20
نوابشاھہ ضلعي ۾ وڏي ٻوڙ ٻوڙان ٿي ۽ ساھتيءَ ۾ تہ ڳوٺن جا ڳوٺ غرق ٿي ويا، ڪن ڳوٺن جو اڄ نالو نشان ئي ڪونھي ۽ اتان جي رھاڪن وڃي ٻيا ھنڌ وسايا آھن. ھالاڻيءَ ۽ ڪنڊياري جي وچ ۾ جيڪو مکيہ رستو آھي، سو پنجن يا ڇھن فوٽن جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل ھو. جيڪي ڳوٺ نوشھري(17) ۽ ڪنڊياري جي ڀرسان ھئا، تن جي بچاءَ لاءِ چڱو بندوبست ٿيل ھو ۽ سرڪار جي پاران ڳوٺن ۾ ھيٺئين نموني جا پنا گهرن ۽ دڪانن جي ڀتين تي ھنيا ويا:
عام اطلاع
”سڀني ماڻھن جي واقفيت لاءِ پڌرو ٿو ڪجي تہ، ٻوڏ جي خطري ڪري لڏپلاڻ ۾ سھوليت ڪري ڏيڻ لاءِ اسان نوشھري ۽ ڪنڊياري اسٽيشن تي ريلوي گاڏيون بيھاريون آھن. جڏھن اھو خطرو بنھہ ويجهو ٿئي، تڏھن بلڪل ٿوري وقت جي اطلاع ملڻ تي عام ماڻھو ان ۾ چڙھي، پڊعيدن(18) تائين وڃي سگهن ٿا، جتي وڌيڪ ريل گاڏيون بيٺيون آھن، جي کين سلامتيءَ وارين جاين ڏانھن وٺي وينديون. جيڪي نوشھري ۽ ڪنڊياري اسٽيشن تي بيٺل بچاءَ گاڏين ۾ چڙھندا، سي مسافري پنھنجي جوکي تي ڪندا، ڇاڪاڻ جو اھي بار گاڏيون آھن.“
ڪنڊياري وٽ نصرت واھہ(19) کي کنڊ پيو. محراب واھہ(20) تہ اڳيئي تار پي وھيو. وري خيرپور کان ھڪ پاڻيءَ جي ڇر اچي محراب واھہ سان ملي؛ پوءِ ٻنھي جو پاڻي وڃي نصرت واھہ ۾ پيو، جنھن ڪنڊياري جي آسپاس سوين ڳوٺن کي چٽ ڪري ڇڏيو. اھڙن ڳوٺن مان ھڪ ھو گهانگهرن جو ڳوٺ، جنھن ۾ جنت ۽ ماڻس رھنديون ھيون ۽ ٻيو پير مھدي شاھہ جو ڳوٺ، جنھن جي گهٽين ۾ سچل بيوھہ ۽ بنا وسيلي، متوالن جيان پيئي ڦرندي ھئي.
رات جا ٻہ ٿيا ھئا. ساري خلق گھريءَ ننڊ ۾ ھئي. گهانگهرن جي ڳوٺ ۾ واويلا مچي ويئي. چؤطرف کان زالن ۽ ٻارن جي رڙين ۽ واڪن جا آواز پئي ٻڌڻ ۾ آيا. واھہ کي کنڊ پوڻ ڪري پاڻي ڳوٺ ۾ ڌوڪيندو پئي آيو ۽ جيسين رھاڪو، آيل خوف کان آگاھہ ٿين، تيسين ڳوٺ جا ڪي ھنڌ تہ لڙھي ويا. ماڻھو ھراس وچان پنھنجين جانين بچائڻ لاءِ مال ۽ ملڪيت پٺيان ڦٽو ڪري، ننڍڙا ٻار ڪلھن تي کڻي، ھٿين خالي، ڀڄڻ لڳا، گهانگهرن جا ٽيون حصو ماڻھو تہ ٻڏي مئا، جن ۾ گهڻو ڀاڱو زالن ۽ ٻارن جو ھو.
جيڪي جانيون بچائي ٻاھر نڪتا، تن ۾ جنت ۽ ماڻس بہ ھيون. کين نڪو ٻار ٻچو ھو ۽ نڪا گهر ۾ قيمتي شيءِ ھئن، جنھن جي کڻڻ ۾ ڪا دير لڳين. بدن تي پيل ڪپڙن ۾ ئي اٿي ڀڳيون. سندن ٻني پاڻيءَ ھيٺ ھئي. ٻنيءَ ۾ گوڏن ٻوڙ پاڻي ھو ۽ اھو آھستي آھستي چڙھندو پئي ويو. ھنن ھڪ ڪاٺ جو تختو ساڻ کنيو. جڏھن ڏٺائون تہ پاڻي وڏو آھي، تڏھن ٻئي ڄڻيون، بنا ڪنھن بہ مددگار جي، ڌڻيءَ ۾ ايمان رکي، ان بُنڊ کي ترھو ڪري، ان تي چڙھي ويٺيون ۽ پاڻيءَ مان سلامتيءَ سان ترنديون ھليون. جيئن تختي تي ترنديون پئي آيون، تيئن پٺيان نھارڻ سان ڳوٺ جو دردناڪ نظارو پئي ڏسڻ ۾ آين. پنھنجو مال ٻڏندو ڏسي، دل ڀرجي ٿي آين. اھائي تہ سندن ملڪيت ھئي! واٽ تي غريبن جي ناس ٿيل جهوپڙين مان بچيل ڪاٺ جا ٽڪرا ۽ ڇپريون پاڻيءَ ۾ لڙھنديون ڏٺائون. ھڪ دفعو تہ اھڙي اچي ھوا لڳي، جو تختو جنھن تي چڙھي ويٺيون ھيون پئي لڏين. ڇڙيون زالون، ٻيئي اڻ تارو، ڀرسان نہ ھئن مدد ڪرڻ وارو، نہ سڏڻ سڻڻ وارو، ويچاريون پيون ڪنبن. سڀ وقت جان جي وڃڻ جو خطرو ھئين. پر جن کي ٻيو مدد وارو نہ آھي، تن جي ڌڻي مدد ڪري ٿو. رستي ۾ جڏھن چؤگرد پاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ نظر نٿي آين، تڏھن جنت ڏڪندڙ آواز ۾ ماءُ کي چيو، ”امان، خانواھڻ جي الائي ڪھڙي حالت آھي؟ خدا ڪري تہ حميد شال سدا سلامت ھجي!
”خدا نہ سندس وار ونگو ٿيڻ ڏيندو! کانئس بنا اسان جي سلامتي ڪھڙي ڪم جي ٿيندي؟“ ماڻس وراڻيو.
”جو اسان جو بچاءُ ڪري ٿو، سو کيس بہ بچائيندو. مان تہ اھائي دعا ويٺي پنان.“
ٻنھي، ماءُ ۽ ڌيءُ، جي دلين ۾ سخت دڪ دڪ پئي ٿي. پنجن ڪلاڪن جي جوکائتي مسافريءَ بعد سامھون سڪيءَ تي نظر پين. ھنن جي خوشيءَ جي حد ڪانہ رھي. اڌ مني ڪلاڪ بعد پاڻ کي زمين تي بيٺل ڏٺائون. ائين محسوس ڪرڻ لڳيون ڄڻ تہ نئين حياتي ملي ھين. بنا وقت وڃائڻ جي پنڌ پيون. سامھون ڪنڊياري جي ڳوٺ پئي ڏيکاري ڏني. ڪجهہ مفاصلو پنڌ ڪرڻ بعد ماڻھن جا انبوھہ ڏٺائون ۽ ڏاڍو گوڙ گهمسان لڳو پيو ھو. سڀ ٻوڏ جا ستايل ھئا، جي ڪنڊياري جي فاطمہ واھہ(21) جي ڪپ تي منزل ڪيو ويٺا ھئا. پڇا ڪرڻ سان پتو پين تہ پير مھدي شاھہ جو سارو ڳوٺ پاڻيءَ ھيٺ اچي ويو ھو ۽ ھنن ماڻھن اتان لڏي ھتي اچي اجهو ورتو ھو. گهانگهرن جا پڻ ڪيترا ماڻھو ڏٺائون، جي کانئن ٿوري مھل اڳ اچي اتي پھتا ھئا.
ڪنڊياري جي ڪن پڄنديءَ وارن ماڻھن پيسي جي اوڳڙ ڪري ٻوڏ کان ستايلن ۾ مفت ماني تيار ڪرائي ورھائي. جن وٽ ڪُنا يا ٻيا ٿانو ھئا، تن ڪچو سيڌو وٺي پاڻھي ماني ٺاھي کاڌي. پناھہ جي لاءِ ڇانوڻيون ٺاھيون ويون، جتي ٻوڏ وارين ايراضين مان آيل پناھہ وٺڻ لڳا. ٻين جيان جنت ۽ ماڻس کي پڻ ماني ملي.
ھڪ جوان، جو سھائتو جي ٽوليءَ مان ھو، تنھن جنت جي ويجهو اچي کيس چيو، ”توھان کي ڪجهہ بہ گهرجي تہ ٻڌايو.“ جنت جي ماءُ جا زمين تي سمھي پيئي ھئي، تنھن ڏانھن اشارو ڪري ھن نوجوان پڇيو، ”ھيءَ تنھنجي ماءُ ٿئي؟“
”ھا؛ اسين پاڻ ۾ ٻہ ڄڻيون آھيون.“ جنت جواب ڏنو.
”تنھنجي ماءُ بيمار آھي؟ اسان وٽ دوائون بہ آھن.“
”نہ؛ ٿڪ سبب ننڊ کڻي ويئي اٿس.“
جڏھن اھو نوجوان ھلڻ لڳو، تڏھن جنت چيس، ”خانواھڻ جي ڪا سڌ آھي؟“
”خانواھڻ بلڪل سلامت آھي، اتي ڪوبہ خطرو ڪونھي. ڪيترا ماڻھو، جن جا ڳوٺ ٻڏي ويا آھن، تن اتي وڃي اجهو ورتو آھي.“
”اسان جي بہ اوڏانھن وڃڻ تي مرضي آھي.“
”اتي اوھان جو ڪو عزيز آھي ڇا؟“ نوجوان پڇيو.
”ھا.“
”رستي جي خبر اٿو؟“
”نہ.“ جنت وراڻيو ۽ ڳالھائڻ جي نموني مان ھن جي لاچاري ظاھر پئي ٿي.
”رات مان وري ايندس. تيتري ۾ جي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، تہ مان توھان کي خانواھڻ ڏانھن ويندڙ واٽ ڏيکاريندس.“
”وڏي مھرباني اوھان جي.“ جنت ھٿ ٻڌندي چيو.
ھن جوان جي وڃڻ بعد، جنت ماءُ جي ڪلھي کي ھٿ سان لوڏي چيو، ”امان! امان!“
”جيءُ، جنت“. ماڻس وراڻيو.
”خانواھڻ سلامت آھي.“
”ڌڻي مھربان آھي.“
”ڪيترا ماڻھو لڏي وڃي اتي ويٺا آھن.“
”اسين ھلون؟“
”ٻوڏن جي خبر پکڙجي ويئي آھي ۽ حميد کي اسان جي سلامتيءَ جو تمام گهڻو خيال ھوندو.“
اخبارن دوران ٻوڏن جون خبرون ساريءَ سنڌ ۾ ڦھلجي ويون. اخبار ۾ گهانگهرن جي شھر جو پاڻيءَ ھيٺ اچي وڃڻ جو پڙھي حميد کي ڳڻتي ويڙھي ويئي. جڏھن پڙھيائين تہ گهانگهرن جو اٽڪل اڌ جيترو آدم تہ ٻڏي ويو آھي، تڏھن تہ جنت جي سلامتيءَ جي پڪ ئي نہ پيئي ٿئيس. حميد اھڙي اندر جي اٿل پٿل اڳ ۾ ڪڏھن بہ نہ ڏٺي ھئي. شام جو ڇانوڻين ۾ ويو، جي خانواھڻ ۾ سرڪاري طرح کوليون ويون ھيون. پناھہ وٺندڙن مان معلوم ٿيس تہ ڪي گهانگهرن مان آيا ھئا. انھن اھو ٻڌايس تہ گهانگهرن جا ڪجهہ ماڻھو ڀڄي وڃي ڪنڊياري ۾ پھتا ھئا. انھيءَ خبر ٻڌڻ سان ساھہ پيس. پر جيسين موڪل نہ ورتي ھئائين، تيسين ڍڪ ڪنھن جي حوالي ڇڏي وڃي. آرام ڦٽي پيس. منجهي پيو تہ ڇا ڪريان. اھڙي ڪا واھہ ئي نہ پيئي سجهيس، جنھن ذريعي پاڻ آجو ڪرائي ڪنڊياري وڃي پھچي. پاڻ جنت لاءِ بيچين تہ، جنت سندس لاءِ بي آرام. نيٺ ھڪ دوست کي عرض ڪري، کيس ھڪ ڏينھن لاءِ ڍڪ تي ويھڻ لاءِ مڃايائين ۽ پاڻ اٺ تي چڙھي ڪنڊياري روانو ٿيو.
ھوڏانھن جنت ۽ ماڻس بہ نوجوان کان خانواھڻ جو دڳ پڇي، اڪيليون پنڌ نڪتيون. رستي ۾ جنت جي ماءُ غمگين نوع ۾ ڌيءُ کي چيو، ”جنت، ڏس تہ مرد بنا عورت جي ڪھڙي حالت ٿي ٿئي! ياد رکج. ڪڏھن بہ فخر ۾ اچي اھڙو ڪم نہ ڪجانءِ. جنھن مان ھن کي رنج رسي؛ ھن کي راضي رکڻ لاءِ ناز ڇڏي نياز اختيار ڪج. مرد عورت جي زندگيءَ جي عمارت جو ٿنڀو اٿئي. جيسين اھو ٿنڀو قائم آھي، تيسين عمارت بہ بيٺي آھي؛ جڏھن ٿنڀو ڪريو، تڏھن عمارت بہ اچيو پٽ تي پوندي. ماءُ جي صلاح دل تان نہ وسارج. اڄ تون ھن جي تلاش ۾ ھلين ٿي. اھا تلاش توکي سڄي عمر ڪرڻي آھي. توکي ھميشہ ھن جي خوشيءَ جو تلاشي بڻجڻو آھي.“
جنت بنا ڳالھائڻ جي سڀ ڪجهہ خاموشيءَ ۾ ٻڌي رھي ھئي. اڌ مفاصلو پورو ڪيائين تہ ٿڪ سبب آسائش جو خيال ٿين. حميد جو اٺ تي سوار ٿي ان رستي تان پئي آيو، تنھن پريان ٻن عورتن کي ھڪ وڻ جي ھيٺان ويٺل ڏٺو. وڏي ننڍيءَ جي گوڏن تي ليٽي پيئي ھئي. ويجهو اچڻ تي سڃاتائين، ھنن جي ئي تہ ڳولا ۾ پاڻ نڪتو ھو. جت کي اٺ جهڪائڻ لاءِ چيائين. اٺ کي پنھنجي سامھون جهڪندو ڏسي، جنت اوڏانھن نھاريو. حميد کي ڏسي، ھڪدم خوشيءَ مان چيائين، ”امان! حميد! جيتري ۾ ماڻس جنت جي گوڏي تان اٿي تيتري ۾ حميد بہ اچي سندس ويجهو پھتو. ھو جنت کي سلامت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. جنت جي ماءُ حاضر نہ ھجي ھا، تہ حميد جنت کي ڪري گلي سان لڳائي ھا؛ پر ٻڍيءَ عورت جي روبرو حجاب ٿيس.
”تون اٺ تي ڪيڏانھن پئي وئين؟“ جنت جي ماءُ حميد کان پڇيو.
”مان توھان کي ڳولڻ لاءِ ڪنڊياري پئي ويس. ٻڌم تہ گهانگهرن مان ڪي ماڻھو لڏي اتي اچي ويٺا آھن.“ اھي اکر ٻڌي جنت ماءُ ڏي نھاريو. خاموش نگاھن سان ڄڻ تہ کيس ٻڌايائين ٿي تہ، مرد بہ عورت جي تلاش ۾ وڃي ٿو. جنت اڃا عمر جي وڏي ڪانہ ھئي. کيس ڪھڙي ڄاڻ تہ مرد جي تلاش عارضي آھي. محبت جي شروعات ۾ مرد پڻ تلاش ڪري ٿو، پر عورت جي تلاش دائمي آھي؛ اھا ڪڏھن بہ پوري نٿي ٿئي. عورت جي سموري ھستي ھڪ نموني جي جستجو آھي.
جنت چيو، ”حميد، اسين تو وٽ خانواھڻ پئي آياسين.“
”تون مون وٽ ٿي آئينءَ، تہ مان تو وٽ.“ حميد مشڪي ورندي ڏني، ۽ جنت جي ماءُ ڏي نھاريائين، جنھن پڻ حميد کي راضي رکڻ لاءِ پنھنجي منھن تي مشڪ آندي؛ ھوءَ نہ تہ ڏاڍي مايوس پئي لڳي. ھن لاءِ حياتيءَ ۾ ڪابہ ڪشش ڪانہ ھئي؛ صرف جنت کي ڏسي پئي ھلي قادر بخش جي قضئي جو صدمو اڃا دل تي تازو ئي ھوس، تہ ٻوڏن ۾ ھڙئي وڃائي، ھڪڙي وڳي ۾ ڌيءُ کي وٺي ڀڳي. قدرت جي اھڙن قھري حملن کي منھن ڏيڻ جي سگهہ ھن ۾ ڪٿي ھئي؛ ھوءَ تمام ڏٻري ٿي ويئي ھئي.
بنا ڪنھن بہ وقت وڃائڻ جي ٽئي ڄڻا اٺ تي چڙھي، خانواھڻ روانا ٿيا. اڳيان پاڻ ٿي ويٺو تہ پويان جنت ۽ ماڻس جت اٺ کي مھار کان وٺي پنڌ ھلندو ھليو. خانواھڻ ايندي رستي ۾ جنت حميد کي ٻوڏ وقت پرايلن آزمودن کان واقف ڪيو.