ناول

غريبن جو ورثو

ھي ناول ڪردار نگاري، منظر نگاري ۽ اسلوب بيان جي لحاظ کان اعليٰ قسم جو آھي. ھن ناول جي پس منظر ۾ ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جا شھر ۽ ڳوٺ آھن. جنھن ۾ ناول نگار ھڪ ڍڪ منشيءَ جي ڏکن ڏولائن سان گڏوگڏ، اھو پڻ تصور ڏنو آھي تہ ويچارو غريب ھميشہ تڪليفن ۽ اھنجن ايذائن ۾ رھي ٿو. نارائڻداس ميوارام ڀمڀاڻيءَ ھيءُ ناول پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ لکيو آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي تڏھوڪي ضلعي نوابشاھہ ۽ موجودہ نوشھروفيروز جي ماحول ۽ واقعن کي پيش ڪيو ويو آھي. پر پڙھڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو تہ ھي ناول سنڌ جي سمورن بلڪ دنيا جي غريبن جي ترجماني ڪري ٿو. ھي ناول ڏيکاري ٿو تہ ”غم ۽ فڪر غريبن جو ورثو آھي“ پر غريبن وٽ اڃا ڪجهہ ٻيو بہ آھي جنھن کي پيار، خلوص ۽ قرباني بہ چئبو آھي.

Title Cover of book غريبن جو ورثو

7

حميد نوڪريءَ ڪرڻ جو خيال ڪيو؛ پر بندوبست ڪير ڪريس؟ چئہ چاءُ بنا تہ ڪم ٿيڻ جو نہ آھي. بخشڻ بہ ھڪ رواجي کٽي ھو؛ تنھن کي ڪير ٿو پڇي! بخشڻ حميد کي گهڻي ئي گهمرا چيو تہ دادن جيان ڪري ڌوٻيءَ جو ڪم شروع ڪر. ليڪن ان ڪم ۾ ھن جي دل نٿي لڳي. ڪجهہ تعليم پرايل ھئس ۽ چاھيائين ٿي تہ ڪا نوڪري ملي.
چيٽ جو مھينو ھو. ھالاڻيءَ ۾ ھميشہ جيان ويساکيءَ جو ميلو پئي لڳو. حميد ۽ دادن ٻيئي گهمڻ جي خيال سان اتي ويا. حميد لاءِ اھو ٻيو دفعو ھو. پھريون ڀيرو ڪجهہ ورھيہ اڳ مرحوم مڱڻھار سان آيو ھو. اھوئي بازاريون ۽ تماشا، اھي ئي راڳ جون مجلسون ڏٺائين؛ فقط پيرو ڪونہ ھو. شام جو مڱڻھارن جي مجلس ھئي. دادن حميد کي اتي ھلڻ لاءِ چيو. دادن جو بي حد شوق ڏسي، حميد ناڪار ڪانہ ڪئي، جيتوڻيڪ سندس دل مجلس ۾ وڃڻ اصل نٿي چاھيو. جيئن سمجهيائين ٿي، تيئن ئي ٿيو. پڻس جي تصوير حميد جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي، خاص ڪري جڏھن مجلس ھلندي ڪن مڱڻھارن جي واتان پيءُ جي ساراھہ ٿي ٻڌائين.
مجلس ۾ اندر حميد کي جمال نالي ھڪ واقفڪار گڏيو، ھو ساڻس گڏ ڪنڊياري ۾ پڙھندو ھو. جهونا ھم ڪلاسي پاڻ ۾ مليا ۽ ھڪ ٻئي کان حال احوال ورتائون. ڳالھين ڪندي جمال حميد کان پڇيو، ”حميد، تون ھاڻي ڇا ويٺو ڪرين؟“ پڙھڻ تہ ڇڏيئہ نہ؟“
”ھا، پڙھڻو ڇڏڻو ئي پيو؛ ابو گذاري ويو. ھينئر نوڪريءَ جي تلاش ۾ آھيان.“
”ڍڪ منشي ٿيندين؟“
”جاءِ خالي آھي ڇا؟“
”ٽي جايون خالي ھيون. انھن مان ھڪ تہ مون کي ملي آھي، تنھن کي ھفتو کن ٿيو. ڪوشش ڪر.“
”ڪنھن کي چوان؟ غريب جي ڪير ٻڌندو؟“
”مان وري ڪنھن کي سڃاڻندو ھوس ڇا؟ ڪنڊياري ۾ صادق علي نالي ھڪ زميندار اٿيئي؛ لوڪل بورڊ جو ميمبر آھي. ھلندي اٿس. ماڻھو ڏاڍو سٺو آھي، مون کي سفارش نامو لکي ڏنائين.“
”صادق علي!“ حميد پڇيو ۽ وري چيائين، ”انھيءَ وٽ ھڪ دفعو ابي سان مان ويو ھوس. تعليم ڏيڻ ۾ بہ ھن مون کي مدد ڪئي ھئي.
”تہ بنا حجاب ھليو وڃ. صبح جو ئي پنڌ پئہ؛ متان پوءِ دير نہ ٿي وڃي.“
دوست جي صلاح مڃي، ٻئي ڏينھن سوير حميد، دادن کي ساڻ ڪري، ڪنڊياري روانو ٿيو.