ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

11

صبح جا يارھن ٿيا ھئا، آسمان ڪڪرن سان ڇانيو پيو ھو، برسات جا اھڃاڻ پئي نظر آيا. حميد پنھنجيءَ ڪوٺيءَ جي ٻاھران ورانڊي ۾ کٽ تي رکيل ھنڌ تي مٿو رکي، اکيون ٻوٽي ليٽيو پيو ھو تہ، سندس ڪنن تي آواز پيو، ”سائين منھنجي ڍڳي ڍڪ ۾ آھي؟“ اکيون کولي ڏسي تہ جنت سندس کٽ اڳيان ڳنڀير شڪل ڪري بيٺي آھي، حميد کان کل نڪري ويئي، حميد کلندو ڏسي، جنت چرچي ڪرڻ جي خيال کان ڄاڻي ٻجهي پاڻ کي وڌيڪ ڳنڀير ڪيو.
”مان آئي آھيان ڍڳيءَ جو پڇڻ ۽ تون مون تي ٺٺولي ڪري کلين ٿو. ڌارين ڇوڪرين سان اھا روش ٺيڪ نہ آھي.“ جنت مسخريءَ جي ارادي سان شوخ ٿي چيو، تہ ڄڻ تہ حميد سندس اڻ واقف ھو.
”مان تہ توسان کلندس پوءِ جنھن کي شڪايت ڏيڻي ھجي ئي، تنھن کي وڃي ڏي.“ حميد مشڪندي چيو.
”شڪايت!“ جنت چيو، ”حميد خلاف شڪايت! منھنجي لاغرضائيءَ سبب توکي گليلو لڳو، پوءِ تو ڪنھن کي شڪايت ڏني؟“ ائين چئي جنت کلندي پنھنجا ٻيئي ھٿ حميد جي ھٿن ۾ ڏنا.
”مان ڍڪ منشي شايد صرف تنھنجي ڪري ٿي آيو آھيان“.
”منھنجي ڪري ئي ڌڻيءَ توکي ھتي آندو... پر ٻڌاءِ تہ سھين زخم ۾ ڪجهہ فرحت محسوس ڪرين ٿو؟“
”صبح ساڻ ڪنھن حڪيم وٽ ويو ھوس، ان ملم لڳايو آھي. چيائين تہ ڦٽ کي مڙڻ ۾ ٻہ ٽي ڏينھن لڳندا. مون کي تہ خيال ڪونھي، لھي ويندو.“
”توکي تہ پاڻ ان زخم مان مزو ايندو ھوندو! جنت مشڪي پڇيو.
”سو ڪيئن؟“
”اھو زخم توکي جنت جي يادگيري ڏياريندو ھوندو.“ جنت ڪنڌ ھيٺ ڪري وراڻيو.
جنت جي انھن لفظن حميد جي اندر ۾ بجلي پيدا ڪئي. ھن جنت جي پرخمار نيڻن ۾ نھاريو ۽ چيائينس، ”مٺڙي جنت! جنت ھٿ ڪرڻ لاءِ ماڻھو ڪيترا نہ ڪشالا ڪڍي ٿو ۽ تڪليفون پاڻ تي ھموار ٿو ڪري. تو تہ مون کي زمين تي ئي جنت ۾ پير رکايو آھي. جيڪو تنھنجو نالو آھي، سائي تون آھين.“
مٿيان اکر دادن جي ڪنن تي پيا، جو ڍڪ طرف اچي رھيو ھو. ھو ڪجهہ وقت اڳ ٻاھر ڪم سان ويل ھو، جتان ھينئر موٽيو پئي. دادن ڀت جي اوٽ ۾ ويھي حميد ۽ جنت جي ھلندڙ گفتگو ٻڌي جنت پنھنجيون اکيون زمين مان ڪڍي حميد ۾ کپايون ۽ پڇيائينس، ”اھو محبت جو اظھار آھي يا سکڻي خوشامد.“
”پاڻ کان پڇ.“
”اھو جواب مان تنھنجي واتان ٻڌڻ گهران ٿي.“
”مان تنھنجي خوشامد ڇو ڪريان؟ مان تہ توسان محبت ڪريان ٿو. محبوب کي ساراھبو آھي، مگر ھن جي خوشامد ڪانہ ڪبي آھي. خوشامد جو محبت سان ڪوبہ تعلق ڪونھي... مان تہ وري بہ چوان ٿو تہ، جنت مون کي جنت ڏيکاري.“
”اسان جي محبت شل ڌڻي ھميشہ قائم رکندو اچي.“
”وصال خواھہ وڇوڙو ھن جي حڪم سان ئي تہ ٿئي ٿو.“
”جنھن کي پاڻ واٽ ڏيکاري ٿو، تنھن کي ڪير ڀلائي سگهندو!“
”جنت!“
”حميد! مان ھڪ غريب ڪڙميءَ جي ڌيءُ آھيان ۽ دنيا جي چالبازين ۽ حرفتن مان نہ ڄاڻان. اسان ٻھراڙيءَ وارن ۾ عقل گهٽ تون منھنجي بي عقلائيءَ ڪري مون کي دل تان وساري نہ ڇڏج!“
”جنت چئين ڇا ٿي؟“
”پنھنجين اوڻاين کان واقف ٿي ڪريانءِ.“
”ڇا لاءِ؟“
”ڏسان تہ تنھن ھوندي بہ مون سان پيار ڪرين ٿو.“
”مان دنيا ۾ اڪيلو آھيان. نہ ابو اٿم نہ امان، تنھنجيءَ زندگيءَ ۾ ئي ھينئر پنھنجو جياپو ڳوليندس. ڏنل آٿت مون کان کسي نہ وٺج.“
”حميد! مان توسان محبت ڪريان ٿي، توسان گڏجڻ ۾ مون کي جو لطف ملي ٿو، سو حياتيءَ ۾ پھريون دفعو حاصل ڪيو اٿم. تنھنجي يادگيريءَ مون کان ڪم جو بوجو وساري ٿي ڇڏي. تو مون کي خوشي ڏني آھي.“
”انساني خوشي تہ عارضي ليکي وڃي ٿي.“
”اسين ان کي دائمي ڪنداسين. محبت جاودان آھي، ۽ جا خوشي محبت پيدا ڪري سا پڻ جٽادار ٿئي ٿي.“
دادن، جو خيال سان سڀڪجهہ ٻڌي رھيو ھو، تنھن جي منھن جو رنگ ڦريو. ھو حميد جي طرف وڌيڪ ۽ جنت کي حميد سان گڏ کٽ تي ويٺل ڏٺائين. دادن کي ڏسي جنت کٽ تان اٿي کڙي ٿي ۽ حميد کان موڪلائي گهر ڏانھن ويئي.
ان طرح حميد ۽ جنت ھڪ ٻئي ۾ گڏجندا رھيا. سندن سنيھہ جو سلو وڌندو رھيو. جنت جي مائٽن کي اڃا تائين ھنن جي نيھي ناتي جي ڪابہ سڌ ڪانہ ھئي. ٻئي ڄڻا اڪيلائيءَ ۾ ملندا ھئا. لڪي ڇپي پيار ونڊڻ ۾ وري ٻيو لطف آھي!