ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

5

قضئي بعد جيسين پٿر کڄي، تيسين بخشڻ جي گهر واري سچل، ڏينھن جو گهڻو حصو حميد وٽ گذاريندي ھئي ۽ رات جو سمھندي پڻ اتي ھئي. مڱڻھار جي چالاڻي حميد جي دل کي گهڻي ئي چوٽ رسائي؛ مگر بخشڻ ھن لاءِ وڏو ڏڍ ھو. حميد کي ملول پسي، بخشڻ ۽ سندس گهر واري دلاسو ڏيندا ھئس. پيروءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جلدي ھڪ ڏينھن بخشڻ حميد کي گهر جي ٻاھران گهٽيءَ ۾ پاسيرو روئندي ڏٺو. بخشڻ وڌي سندس ويجهو ويو ۽ حميد جي ساڄي ڪلھي تي ھٿ رکي چيائينس، ”حميد دل ڏاڍي ڪر. ڪچي ۽ پڪي گهڙي جي وچ ۾ تفاوت سڃاڻ. پڪو گهڙو پاڻي چھندو پر گهڙي کي نقصان نہ رسائيندو، مگر ڪچي گهڙي ۾ پاڻي وجهہ تہ پاڻي ان کي ڳاري ڇڏيندو. ڇو؟ پڪو گهڙو باھہ مان لنگهيو آھي، مگر اھو آزمودو ڪچي گهڙي کي نہ مليو آھي. جيڪو انسان دنيا جي باھہ مان نہ لنگهيو آھي سو، ڪچي گهڙي جيان آھي!“ حميد اکين مان پاڻي اگهندي چيو، ”پر ھڪ سير واري ٿانو ۾ چار سير کير جا ڪيئن ماپيندا؟“ ”ڏکن کي سانڍڻ لاءِ جسم جي درڪار نہ آھي؛ ھتي دل جي درڪار آھي ۽ دل جي ايراضي ڪنھن ڄاتي آھي؟ انسان جي دل اٿاھہ آھي.“ بخشڻ وراڻيو ۽ سندس دلداريءَ حميد جي ڪمزور دل ۾ اِھا طاقت پيدا ڪئي، جو ھو غم جو بوجو صبر سان سھڻ لڳو.
بخشڻ ۽ مرحوم مڱڻھار جي وچ ۾ جو ناتو ھو، تنھن جو ھتي ذڪر ڪرڻ جڳائي، مٿي ٻڌايو ويو آھي تہ سن 1900ع ۾ ٿر ۾ ڏڪار پوڻ سبب پيرو ھڪ دوست سان گڏ پير مھدي شاھہ جي ڳوٺ ۾ اچي لڏي ويٺو. ان دوست جو نالو بخشڻ ھو، جو کٽيءَ جو ڪم ڪندو ھو. ڇاڇري ۾، جو ٿر جي چئن تعلقن مان ھڪ آھي، مڱڻھار ۽ بخشڻ پاڙيسري ھوندا ھئا، ٻنھي جي گهر وارين جو ھڪ ٻئي سان اچڻ وڃڻ جو رستو ھوندو ھو. پيروءَ کي ڪجهہ مال بہ ھوندو ھو. ھن کي ڪمائيءَ جا ٻہ وسيلا ھئا. ھڪڙو مڱڻھار جي پيشي مان، تہ ٻيو مال مان پيدا ٿيل مکڻ ۽ کير جي وڪري منجهان.
سن 1900ع واري ڏڪار ٿر ۾ مال جو بيحد نقصان ڪيو. ٿر ۾ جتي آباديءَ جو گهڻو مدار برسات جي پاڻيءَ تي رھي ٿو، مينھن نہ پوڻ ڪري گهڻي ئي گهمرا ڏڪار منھن ڪڍيو آھي؛ پر سن 1900ع واري ڏڪار جھڙي بربادي ڪڏھن بہ نہ ٿي آھي. ان کان اڳ ٿر جا رھاڪو ورلي ڪو پوک ڪندا ھئا، ھنن جي حياتيءَ جو مدار ھوندو ھو مال تي. ھو برسات لاءِ واجهائيندا آھن؛ ڇو تہ مال لاءِ چارو مليو، تہ ھو ڳوٺاڻو ڏاڍا خوش؛ پر 1900ع واري ڏڪار بعد، جنھن ۾ ڳئون ۽ ڍڳا جام مئا، ماڻھو آباديءَ کي لڳا ۽ زمين جي پوک ئي سندن گذران جو مکيہ طريقو ٿي.
پيروءَ جو مال بھ، سواءِ ھڪ ڍڳي جي، مري چڪو ھو. پھرين ڪجهہ مال بک جي وگهي مئو، پوءِ تہ وري مال ۾ اچي بيماري پيئي شام جو وقت ھو. پيروءَ جي گهر واريءَ حياتان، جنھن کي ڏھون مھينو شروع ٿيو ھو، ڀتار کي صلاح ڏني تہ ھتان نڪري ھلجي. پيرو پئي ٻڏو تريو، خاص ڪري جڏھن سندس زال جي ويم جا ڏينھن ويجها ھئا؛ مگر حياتان ھوڏ ٻڌي بيٺي. چؤطرف ماڻھن ۽ جانورن جا مردا ڏسي ھوءَ سھي نٿي سگهي. پيروءَ پنھنجي پاڙيسريءَ بخشڻ سان ڳالھہ ڪڍي، جنھن پڻ ساڻس گڏ ھلڻ جي مرضي ڏيکاري. ٻہ تہ ٻارنھن. ڍڳي کي گاڏيءَ ۾ ٻڌي پيروءَ حميد جي ماءُ ۽ سچل کي کڻي گاڏيءَ ۾ ويھاريو. بخشڻ جي پٽ دادن، کي ڄائي ڇھہ مھينا کن ٿيا ھئا. سامان کڻي بيل گاڏيءَ ۾ رکيائون. غريبن جا ٽپڙ ڪھڙا ٿا ٿين؟ ميان جي مڏي، ٻہ ڏندڻ ٽين تڏي.
سھايون راتيون ھئڻ سبب چنڊ بہ تارن سان گڏ آسمان ۾ ھو. ٻہ ٿري ڪرڙوڍ پنھنجن زالن ۽ ٻچن جي جانين بچائڻ لاءِ وطن جا وڻ ڇڏي نوابشاھہ ضلعي طرف لڙيا. ھو اڪيلا ڪين ھئا. رستي ۾ سندن جھڙا ستايل گهڻي ئي گڏين. غم ۽ خوشي تہ انسان جو ورثو آھي. گاڏيءَ ۾ ويٺلن مايوس مھانڊن ۾ مڱڻھار پنھنجي شرنائيءَ ۾ راڳ سان سرھائي پئي پيدا ڪئي. رکي رکي جڏھن مارئيءَ جا حبِ وطن وارا بيت، جن ۾ ھوءَ ٿريلي ساڻيھہ جي سڪ جا سوز ڀريا داستان بيان ڪري ٿي، ڳايائين ٿي، تڏھن تہ سڀني جي دلين ۾ گهاءُ ٿي پيدا ڪيائين ۽ کين تازو ڇڏيل ٿر جي يادگيري ڏياريائين ٿي. رات جو ھڪ ٿيو ھو. چنڊ بہ چڱو ئي مٿي چڙھي آيو ھو. حياتان کي ٿورا ٿورا سور اڀريا. انھي ئي خوف کان تہ متان رستي ۾ ويم ٿي پوي. پيروءَ ڇاڇري ڇڏڻ تي دل نہ ٿي ٻڌي. ھو ﷲ تي آسرو رکي ويٺو. ائين ئي پئي چيائين تہ ”ھاڻي جيڪا تو وڻي، مون تہ مٺايون ڪيون.“ تڪليف وڌندي رھي؛ سچل بہ مونجهاري ۾ پئجي ويئي. ھر ھر پئي حياتان کان پڇيائين. مگر صرف پڇڻ مان ڇا ٿي وريو! حياتان کي تہ ڇوٽڪاري جي گهرج ھئي. رستي ۾ دائي ڪٿان اچي!
حياتان ڏاڍي پيڙا ڏٺي. آخر پرھہ ڦٽي، تہ ٻار ڄائو. سچل رڙ ڪئي، ”گاڏيءَ کي جهليو.“ پيروءَ کي فرزند ڄائو. حياتان پٽ واري ٿي؛ ٻار ڏسي خوشي تہ ٿين؛ پر حياتان جي حالت خطري کان آجي ڪانہ ھئي. اڀ اکئين پئي ڏٺو. ضعيف تہ اڳيئي ڏاڍي ٿي ويئي ھئي، پر رات واريءَ تڪليف کيس آڻي پوين پساھن تي پھچايو. مڱڻھار کان پٽ وسري ويو؛ ھن کي اچي حياتان جي لڳي. پيرو ۽ حياتان فرزند لاءِ سڪيا ٿي. مالڪ پيروءَ کي پٽ ڏنو، پر اھو ڏيئي، حياتان کسي ورتائينس. حياتان پنھنجي حياتي ڏيئي پٽ ورتو، ھن پڇاڙيءَ ۾ ڳالھايو ڪونہ؛ منجهس ڪڇڻ جي سگهہ ڪانہ ھئي. ليڪن آخرين گهڙيون ھن ڄاول ٻار ڏانھن نھاري وري سچل طرف ڏٺو. ڄڻ تہ خاموش نگاھن سان سچل کي منٿ ٿي ڪيائين تہ ”ھيءُ ٻار تنھنجي آڌار ٿي ڇڏيان، جيئن دادن کي نپائين، تيئن ھن کي بہ پالجانءِ.“ سچيءَ سچل سانت ۾ ھن کي دلاسو ڏنو. سائين سڀ ساري، ڪونہ وساري.
حياتان جي بي جان جسم کي ڏسي، پيرو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ماڻھو دل جو ڪھڙو بہ کڻي مضبوط ھجي، مگر ھھڙا واقعا ھن جي ڇاتي ڇنيو ٿا ڇڏين. جنھن جي خاطر ٿر جا پکا ڇڏيائين، سا تہ راھہ رباني وٺي رمندي رھي. پيروءَ جي حياتيءَ جو مکيہ ٿنڀو ڪري پيو.
سچل، حياتان جي موت بعد سندس اولاد سان بيشڪ سچي رھي؛ ھن انسانيت جو فرض پاليو. حميد پھريون خواھہ پويون دفعو سچل جي ئي ٿڃ ورتي. دادن ۽ حميد ٻيئي گڏ پليا؛ ھڪ ئي ڇاتيءَ مان کير پيتائون. سچل پاڻ کي ٻن ٻارن جي ماءُ سمجهڻ لڳي، پنھنجي ۽ پرائي جو تفاوت بخشڻ ۽ سچل وٽ نہ رھيو. پيروءَ کي اکيون ھيون، سمجهہ ھئي؛ ھو سڀڪجهہ ڏسي ۽ سمجهي سگهيو ٿي. سچل جي دلي صداقت پيروءَ تي گهاٽو اثر ڪيو، ھن پروڙيو تہ جيڪي ھوند ماءُ پنھنجي اولاد لاءِ ڪري، سو سچل سندس حميد لاءِ ٿي ڪيو. بخشڻ ۽ پيروءَ جي وچ ۾ دوستاڻو ناتو پختو ٿي ويو؛ ھو پاڻ کي ھڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي سمجهندا ھئا. سچل ھڪ سوني زنجير ثابت ٿي، جنھن ٻن دوستن جي دلين کي مضبوطيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو، غريب گهرن جي عورتن ۾ بہ اعليٰ گڻ لڪل ٿين ٿا، جي موقعي ملڻ سان ظاھر ٿيو پون.
حميد جڏھن وڏو ٿيو ۽ سمجهہ ۾ آيو. تڏھن پڻس کيس سموري گذريل قصي کان واقف ڪيو ۽ ھن جي دل تي اھو اثر پيدا ڪيائين تہ، ھو سچل جو قرضي ھو. ڪنھن جو ڪڻو ٿو کائجي تہ، اھو بہ نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿو پوي، ھتي حياتيءَ جا ٿورا ھئا! اھڙيون مھربانيون ڪير وساريندو!!