دل ڇو لاٿي اٿو؟“ حڪيم چوي ٿو تہ، خطرو ڪونھي.
”حميد! ڪچي گهڙي ۾ پاڻي گهڻو وقت رھندو؟ ”لڳو واءُ، ويو ساھہ. ساھہ تي ڪھڙو آھي ويساھہ!“
پيروءَ جي سرد پڪارن ويٺلن کي انسان جي جسماني ڪمزوريءَ جي يادگيري پئي ڏياري، مڱڻھار کاڌو صفا ڇڏي ڏنو ھو، جنھن تہ ھيڪاري نٻل ڪري ڇڏيو ھوس. ٻن ڏينھن کان پاڻي بہ اندر نہ ٿي ٽڪيس ۽ آت ڏيئي ڪڍي پئي ڇڏيائين.
بخشڻ رکي رکي مريض جي منھن ۾ گهور ڪري پئي ڏٺو، ھڪ ڀيرو مڱڻھار جون اکيون بخشڻ جي اکين سان مليون ۽ ھن چيو، ”بيمار جسم، ماڻھوءَ جي دل کي بيمار ڪري ٿو... بخشڻ، منھنجو دنيا مان موھہ صفا نڪري ويو آھي... ڪرئي کان پوءِ ماڻھوءَ جو ڪير ڪونھي.“
ڪمري ۾ سن سناٽ ڇانيل ھئي. پيروءَ حميد جو ھٿ وٺي بخشڻ جي ھٿ ۾ ڏنو ۽ درد ڀرئي آواز ۾ چيائين، ”دوست، حميد پر تو اٿيئي؛ حياتان جي مون وٽ اھائي ھڪ نشاني آھي، جنھن کي ڏسي پئي ھليس“ ۽ سچل طرف نھاري جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”تنھنجو ٿورو مان ڪيئن لاھيان؟“
”ابا، مان لاھيندس.“ حميد وراڻي ڏني.
پيروءَ جون اکيون جر ھاري رھيون ھيون. ھن ڳالھايو ڪونہ ليڪن سندس دل جو راز لڪل ڪين ھو.
آچر جو ڏينھن ھو، سج لھڻ ۾ باقي پندرھن يا ويھن منٽن جي دير ھئي. بخشڻ ۽ حميد ڪوڏر سان مقام ۾ قبر پئي کوٽي. مڱڻھار ھن فاني جھان مان چالاڻو ڪري چڪو ھو ۽ سندس جنازي کي دفن ڪرڻ لاءِ ھي ٻہ ڄڻا جڳھہ ٺاھي رھيا ھئا.
موت پيدا ڪري، خالق مخلوقات لاءِ پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو. دنيا جي ڪشٽن کان بيزار ٿي، انسان گهڻائي دفعا موت کي سڏ ڪري ٿو، موت نہ ھجي تہ ڪير انسان جا سڏ اونائي! ڪير ھن جي سورن جي پڄاڻي آڻي؟ موت بعضي چورن ۽ ڊاڪن جيان، بنا چتاءَ جي، اچيو ماڻھن تي حملو ڪري تہ، بعضي انسان جي جسماني قلعي کي ڪجهہ مدت تائين گهيرو ڪندو رھي ٿو، جيسين ان تي سوڀ پائي.