شاعري

ڪَنڌيءَ اَڪَ ڦُلاريا

تاجل بيوس عوامي شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ جا موضوع ۽ مضمون ٺيٺ سنڌي سماج سان ڳانڍاپيل آهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ويلن کان سواءِ هن اُن خوشيءَ ۽ الميي جو سندس شاعريءَ ۾ ذڪر ملندو، جيڪي سنڌي ماڻھن سان پيش آيل آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ٻولي، محاورا، تشبيھون، موضوع، سڀ جا سڀ عوام جا آهن ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ آھن. ھن ڪتاب ۾ بيت ۽ وايون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪَنڌيءَ  اَڪَ  ڦُلاريا

مھاڳ (رس کان وينجنا تائين)

نَو ڪي ڏھہ سال اڳ تاجل بيوس مون کي پنھنجو نئون شايع ٿيل ڪتاب ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ موڪليو هو، اُهو پڙهي مون هڪ انوکو رس محسوس ڪيو هو، هڪ اهڙو آنند، جھڙو هوند ڪا اعليٰ درجي جي رچنا پڙهڻ سان پڙپي. اهڙو آڀاس ٿَيم تہ سنڌي شاعريءَ جي هن دؤر کي هڪ نئين نرائي پِرتڀا ملي رهي آهي، تاجل جي ڪويتائن جي ڪلاسيڪي ڍنڱ مون کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ مان ڀانيان ٿو تہ ڪتاب بابت تاثرات ۾ مون ائين بہ لکيو تہ ‘هيءَ شاعري سنڌي جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ خوبصورت (Extension) يعني وسعت آهي.’
سنڌيءَ جي حوالي ۾، ڪلاسيڪي رنگ ۾ لکڻ هونئن اڄ ڪالھہ ڪا نئين ڳالھہ بہ نہ آهي، جو تازو گذريل ڏهاڪن ۾ اها ڳالھہ هڪ فئشن طور بہ هلي آهي. بھرحال تاجل جون ڪويتائون اهڙي فئشن کان آجيون پئي لڳيون، انھن مان اصليت جو هڳاءُ پئي آيو. اصل کي پنھنجو هڪ اُهاءُ ٿيندو آهي، انھن مان اُهو اُهاءُ بکي رهيو هو. انھن ۾ پختگي ۽ گھرائي تہ ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هئي، پر سوچ اڄوڪي هئي.
جيڪا شاعري پنھنجي فطري ماخذ- دل جي سچي جذبي، ڪلپنا، پنھنجي ڌرتي، پنھنجن ماڻھن، پنھنجي وايومنڊل سان رل مل ٿي، وِينجنا ڀري ڀاشا ۾ (Suggestive Language) رچي راس ٿي نڪري ٿي، اُن جو رس ئي انوکو ٿئي ٿو ۽ تاجل جي ڪويتا ان رَسُ واري ڪويتا آهي.
رس کي ئي ڪاويہ (اُتم شاعريءَ) جي اَتما مڃيو ويو آهي. سنسڪرت جي سُندرتا شاستر (علم جماليات) ۾ رَس جو نظريو پھرين ناٽيہ (عموماً ناٽڪ) جي حوالي ۾ ڪم آيو هو ۽ پوءِ مڃتا ڀائيندو ڦھلجندو اُتم شاعريءَ لاءِ بہ لازمي بڻجي پيو. ڀرت مُنيءَ (ٻين صدي) جي ‘ناٽيہ شاستر’ کان وٺي اڄ تائين اهو لفظ سندرتا جي آنند يا جمالياتي لطف جي عڪاسي ڪندو پيو اچي ۽ اهو جمالياتي لطف ئي شاعريءَ جو روح يا جوهر آهي.
ناٽيہ يا شاعريءَ جي حوالي ۾ رس جي معنيٰ ڪا رواجي رس واري نہ آهي. سنسڪرت جي آچارين موجب تہ هر پدارٿ جو پنھنجو رس آهي، جيڪو ان جي اُتما آهي. ڇاندوگيہ اُپنشد ۾ اچي ٿو تہ، سمورن پدارٿن جو رس ڌرتي آهي، ڌرتيءَ جو رس جل آهي، جل جو رس جڙيون ٻوٽيون (اوکڌون) آهن، اوکڌن جو رس انسان آهي، انسا جو رس واڻي آهي، واڻيءَ جو رس رِچا (ويد) آهي، رچا جو رس سام (Equilibrum) آهي ۽ سام جو رس اُد گيٿ آهي. اُدگيٿ کي اجر امر چيو اٿن. ان تي پوءِ اچبو، پھرين رس جي ڳالھہ ڪريون.
ميون جي رس پنھنجي جاءِ، گلن جي رس- ماکيءَ جو مَھَتُ بہ پنھنجو، انگور جي رس- شراب جي مستي ۽ مھما بہ پنھنجي جاءِ، پر هتي جنھن ڪاويہ رس جو ذڪر پيا ڪريون، سو ڪا ڳالھہ ئي ٻي آهي. اهو زمان ۽ مڪان جي ٻنڌن کان مُڪت ڪندڙ هڪ دٻيہ (Divine) آنند آهي اهو هردي مان اُپن ٿيندڙ ۽ هردي سان محسوس ٿيندڙ، هردي جو رس آهي.
هر انسان جي هردي ۾ اسٿائي ڀاوَ (قائم جذبا) ٿين ٿا. اُهي وِڀاوَ (سَببي جذبن)، اَنوَ ڀاون (ٻاهرين اَثرن) ۽ ويڀچاري ڀاوَن (واهرو جذبن) سان سپجي رَس جو سِرجڻ ڪن ٿا. اُهو رس ئي معراج جھڙي حالت تي رسائيندڙ آهي.
ڀرت مُنيءَ جي رس واري سڌانت ۾ وقت گذرندي ترميمون ۽ اضافا بہ ٿيا. شنڪُڪ رس واري ترڪيب (Process) ۾ ڪويتا ٻڌندڙ/ ناٽڪ ڏسندڙ کي بہ آڻي، ان کي ان جو اَٽوٽ حصو بڻايو. بھرحال ان سڌانت کي جن مھارٿين انقلابي موڙ ڏنو، سي هئا ڀَٽنايڪ ۽ اَڀيَنَوَگپت. هُنن ان نظرئي کي الاهيات ۽ فلسفي وارو رنگ ڏنو، جنھن سان رس ‘خارجي وجود’ مان بدلجي هڪ ‘داخلي وجود’ ٿي پيو. ٻُڌندڙ يا ڏسندڙ جو سڌو اُنڀو ٿي پيو. انھن اَچارين جو وشواس هو تہ رس جو انڀو ڪو دينوي لطف نہ آهي، پر اُتم سمائو لطف آهي، جنھن جي سمپرڪ سان پاٺڪ جو پنھنجو اُتم (Own Self) ‘پر آتم (Absolute Soul)’ سان ملي هڪ ٿيو وڃي. ان طرح رس جو انڀو پرم اُتم جو پُورن اَمرتا- ڀريو اُتم ڀڻو آهي، جيڪو هر طرح ٻاهرئين اثر کان مُڪت هِڪُ اهڙو انڀو آهي، جھڙو يوگي يا ڪامل پرش ‘پاڻ لھڻ’ (اُتم ساکياتڪار) وقت ڪندا آهن.
پھرين پاڻ وِڃاءِ، پاڻ وڃائي، ‘پاڻ لُھہ’ ڪاويہ جو رس بہ ڪوي. ڪويتا ۽ پاٺڪ ٽنھي جي وجود کي رجائي هڪ ڪيو ڇڏي. هاڻي ڏسجي تہ اهو آتم ماکياتڪار ٿئي ڪيئن ٿو. ڀٽنايڪ موجب اُهو ‘ڀاوَ ڪُتوَ’ يعني امنڱپڻي جي شاعراڻي ترڪيب ذريعي ٿئي ٿو، جنھن کي سنسڪرت ۾ ‘ساڌارڻيڪرڻ’ چيو اٿن. ان ساڌارڻيڪرڻ سان مخصوص يا شخصي انڀؤ بدلجي عام انڀو ٿيو پوي، کُليل هوا وانگر، جنھن مان ڪو بہ ساھہ کڻي جيوت پائي سگهي. ان پر ڪريا سان ڪويءَ جي سُک جو احساس سڄي جڳت لاءِ سک جو احساس، ڪويءَ جي پيڙا سڄي جڳ لاءِ پيڙا جو احساس، هُن جي حب الوطنيءَ جي ڀاونا سڀني لاءِ حب الوطنيءَ جو احساس ٿيو پوي.
رس جي سڌانت جي، جدا جدا فلسفن موجب تشريح ڪندي، شنڪَڪ اُن جي ‘نيايه’ سرشتي موجب، ڀٽنايڪ ‘سانکيڪيءَ’ موجب، اَڀينو گپت ‘شوَ مت’ موجب پنڊت جگن ناٿ ‘ادوئت ويدانت’ موجب تشريح ڪئي. پر مان جيڪر ان جي تشريح وحدت الوجود واري سڌانت موجب ڪريان- رس واري ترڪيب (Process) هيٺ شاعر، اُن جو مڪمل شعور، شعر ۽ ان جا تمام جزا سمجهہ ئي ملي هڪ اهڙو تاثير پيدا ڪن ٿا، جيڪو سخن فھم يا ڪويتا پڙهندڙ (سھرديہ) جي شعور کي بہ پاڻ سان هم رنگ ۽ هم وجود بڻائي، هڪ مڪمل وجود ٿيو پوي. هڪ اهڙي ڪيفيت جنھن کي بيان ڪري ئي نٿو سگهجي يا اگر بيان ڪجي بہ تہ اِئين کڻي تہ اُها هِڪُ ‘چوڏس چِٽاڻي’ واري اسٿتي آهي!
ڪيڏانھن ڪاهيان ڪرهو چوڏس چٽاڻو
منجهين ڪاڪ ڪڪوري منجهين لڊاڻو
راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناھہ ڪين.

۽ اهڙو ئي وجود سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي ۽ اُن ۾ بہ خاص طرح اسان جي سدا حيات شاعر- شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي حاصل آهي، جيڪا سنڌي شاعريءَ جي معراج واري حالت آهي. ان ئي ڪيفيت سبب اها لاثاني ۽ لافاني شاعري بڻي آهي ۽ آفاقي شاعري بڻي آهي.
اهو رس وارو پھلو اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو روح روان آهي. اهو ڪٿي سُر آسا، سُر ڪلياڻ يا سُر سريراڳ ۾ شانت رس يا ڀڪتي رس ٿي ٿو اُڀري، تہ ڪٿي سُر مومل راڻي ۾، سُر سسئي آبري يا سر سھڻيءَ ۾ شرنگار رس ٿي ٿو نڪري يا وري ڪڏهن سر ڪيڏاري ۾ وير رس، اُدڀت اچرج اُڀاريندڙ، رس، بيڀتس (ڪراهت پيدا ڪندڙ) يا ڀيانڪ رس ٿي ٿو ظاهر ٿئي.
مطلب تہ اصل ۽ مول اهو رس يا سندرتا وارو ٻوڌ ئي آهي، جيڪو ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بہ روح روان آهي. سندرتا جي ٻوڌ سان مطلب بہ ڪو رواجي معنيٰ ۾ سندر شين، سندر واقعن جي بيان يا سندر لفظن سان نہ آهي. سندرتا چوڻ سان مطلب ‘ڪشش’ سان آهي، اهڙي ڪشش جيڪا روح محسوس ڪري، پنجن حواسن مان ڪي بہ محسوس ڪن پوءِ اُها اک کي ڀلي نظر اچي يا نہ اچي، ۽ اهو احساس بہ ويجنا ڀريءَ ٻوليءَ (Suggestive Language) ۾ ان طرح هجي، جو ڪوي، ڪويتا ۽ سھرديہ (سُخن فھم) جي وجود کي هِڪُ ڪري ڇڏي.
اسان جي تاجل بيوس بہ سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعري وارو طرح ڀٽائي ڀلاري جي اڍ ڇڪي آهي.
سندس شاعريءَ ۾ بہ رس ۽ ڀاشا جي وينجنا جا اهڙا تتو آهن، جيڪي هُن جي شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائين ٿا.
سندس شاعريءَ جو ڪو اهڙو ئي پھلو هو، جنھن منھنجي چِت کي چوريو يا ڪا اهڙي ئي ڪسوٽي هئي جنھن جي مدِ نظر مون کي هن جي شاعري، ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪ خوبصورت وسعت لڳي هئي ۽ مان سمجهان ٿو، اهڙي ئي ڪنھن ڪيفيت مان گذرندي، تاجل بيوس جي ڪتاب جي حوالي ۾ اُتم ۽ سندري اتمچنداڻيءَ کي بہ ائين چوڻو پيو تہ ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ ڪتاب پڙهيوسين تہ سنڌ جي سرهاڻ بي- سُرت ڪري ڇڏيو. اِن سرهاڻ جو واس پھرين شيخ اياز وٺايو هو ۽ هاڻي تاجل ان ۾ اضافو ڪيو آهي. مڃيوسين تہ اصل ۽ مکيه ڪوي سنڌ جا ئي آهن.
(انبن جهليو ٻور، ص 83)

تاجل بيوس بنيادي طرح شرنگار رس جو شاعر آهي. سونھن، سندرتا ۽ سچائيءَ جو شاعر آهي:
ڳجهارت کي ڳول
سندرتا ۽ سچ جي
خزانن کي کول

هونئن تہ هر شاعر يا ڪلاڪار جو سونھن ڏانھن ڇڪجڻ ۽ ان کي اظھار ڏيڻ سڀاويڪ آهي، پر تاجل کي سونھن کي پرکي لھڻ ۽ ان کي اظھارڻ جي هڪ بي جوڙ ۽ غير رواجي شڪتي آهي. هن جي پنھنجي سندرتا ڀري درشٽيءَ جو سپرش پائي معمولي ۾ معمولي چيز، ساڌارڻ ۾ ساڌارڻ دِرشيہ (نظارو) بہ شاهڪار بڻجيو پوي. هن درشيہ جي ٻھومکي سندرتا ڏسو:
گھرا گهاو وڌا
گهاگهر گهاگهر تي
آئي وار ڳنڌي، نينگر نيسر تي.
ڳاڙها گُل چُنيءَ جا
چمڪن سانوڻ ۾.
ڏاڍا مينھن وَٺا، سُرها گاھہ ڦُٽا
صُوفي ٻير پڪا
موٽي آءُ مِٺا
ڪونجان ڪَيچ وڻن تي ڪَرڪن سانوڻ ۾.

هي گيت شرنگار رس جو هڪ اُتم مثال آهي. گيت پڙهندي، يڪدم سامھون ايندڙ درشيہ ۽ اُن مان اُڀرندڙ ڪلپنا مان جيڪي جمالياتي سمتون اُڀرن ٿيون، تن سان تن ۽ من کي ۽ پوري وجود کي هڪ عجيب سُڪون ملي ٿو. اهڙا اهڙا ڀاوَ پيدا ٿين ٿا، جن سان ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇُھڻ، محسوس ڪرڻ جا سمورا حواس نھال ٿيو وڃن. گيت ‘ويوگي (وڇوڙي واري) شرنگار’ جو آهي. ڪنھن پريميءَ کي ‘وار ڳنڌي نيسرتي آيل نينگر’ کي ڏسندي، پنھنجي محب جي ياد اچي ٿي. هتي نينگر ڪلاسيڪي ڀاشا ۾ ‘المبن’ (يڪدم ڪارڻ)، گهاوَ، ڳاڙها گل، سانوڻ، مينھن، سُرها گاھہ، صوفي ٻير، ڪونجن جو ڪرڪڻ، ڪلاسيڪي ٻوليءَ ۾ اُديبن’ آهن، جيڪي پريميءَ جي جذبن کي وڌيڪ ڇيڙين ٿا. شعر، پريميءَ جي دل ۾ پوندڙ گهاون کي، ڦيري گهاگهر جي گهاون مان محسوس ڪرائي ٿو. ‘ڳنڌي’ لفظ وارن جي ڳونڌ جو پرتک احساس ڪرائي ٿو. ‘ڳاڙها گل چُنيءَ جا’ وارو اِظھار ڏسڻ جي حواس کي، ‘سُرها گاھہ ڦٽا، سنگهڻ جي حواس کي ترپت ڪن ٿا. ‘صوفي ٻير پڪا سان وري ڏسڻ جو حواس نھال ٿيو پوي. ‘ڪونجان ڪيچ وڻن تي ڪَرڪن سانوڻ ۾’ سان ٻُڌڻ جي حواس کي سڪون پيو ملي ۽ ائين پيو محسوس ڪجي ڄڻ ڪونجن جو ڪرڪڻ پيو ٻڌجي، جو دراصل پريميءَ جي دل جي دانھن، اندر وڃي ڪرڪڻ ڪنجهڻ کي اظھار ڏئي ٿو. اهڙي سندر اظھار سان ماڻھو پنھنجي سوڌ ٻڌ ڀُلايو هڪ ٻئي جڳ ۾- ڀاونا جي جڳت ۾ پھچيو وڃي.
تاجل ڪڏهن نيسر تي آيل نينگر جو ورڻن ٿو ڪري، تہ ڪڏهن تلاءُ تي وار ڇوڙي وهنجدڙ موملن جو، تہ ڪڏهن وري نم جي لام کي لوڏي، نموريون ڇاڻيندڙ نينگر جي آسپاس آڻي ٿو بيھاري:
نينگر نموريون
ڇاڻيون ڇپر کٽ تي،
لوڏا ڏيئي لام کي
پيليون ۽ ڀوريون، نينگر نموريون....

تہ ڪڏهن وري سندس نظر تتل ٻہ پھريءَ جو ڪنھن تلاءُ ۾ ڪُمن ۽ ڪمل جي گلن سان گڏ وهنجدڙ ٻالڪ واري سندر نظاري کي جهٽي ٿي وٺي:
‘ڪنڌيءَ ڪُم لُڙهن، نيلوفر سان نير تي
ٻِن پھرن جو ٻارڙا پاڻيءَ پاڻُ وجهن
ڪوڻين ۽ ڪُمن، ڀري سونھن سرير ۾.’


تاجل جون شرنگار رس واريون ڪويتائون کاجوراهو جي مُورتين (Sculpture) وانگر سندرتا جو ٻوڌ ڪرائيندڙ آهن ۽ نہ، نفس کي اٿريندڙ، ڪنڊيءَ جي لام تي بہ هن کي رانگبرنگي چُنيون ڦھليل نظر اچن ٿيون.
چُنيون ڪنڊيءَ لام تي
اڇليون ڪنھن اُملُ.

ڪڏهن ڀورين جي کنڀڙاٽيون کولڻ واري سندرتا جو درشن ٿو ڪرائي تہ ڪڏهن انھن جي بُلُ ڏيئي اڏامڻ کي شبدن ۾ جهٽيو وٺي:
کولينديون کنڀڙاٽيون
ڀوريون ڏيئي بُلَ.


هن مجموعي جي هيٺين وائي بہ شرنگار رس واري ڪويتا جو سھڻو مثال آهي:
تترن جي جوڙي
گوريءَ پالي گجَ ۾
ڳڙ بہ ڳاڙهي ڳل تي
رکيو ٿئين روڙي.

هتي ڳل جي روڙي ڳڙ سان مشابھت خاص ذڪر لائق آهي. جنھن سان ڳلن جو سرو ڳڙا رنگ ۽ انھن جي ڳڙ جھڙي مڌرتا نکري ٿي بيھي.
تاجل آهي تہ اصل شرنگار رس جو ڪوي، پر اڄ جو سنڌ ۾ رُت ڦري آهي. بسنت جي رُت ۽ ڳاڙهن ٻيرن جي رت آئي آهي، تہ سندس ڪويتائن ۾ بہ وير رس جو سنچار ٿيڻ لڳو آهي. هو آهي تہ اصل ڪاموڏ ۽ ڪلياڻ جو شعر، سارنگ ۽ سريراڳ جو شعر، جنھنجي پھرين پسند تہ ‘مُرڪڻين موملن’ جا، چُنيءَ جي اوٽ ڪري نار تي پاڻي ڀريندڙ نينگرين جا، ‘سرنھن جي ڦولار’ مان اُڀرندڙ ‘روشنين جي ليڪ’ جا گيت جهونگارڻ جي رهي آهي. پر اڄ جو سنڌ ۾ ڪيڏارا ڳاتا پيا وڃن تہ سندس سُرَ بہ بدلجي ويا آهن. سندس ڪويتا ۾ اڄ انقلاب ۽ آزاديءَ جون ڌارائون ڦُٽي نڪتيون آهن.
دراصل سنڌ جي ڀومي آهي ئي سچ، سونھن ۽ ڀلائيءَ جي ڀومي، سرشٽيءَ جي آرنڀ کان ئي سنڌوءَ جي ڪنارن تي گهاٽن سندر ٻيلن ۾ ويھي، اسان جي آڳاٽن دانشورن سچ جي مام کي سمجهڻ جا، سنڌ ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ وسيلا جوڙڻ لاءِ جاکوڙون ڪيون. هن سنڌوءَ جي ڪنارن تي ئي ٻج، کيتيءَ، هَرَ، چَڪري (ڦيٿي) ۽ اگنيءَ (انرجيءَ) جون انقلابي کوجنائون ٿيون، جن سان سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ (تمدن) جو واڌارو ٿيو:
سنڌوءَ سامائي، اسان چرخا چوريا
اڳي ڪُن فيڪون کان اُتڻ اَڏائي
چارڻ چَوائي، سڳر وتوسين سنڌ جو.


موئن جي دڙي جي سڀيتا سنڌ جي اِن ڪلياڻ ڪاري سُڀاءَ جي شاهد آهي ۽ ان حقيقت کي روشن ڪري ٿي تہ سنڌ جا ماڻھو سڀيہ ۽ سانتيڪا پئي رهيا آهن. تاجل جي شاعريءَ جو بہ بنيادي سڀاءُ اهو ئي آهي:
پَٽ جهوپا- کڻ پکڙا- رکُ ڪُلھي تي هَرُ
چڙهي آهي چيٽ ۾، ڳنڍيرن تي ڳرُ
ڪارونجهر جي ڪور تي وِڄن وانگي ورُ
ٿيندا ڪيچ ڪڻن مان ٿڪو ناهي ٿر
کڻ پورا ڪاھہ ولر، تہ ڏجن واس وجود کي.


پر اڄ جون اُن ڀونءَ جي ڀيل ٿي آهي تہ سنڌ وطن بہ ڄڻ ڪربلا بڻجي پيو آهي، جتي جمالي ۽ همرچي جي ڀُوميءَ تي ڪلاشنڪوف جا آواز پيا ٻڌجن:
نگر جون ناريون، هٿ ڪلاشنڪوف تي،
وِڙهن وڻجاريون، اٺ ئي پھر اَنياءَ سان.


اهڙي فضا جو هڪ حساس دل شاعر تي اثر پوڻ لازمي آهي. سنڌو، جيڪا سنڌ جي جيون- ريکا آهي، ان جي وجود جو آڌار آهي، تنھن کي ڪٽجندو ڏسي، سندس هينئين مان هُوڪ نڪري ٿي اُٿي:
هُو جو سنڌ- درياءُ، وهندو هو وڻڪار مان
وريو ڪھڙو واءُ، جو آهي ڇڄي اڌ ٿيو.


سچ ۽ سونھن تہ ڀليون ڳالھيون، پر جڏهن هڪ مڪمل قوم جي وجود کي ئي خطرو هجي ۽ ان کي نيست و نابود ڪرڻ جون تياريون ٿينديون هجن تہ پوءِ سچ جو طرفدار ليکڪ ۽ شاعر ڪيئن ٿو چپ ويھي سگهي. چوندا آهن تہ تنگ آيد، بجنگ آيد. اسان جي شاھہ لطيف جھڙي داناءُ بہ چئي ڏنو هو تہ:
ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿِجي واتُ،
ڪڏهن ٿِجي ڪاتَ، ڪڏهن ٿِجي ٻڪرو.

(شاھہ)

سو اَڄُ اسان جو تاجل بہ شاھہ سائينءَ وانگر ئي پڪاري اٿيو آهي:
بيليون بيلچا، کچي آيا کوھہ تي
وري تڙ تانگها ٿيا سکر سنڌوءَ جا
جاڳو جاڙيجا، ڪاهيو ڪالا باغ تي.

(تاجل)

تاجل بيوس، جھنجي اصل آرزو تہ اها آهي، تہ هو پنھنجن ساٿيئڙن کي ساڻ ڪري، ڪينجهر جي ڪڙ تي مٽيءَ جا چاڻا ڳوهي، سنڌ جي ٻارڙن لاءِ رانديڪا جوڙي. (پڪار-14 نومبر 91) سو اڄ جڏهن ڏسي ٿو تہ:
جيئن ڪنھن کُڏ مٿان، تڪين مرون تو ٻچي
تيئن ئي اَڄ اسان، ڏٺو جابر جُوءِ ۾.


اهڙي ئي پس منظر ۾ هو پاڻ کي ۽ پنھنجن ساٿيئڙن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
اٿي اوسر ٻار، اجهو مرون موٽيا
آهين تون هِت آڳڙيا، باقي ڏينھن ٻہ چار
ماهِر! مرون مار، ساڳاهي جيئن سنڌڙي.


تاجل آهي تہ هِڪُ امن پسند شعر، وجود کي واس ڏيڻ لاءِ کيت کيڙڻ، مال چارڻ لاءِ آمادہ ڪندڙ شاعر، پر اڄ سندس ترجيحون بدلجي پيون آهن. هو للڪاري اُٿيو آهي تہ:
مون پوکيو آ پوک ۾ ڪاهُو ڪنڊيءَ سان
سڀاڻي اِن مان، گهڻائي ‘گز’ ٺاهبا

مون پوکيو آ پوک ۾ ڄاڱر ڄارن سان
سڀاڻي اِن مان سوين سينڱون ٺاهبيون.


اڄ سندس ڌيان ديش جي دشمن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ‘گز’ ۽ ‘سينڱون’ ٺاهڻ تي وڃي کُتو آهي.
تاجل جي شاعريءَ ۾ وطن پرستيءَ جو جذبو شروعات کان ئي موجود آهي. سندس پھرئين ڪتاب ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ ۾ ‘سر مارئيءَ’ وارو حصو ۽ ٿر جي مارئڙن ۽ ٻين بابت چيل سندس بيت ان جا ساکي آهن. تاجل جي ‘سر مارئي’ ۾ حب الوطنيءَ جي جذبي وارو ڪلام پڙهي تہ مون کي ائين لڳو هو تہ ڄڻ ڀٽائي گهوٽ شاھہ لطيف منھنجي وقت ۾ بہ لکي رهيو آهي ۽ سندس ڪلام گويا تاجل جي نالي ۾ ڇپجي رهيو آهي.
سنڌ جي ڏکويل ۽ ڏکندڙ عوام لاءِ سندس همدرديون ۽ وطن دشمن عناصرن ڏانھن سندس نفرت ۽ عداوت جا جذبا بہ ‘جڏهن ڀونءِ بڻي’ توڙين ‘سنڌ منھنجي امان’ ۾ جان تان نمايان آهن. سُر ڪلاچ وارا بيت بہ ان جو سھڻو مثال آهي. بھرحال موجودہ مجموعي ‘ڪنڌيءَ اَڪَ ڦلاريا’ ۾ سندس شاعري هڪ چِٽي ۽ نمايان ڏسا وٺي بيٺي آهي. هن مجموعي جي وير رس وارين ڪويتائن (Heroic Poetry) سان تاجل آزاديءَ ۽ انقلاب جي شاعر طور اُڀري بيٺو آهي.
ڪتاب جي شروعات ئي ‘ايندو انقلاب’ نالي باب سان ٿئي ٿي، جنھن ۾ شاعر پنھنجن هم وطنين سان مخاطب ٿي چوي ٿو:
اڃا تنھنجي ڪنڌ جو ڇُٽو ناهي ڦٽُ
ڳچيءَ وارو ڳَٽُ، سٽ تہ سوڀارو ٿئين.


کيس پنھنجي مھان اُتھاس جي، پنھنجي اونچي سڀيتا جي پنھنجي فخر جوڳي ورثي جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي. ان ئي حوالي ۾، عفلت ۾ ستل وطن وارن کي جاڳائيندي چوي ٿو:
تو ڪيئن پاتو طوق، ڪانئر هيڏي ڪنڌ ۾!
ٻيو سمورو لوڪ، آجو ڳچيءَ ڳٽ کان.


بسنت رُت، ڳاڙها گل، نئون اڀرندڙ سج انقلاب جو ۽ نئين صبح جو پيغام آڻيندڙ آهن ۽ تاجل جي نئين شاعري اهڙو ئي پيغام کڻي آئي آهي. سانجهيءَ جي ويلي سمنڊ تي لھندڙ سج جو درشيہ ڏسندي هن کي انقلاب جو ئي گلابي گُل ڦٽندو ٿو نظر اچي:
ڦٽي پيو گلاب، لھندي سج سمونڊ ۾
اسان انقلاب، اُٿندي ڏٺو اَڇُ تي.


ڪُلھا ۽ ڪُھاڙا، لاکاٽ ۽ راءِ کنگهار، کرڙي ۽ شاه شجاع ارغون ۽ ٺٽي جي بازار، تاجل بيوس جي اڄوڪي شاعريءَ جا معنيٰ ڀريا اُهڃ ۽ علامتون آهن، جيڪي سندس شاعريءَ مان بي مثال اثر پيدا ڪن ٿا:
کڻي ٿي کرڙي، سامون سنڌو ديش جون
اچي شاھہ شجاع مان آهي جا اڙي
اِجها رات لڙي، اِجهو ڦُٽو سوجهرو.


آزاديءَ ۽ انقلاب جي ڪونڌر سرويچ سردارن لاءِ تاجل جو هِڪُ ئي سنيھو آهي تہ:
مَرُ تہ ورهائن مالھڻيون
گهر گهر، ڳاڙها گل، ڳائي ڳيچ بسنت جا.

۽ تاجل هِڪُ آشاوادي شاعر آهي، هن کي يقين آهي تہ
ڳھلا ڳاڙهي سج کي مِلڻي ناهي مات
اجها ٿي پرڀات، ڦٽندي ڌار کير جي.


اَڄُ تاجل جي شاعري حب الوطنيءَ واري شاعريءَ مان بدلجي مڪمل قومي شاعريءَ واري رنگ ۾ آئي آهي. اڪثر ڏٺو ويو آهي تہ قومي شاعري نعري بازيءَ ۽ سطعيت جو شڪار ٿي ويندي آهي. وڏا وڏا شاعر بہ اِن ڪُن کان پاڻ بچائي نہ سگهندا آهن. پر تاجل جي اها خوبي آهي جو هن ان قسم جي شعر ۾ بہ پنھنجي ڪلاسيڪي بنياد، خيال جي پختگي، ڪلپنا ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ ٻوليءَ جي وينجنا (Suggestiveness) کي قائم رکيو آهي. جنھن سان سندس ان شاعريءَ کي بہ دائميت ملي ٿي وڃي.
رَسَ نو (9) ٿيندا آهن ۽ تاجل هر رس جو شعر چيو آهي. هيٺ مان ٻہ ٽي شاهڪار مثال پيش ڪري، بعد ۾ تاجل جي شاعريءَ تي سرسري نظر وجهندس. اَدڀُت (اچرج) رس: مُنڍيون مانگر وات ۾ ڦرڻيءَ جيئن ڦِرن، مڇ مھانڊا ماريا.
بيڀتس رس (ڪراهت) وجهي ڳجهن وات، چڻيو چم هڏن تان، بيٺيون ڏين آت ڪانئر مٿان ڪيتريون.
‘سنڌ منھنجي امان’ جنھن ۾ سنڌو ماتا جي سونھن جي واکاڻ ڪيل آهي، سو تاجل بيوس جو هِڪُ امر گيت آهي. سنڌ جي سونھن تي صدين کان پئي لکيو ويو آهي. وِيدن جي رشين بہ سنڌوءَ جي سندرتا تي رچنائون رچيون. رگ ويد جي ڏهين منڊل جي پنجھترئين سُوڪت ۾ سڄا سارا نو منتر سنڌوءَ جي ساراھہ ۾ چيل آهن، جن ۾ سنڌوءَ جي مھان ۽ گورو شالي اِستريءَ (عظيم ۽ پُر وقار دوشيزہ) سان ڀيٽ ڪئي وئي آهي.
ان مان هِڪُ منتر ۾ چيو ويو آهي تہ:
هندي جون ٻہ سٽون
يعني تہ “اي سنڌو! سندر گهوڙن واري، سندر رَٿن واري سندر ويس وَڳن واري، سونن زيورن واري، اناج سان ڀرپور شيشم جي ڪاٺ واري، سندر ۽ ڀاڳ ڀري ماکي پيدا ڪندڙ وڏن وڏن وڻن جو سھارو بہ تون آهين.”
ويدڪ رشين سنڌوءَ جي مھانتا کي ان جي سُکن سھنجن جي حوالي سان ڳاتو، ان جي جوڀن جوانيءَ کي ڳاتو، پر اسان جي تاجل جي ذهن ۾ سنڌوءَ جو روپ ‘امان’ وارو آهي، هڪ ماتا وارو پاڪ پويتر ۽ ممتا ڀريو روپ، جنھنجي دنيا ۾ ڪا ڀيٽ ئي نہ آهي. ٻيءَ طرح جتي ويدڪ رشين سنڌوءَ جي رٿن گهوڙن، سون ۽ زيورن ۽ تمام سُک سمپتيءَ کي ياد ڪيو آهي، تہ اُتي تاجل جو ڌيان وري سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪُڏندڙ ابهم ٻار اَسُر جو اُٿي جنڊُ جوٽيندڙ ۽ بکن تي منڊُ منڊيندڙ’ ڳوٺاڻي عورت ۽ ‘گرم کير بہ کنڊ بڻجي گهلندڙ سھاڳڻ ڏانھن ويو آهي. سندس نگاھہ سنڌوءَ جي ڌن دولت طرف نٿي کڄي، سندس سوچ تہ سنڌوءَ ڄاون جي سُکن- سُورن، اُميدن اٺسٺن، آرزوئن ارمانن سان ڳنڍين وانگر ڳنڍير جي ڳنڍين پيئي آهي. ساڳئي ئي نظم ۾ دل جي آس ظاهر ڪندي چوي ٿو تہ:
شال تنھنجي ئي ڪُک مان پيو هر هر ڄمان
کير تنھنجو پيئان وير تنھنجو وٺان....


اسان جي شاھہ ڀٽائيءَ مارئي جي واتان چيو آهي، تہ مُئي پُڄاڻان منھنجي گور پنوهارن جي پاسي ڪجانءِ تہ جيئن اباڻي وطن جي ولڙين جو واس مُئي پڄاڻان بہ پاڻ کي جيئرو سمجهندس تہ هيڏانھن تاجل جي وري اها تمنا آهي تہ هو هر جنم سنڌو ماتا جي ڪک مان وٺي.
هن صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن گڏيل هندستان جي آزاديءَ جي هلچلءَ زور هئي تہ ان وقت مھان ڪوي بنڪم چندر چئٽرجيءَ بہ ديش کي ‘ماتا’ جي روپ ۾ پيش ڪيو هو ۽ ان جي اُستتي ڪندي ‘وندي ماترم’ گيت ۾ لکيو هو:
وندي ماترم، سُجلام سڦلام مَليجَہ شيتلام.....

اي ماتا! مان تنھنجي اڳيان سر نوايان ٿو. تنھنجو پاڻي سٺو آهي، تون سٺين ميون واري آهين، تنھنجي هوا هِير جھڙي ٿڌي آهي.... الخ...
اڄ تاجل بہ سنڌوءَ جي ماتا جي روپ ۾ ئي واکاڻ ڪري رهيو آهي، پر هن جو سروڪار ان جي سُٺي پاڻي، ڦلن، هوا وغيرہ سان نہ آهي، هن لاءِ تہ سنڌڙيءَ جا ‘لاڻا ۽ ليون’ بہ چندن برابر آهن، ‘ٿر جا ٿُوهر ۽ ڪچي جا جهنگ جهَر هن لاءِ سونھن جا سرچشما آهن، ائين جيئن مارئيءَ لاءِ پنھنجو ملير هو، جنھن لاءِ وطن جي کھہ بہ کٿوريءَ برابر هئي. تاجل جو سروڪار تہ سنڌ جا ماروئڙا آهن، جن کي هو پنھنجي سيني ۾ سانڍيو پيو وتي. تاجل جي هن گيت جي سنيھہ ۽ سادگيءَ جي مھانتا جي جيڪڏهن ڀيٽ ڪرڻي هجي تہ سوچ ‘شاھہ ڀٽائيءَ’ ۽ ‘مارئي’ تائين وڃي ڇيھہ ڪندي.
تاجل جي شاعريءَ ۾ سنڌ ديش جي ٻھراڙيءَ جي سموري سونھن سوڀيا مورت روپ ۾ وٺي اچي ٿي سامھون بيھي. ٿر جي انوپم سندرتا، ڪچي جا ڀِن ڀِڻ روپ سنڌوءَ جو دم ۽ دهشت، منڇر جي ماٺائي، اَروڙ جي ارڏائي، ڪينجهر جي چنچلتا ۽ ڪارونجهر جي اڏولتا تاجل جي ڪويتائن ۾ ساڪار ٿي اُٿن ٿا. تاجل پنھنجي ابتدائي زندگي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ گذاري آهي. هن ان ماحول سان، اتان جي وڻن ٽڻن، پکي پکڻن سان گڏجي سواس کنيا آهن ۽ ان وايومنڊل جو هڪ حصو بڻجي ڏٺو آهي، تنھنڪري ٻھراڙيءَ واري زندگي ۽ ٻھراڙيءَ وارن ڏيکن جو جيترو سَجِيو ورڻن جو ڪري سگهيو آهي، اهڙو اڄ جو ٻيو ڪو ڪوي نہ ڪري سگهيو آهي. نارائڻ شيام جو تہ رايو آهي تہ ‘ڀٽائيءَ کان پوءِ ڳوٺاڻو هَڳاءُ جيڪو تاجل بيوس جي شعر ۾ ملي ٿو، اُهو اياز ۾ بہ گهٽ آهي.’
(سپون جولاءِ- آگسٽ 1991)

منظر ڪشيءَ ۾ تہ تاجل پنھنجو مٽ پاڻ آهي. بنا رنگن ۽ برش جي ڪو رنگبرنگي چِتر چِٽڻ وارو چترڪار ڏسڻو هجي، تہ تاجل کي ڏسجي، ان ڪري ئي شيخ اياز بہ کيس مصور شاعر ڪري سڏيو آهي. (سنڌ منھنجي امان جو مھاڳ)

ڍنڍ جي ڪناري تي ڀَتر گلن جي ڇٽا ڇانئي پيئي آهي ۽ انھن جون پيليون پنکڙيون ڦھلجي وڃي پاڻيءَ مٿان پيون آهن. نيري پاڻيءَ تي نيرڳ پکي بہ تري رهيا آهن. ان سان جيڪا رنگا رنگي جهل ٺھي آهي، ان کي ڏسو تہ ڪيئن ٿو ڪماليت سان چِٽي:
ڀر تي ڀتر- گل، نيرڳ پکي نير تي
اڇي پيلي نيرڙي مٿان پاڻيءَ جهل.


سانجهيءَ ويلي سمنڊ تي سج لھڻ جو نظارو وري هينئن ٿو ڏيکاري:
سج ٻُڏي ويو سير ۾ ڳري ٿي ڳاڙهاڻ
اِسٿول شين کي تہ ڇڏيو، سوکيم ۾ سوکيم اِسٿتين کي بہ هو قابليت سان جهٽيو قلمبند ڪيو وٺي.
سورج ڪئي تخليق
سرنھن جي ڦولار ۾
روشنين جي لِيڪ
نور پيو نسري
ٻن چڳن جي وچ مان
سج پيو اُڀري.

تاجل جا ڪيترا شبد چتر (لفظي تصويرون) پاڻ سان انوکي وينجنا (Suggestiveness) کنيو اچن، انھن سان اِنھن شبد- چترن جو تاثير تھائين وڌيو وڃي.... هر چتر ڏسو:
سورج- لٿي سَرَ مٿان رڳو آ رت ڇاڻ
سج کي هڻي ٻاڻ، اُڇلي ويو ڪو آب تي.

سانجهيءَ ويلي سَرَ مٿان ڪيڏو رت هاريو!
مارڳ ۾ ماريو، ڪنھن سجَ سِرجهڻار کي؟

سج ڪنھن مھاپرش جي، ڪنھن عظيم رهبر جي علامت آهي، ان کي گويا ڪنھن ٻاڻ هڻي ڪيرايو آهي، جنھن سان سڄو پاڻي ڳاڙهاڻ (رتو ڇاڻ) سان ڀرجي ويو آهي. سانجهيءَ جي ويلا غم، سوگ يا سُنُ جو اُهڃاڻ آهي. هن شعر کي پڙهي ڪنھن سورمي جي شھادت جو چتر اکين آڏو اُڀري بيھي ٿو.
ائين پيو ڀانئجي گويا ڪو جئدرٿ، ڪو ڏاهر، ڪو سرمد، ڪو ڪنورام، ڪو هيمون، ڪو ڀٽو، ڪو راهُو، اسان جي اکين اڳيان شھيد ٿي رهيو آهي.
سنڌ جي پنھنجن، ڌرتيءَ ڄاون ڏانھن شفقت ۽ ربوبت جھڙي تجرد حقيقت کي، هڪ ممتا ڀري ۽ هڏ ڏوکڻ سنڌ ڄائيءَ جي ذريعي ڏسو تہ ڪيئن ٿو هڪ لفظي تصوير جو روپ ڏئي:
هِڪُ ڪَڇ تي ٻيلھڙا، ٻيءَ ڪڇ تي ٻار
اَصل کان هي بار، سونھي منھنجي سنڌ کي.


تاجل جي خيال جي اڏام بي جوڙ آهي. خيال جي اڏام ۽ ان اڏام ۾ نئون انداز ڀرڻ سان شاعريءَ کي نواڻ ملي ٿي، جيڪا ان جي جيئاپي جو آڌار ٿئي ٿي.
تاجل جي شعر ۾ اهي ٻئي ڳالھيون جيئن جو تيئن ملن ٿيون. خيال جي اڏام جا بہ وري ڪري آدرش ۽ مريادائون ٿين ٿيون. ڪلپنا جو انڀو جي سچائي سان سنٻنڌ ضروري آهي. ڪلپنا جي اڏام ڀريندڙ شاعر جي انڀؤ تي پختي پڪڙ، شعر کي تھائين وڌيڪ بلندي بخشي ٿي. ان ڪري سٺي شاعريءَ لاءِ مطالعي ۽ مشاهدي کي بہ خيال جي اُڏام جيتري اهميت حاصل آهي.
تاجل بيوس جو مطالعو وسيع آهي، جو هن جي ڪتابن ‘ڪاڇي مٿان ڪونج’ ۽ ‘انبن جهليو ٻور’ مان بہ ظاهر آهي. سندس مشاهدو بہ وسيع، ڳوڙهو ۽ ڀريل آهي. هن ڪچيءَ عمر ۾ ئي پنھنجي هوش حواس کي کليل رکي پنھنجي آس پاس کي، پنھنجي ماحول پنھنجن ماڻھن کي غور ۽ خوض سان جاچيو ۽ پرکيو آهي. اهو هاڻي ڄڻ تہ سندس سڀاءُ ٿي پيو آهي. سنڌ جي ڌرتي، ان جي ماروئڙن انھن جي سڀاءُ، انھن جي اُٿڻي ويھڻي، ريتن رسمن کان هو بخوبي واقف آهي. سنڌو وطن جي ڳلھين تي تہ هن کي خاص مھارت حاصل آهي. سنڌ جي ندين، ماٿرين برن بحرن، جبلن پھاڙن، ادب ‘تهذيب’ تاريخ، جاگرافيءَ جي هن کي سموري ڄاڻ آهي ۽ انھن سڀاڻي سان هن پنھنجي چيتنا کي تاڃي پيٽي آڻي ڇڏيو آهي. ان ڪري ئي هن جا عڪس، هن جون علامتون، هن جي ڪھڻي هن جا روپڪ هن جا النڪار گهڻو تڻو سنڌ سان ئي واڳيل آحي.
بھرحال سنڌ سان ايڏي پختي وابستگيءَ جي باوجود تاجل جي سوچ، عالمي ڳالھين، عالمي مسئلن سان بہ جُڙيل آهي. سنڌ جي هارين، ڪمين ڪاسبين وغيرہ جو اونو رکڻ سان گڏوگڏ، لبنانين ۽ فلسطين لاءِ بہ سندس هڏ ڪُرڪي ٿو:
پچايم ماني
جيڏا ان جھاز مان
لھندا لبناني.

هُو جڏهن سنڌ لاءِ آزار بڻجي پيل ڪنھن مَڇَ کي مارڻ لاءِ سندرو ٻڌي نڪري ٿو تہ هُن جي دل مان اها بہ صدا نڪري ٿي تہ الا مَڇَ مرن ساري هن سنسار جا.
تاجل لاءِ ڌرتي ۽ انسان دنيا جون سڀ کان مھان چيزون آهن. ماڻھو ڪٿان جو بہ هجي اسان جي صوفي درويش وانگر هن لاءِ سائينءَ جو سروپ آهي:
ماڻھو هر مِٽيءَ جا سڀيئي سبحان.
فن هن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو، جنھن جي اڳيان سياسي ۽ مذهبي فرمانن کي هُو ڪي ڪين ٿو سمجهي:
ڦاڙيو سڀ فرمان، فن نہ ڦاهيءَ چاڙهيو.
هيٺ سندس شاعريءَ مان چند ٻيون سٽون مثال طور پيش ڪجن ٿيون، جن مان عالمي معاملن ڏانھن سندس تشويش ظاهر ٿئي ٿي.

1. فرمان ڪنھن شھنشاھہ جو جاري نہ ٿي پوي.
هيءَ ڪائنات صحرا جي واري نہ ٿي پوي.
2. اُڇلايو پيا ائٽم گولا، ڇا هيءَ ڌرتي ڪاري آهي؟ سندس هڏ سڄي دنيا لاءِ ڪُرڪي ٿو.
3. ڪُٺا ڪالھہ جي بي خطا ڀاءُ منھنجا، اي ڌرتي انھن جو ٿيڻ آيو آهيان.
4. امن آزادي، اصل وٿ انسان جي، تو ڪيئن رسا چيلھہ ۾ ڳچيءَ ۾ ڳاڌي؟

تاجل جي شاعري لريڪل (راڳ ڀري) شاعري آهي. سندس ڪلام ٻاهروني توڙين اندروني طرح سنگيت سان پُر آهي.
‘لرڪ’ لفظ کي عام طور موسيقيءَ جو ۽ ‘لريڪل شاعري’ ۽ ‘لريڪل’ لفظن جي معنيٰ مفھوم، موسيقي، موسيقيت جيئن اُهي عام طرح ڄاتل آهن، تن تي وڃي دنگ ڪندا هجن ائين آهي ئي ڪا نہ. موسيقي ۽ موسيقيت لريڪل شاعريءَ جي فقط صوتي نظام ۽ انھن جي وزن قافيہ سان وابستہ آهن. انھن جو آوازي پھلوءَ سان واسطو آهي ڇو تہ موسيقي آهي ئي آوازن جي تنظيم يا سُرن جي سٽاءُ يا آواز جي هم آهنگي، جڏهن تہ لريڪل شاعريءَ سان مراد آهي شعر جي سمورن جُزن جي هم آهنگي، جنھن جو ذڪر مون مٿي رس واري بيان ۾ بہ ڪيو آهي.
جڏهن ڪو شاعر پنھنجي داخلي يا خارجي ڪيفيت جي، بنا ڪا سچيت ڪوشش وٺڻ جي (Spontaneous) سهج سڀاءَ لفظن ۾ ترجماني ڪندي، اظھار ڪري ٿو تہ اها لِريڪل شاعري ٿي پوي ٿي. ان ۾ نہ هجي ٿي وزن، قافيہ يا سھڻن لفظن لاءِ تانگهہ نہ دماغي کوٽ کوٽان. لِريڪل شاعريءَ جو واسطو بنيادي طرح جذبي سان آهي، ڇو تہ محرڪ داخلي هجي يا خارجي، ان جو پھريون گونگو (بي لفظ) اثر دل تي ئي پوي ٿو، جتي اهو لفظن جو روپ وٺي، شعر ٿي نڪري ٿو. اهڙي لريڪل جذبي يا ڪڏهن خيال جي اظھار ۾ لفظن جي سندرتا، رواني، ترنم ۽ موسيقي جيئن عام طرح ڄاتي وڃي ٿي. سي پاڻمرادو اچيو وڃن. اِن کي ئي لِريڪل شاعري چئجي ٿو ۽ اِهو تت، رات وارو تتُ تاجل جي شاعريءَ جو هڪ نمايان گڻ آهي.
اِهو راڳ تاجل جي شاعريءَ جو روح آهي. جيڪو ان جي رڳ رڳ ۾ رمي رهيو آهي. ان سان سندس شاعريءَ جي ڪا ازلي سڱاٻنڌي ٿي ڏسجي. ڇو تہ سندس معياري ادبي شاعريءَ جي ياترا اڃا شروع ٿيڻ جا سنباها ئي پئي ڪيا، جو سنگيت اڳتي وڌي اچي ان جو سواگت ڪيو هو. سندس بيشمار گيت اڳ ۾ ئي سنڌ ۽ هند جي چوٽيءَ جي گلوڪارن، عابدہ پروين، عذرا رياض، محمد جمن وغيرہ جي گلي جڳ سينگار بڻيا رهيا آهن ۽ عام خاص جي زبان تي رقص ڪندا رهيا آهن.
تاجل بيوس جا گيت ۽ وايون ‘سنڌ منھنجي امان’، ‘جنگ کٽي جونجهار ڀلي ڪري آيا’، ‘پنڌ پرانھين پار جو’، ‘ڇو ٿيون سيج سجايو ڀينر’، ‘واجب ناهي يار’ سندس لريڪل شاعريءَ جا سھڻا مثال آهن. موجودہ مجموعي ۾ بہ اڪثر ڪلام لريڪل نوعيت وارو آهي ۽ ‘مُر تہ ورهائڻ مالھڻيون’، ‘چو پڙ واريءَ چال ۾’، ‘مون کي ڪري مات سمھڻ لڳيون سارنگيون’ جھڙيون وايون ۽ ڪي بيت جڏهن سنڌ ۽ هند جي سريلن ڳائڻن جي ڪنٺ تي ايندا تہ يقينن سنڌي سنگيت جو زيب وڌائيندا.
تاجل بيت، وائي، ڪافي، غزل، نظم، ٽہ-سٽن جھڙين جدا جدا صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ اڪثر هر صنف ۾ پاڻ ملھايو آهي. ايتري هوندي بہ سندس شاعريءَ جي اگر اصل جوڀن جوانيءَ کي ڏسڻو هجي، تہ اهو سندس بيتن ۽ واين ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. تاجل جي شاعري ڪلاسيڪي نوعيت واري آهي، ان جا موضوع ۽ ماحول سنڌ جي ڳوٺاڻي جيوت سان واسطو رکندڙ آهن، ان ڪري سندس نِھج جذبو، نھج سنڌي ماحول، نھج سنڌي لھجي ۽ ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾، جڏهن اِن نھج سنڌي گهاڙيٽي ۾ گهڙجي اسان تائين پھچي ٿو تہ ائين ٿو لڳي تہ ڄڻ ڪا سادي سُودي ڳوٺاڻي سنڌي نياڻي سوسيءَ جي وڳي ۾ يا سنڌي اجرڪ ۾ سونھندي هجي.
بيت ۽ وائيءَ جي سندرتا ۽ مٺاس ئي پنھنجو آهي، ۽ تاجل آهي بہ سندرتا ۽ مٺاس جو شاعر.
وائيءَ ۾ هڪ اندرونِ موسيقي ٿئي ٿي ۽ تاجل بہ اندروني ۽ ٻاهروني موسيقيءَ سان پُر شاعر آهي. ان ڪري تاجل جي شاعري وائيءَ ۾ ۽ بيت ۾ سڀ کان وڌيڪ ٺھڪي بيھي ٿي. وائي ۽ بيت هونئن تہ عشق ۽ سوز جا راڳ آهن، ۽ تاجل جون شروعاتي وايون بہ اهڙي ئي نوعيت واريون آهن، پر هن تازو ئي آزادي ۽ انقلاب، انسان پرستي ۽ ٻين موضوعن کي بہ وائيءَ ۾ آندو آهي. خوب قابليت سان آندو آهي.
شيخ اياز جو رايو آهي تہ “تاجل جھڙا بيت ۽ وايون هن جي ڪنھن بہ هم عمر يا هن کان گهٽ عمر شاعر نہ لکيا آهن.” (ڪراچيءَ جا ڏينھن ۽ راتيون: ص 62) بھرحال، مان جيڪر ائين چوان تہ تاجل جي ڪيترن بيتن ۽ واين کي سنڌيءَ جي بھترين بيتن ۾ واين ۾ شماري سگهجي ٿو.
ٻوليءَ تي تاجل کي جيڪا دسترس آهي، اهڙي مان سمجهان ٿو تہ سنڌيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ شاعرن کي رهي آهي. اِهو مان شبد- ڀنڊار (لفظي خزاني) ۽ شبد- آرٿ (لفظ- معنيٰ) جي سٻنڌ واري پھلو، ٻنھي کي ڌيان ۾ رکي چوان ٿو. سندس لفظن جو خزانو تہ اپار آهي، جنھن کي ڏسيو حيرت وٺيو وڃي. اهڙا لفظ، جيڪي شاھہ لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن بعد، سنڌي شاعريءَ کان رُسي جھنگ منھن وٺي ويا هئا، يا جن کي نئين پيڙهيءَ جي شاعرن، شاعريءَ جي ڌرتي تان ڌِڪي ڪڍيو هو، يا ڪي اهڙا لفظ، جيڪي شھري ڪرڻ (Urbanisation) جي چپيٽَ ۾ اچي تڙجي ويا هئا، انھن سڀني کي تاجل جي شاعريءَ ۾ نئين سُڪونت ملي آهي. اهي پنھنجي ساڳئي شانَ مان، سان سنڌي شاعريءَ ڏانھن موٽي آيا آهن ۽ پنھنجي ڏيا ميا سان وري سنڌي شاعريءَ جو آب تاب وڌائڻ لڳا آهن.
اها تاجل شاعر جي ئي نہ، سنڌي شاعريءَ جي بہ حاصلات آهي. شاھہ جو رسالي کان پوءِ، مان نٿو سمجهان تہ ايترا گهڻا ۽ اهڙا ٺيٺ سنڌي لفظ ٻئي ڪنھن بہ سنڌي شاعري، شاعراڻي خوبصورتي ۽ ڏانو سان استعمال ڪيا آهن.
تاجل ڪيترن ئي نون، ڪيترن غير مَروج، متروڪ لفظن کي پنھنجي شاعريءَ ۾، خوبصورتيءَ سان وري آندو آهي ۽ ڪيترائي غير شاعراڻا ۽ غير مانوس لفظ سندس شاعراڻي ڇُھاءُ کي پائي شاعراڻي رنگ وارا بڻجي پيا آهن.
مثال: نوان، غير مروج ۽ ترڪ ٿيل لفظ:
ساڪو (سِڙه جو)، ڪرس، هاهيارا، وانڊ، پلڙا، باکاٽڙو، مڃر، سائون، کاٽر، اُتامري، ساندارو، ڪُرلائڻ، ماڀاڙ، آجهاپو، واتِڻ، ڪرت، ڪھوُ، ڄاڱر وغيرہ.
مثال: غير شاعراڻا ۽ عير مانوس لفظ:
ٽئا (سوگ وقت وڇائجندڙ تڏا) نڙُ ڦُوڪ، سُرٻاٽ (ٻہ مُنھنيون ڪنِ سرٻاٽ) گهوڙو (بندوق جو ) ڍنڍ وغيرہ.
ڍنڍ جھڙي غير شاعراڻي لفظ کي قافيو ڪري بہ ڪم آندو اٿس.
بُلَ ۽ ڇپر کٽ لفظ ڏسو تہ ڪھڙا نہ سھڻا لفظ ڪم آندا اٿس.
ان سواءِ سندس ڪلام ۾ ڪيتريون ئي سھڻيون سَنڌيون (مرڪب لفظ سنڌي اصطلاح ۽ ترڪيبون بہ ملن ٿيون. جيئن چتين لڳل چولڙا، اَن پالڻھار، مُنڊيءَ ٽِڪ، واڊيون وٽڻ، ٻُھا ٻُھارڻ، ٻيڙھہ ٻولڻ، چِڪڻ جو چوٻول وغيرہ.
شبد- اَرٿ (لفظ- معنيٰ) جي سنٻند جي نقط نظر کان تاجل جي شاعري لڪشڻا ۽ وينجنا واري شاعري آهي، جنھن کي سنسڪرت جي آچارين اُتم قسم جي شاعري ليکيو آهي. شبد (لفظ) جون ٽي شڪتيون مڃيون ويون آهن. 1. اڀيدا (سوڌو سنواٽو اظھار) 2. لڪشڻا (علامتي اظھار) ۽ 3. وينجنا (Suggestive Language)، وينجنا واري اظھار ۾ معنيٰ، چيل لفظَ نمان نہ، پر چوڻ جي نوع، انداز، چيل ڳالھہ سان لاڳاپيل سندرڀن ۽ استعمال ڪيل لفظن طرفان روايتي معنيٰ کان سواءِ بہ حاصل ڪيل معنائن، انھن جي اُهڃن ۽ علامتن مان بکندي آهي. وينجنا سان معمولي لفظن ۾ چيل ڳالھہ بہ وڏو اثر پيدا ڪرڻ جي طاقت رکندي آهي، اهڙو اثر جيڪو وڏين طاقتن کي بہ لوڏي ڇڏي. ‘شاھہ جي رسالي’ جي هِڪُ وينجنا ڀريءَ سٽ مان، سنڌ ۾ انگريزي حڪومت وارن پنھنجي حڪومت لاءِ لوڏو محسوس ڪيو هو. اُها سِٽ هئي:
‘ڪلالڪي هٽ، ڪُسڻ سندو ڪوپ وهي’ جنھن کي عنوان ڀڻائي، آزاديءَ جي هلچل دوران ڄيٺمل پرسرام ايڊيٽوريل لکيو هو. اِن سِٽ کي انگريزي عملدارن بغاوت لاءِ سڏ ڪري ليکيو، جنھن تي پوءِ ڪيس هليا. ڄيٺمل پرسرام کي جيل ڀوڳڻو پيو، مقدمي دوران ان هڪ سٽ جون جدا جدا ڌُرين جيڪي تشريحون ڪيون، سي ٻڌي جج ايڇ ٽي سورليءَ جا ڪپاٽَ کُلي ويا ۽ شاعر شاھہ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيڏي وينجنا آهي. ان کان ئي محرڪ ٿي پوءِ هو سنڌي سکيو ۽ شاھہ لطيف ۽ سندس شاعريءَ تي وڏي مھارت حاصل ڪيائين. خير،
تہ اسان جي تاجل بيوس جي شاعريءَ، ۾ ۽ خاص ڪري موجودہ مجموعي جي شعرن ۾ وڏي وينجنا آهي، جنھن جا مان فقط چند مثال ڏيئي ۽ ڪفايت ڪندس.

مثال
1. ڪچو ڀڃُ ڪُنو، جو آويءَ کان آجو رهيو
2. تو کي ڪيئن ڪنڀر، آويءَ مان آڻي ڏنا؟
مون کان هي ڪنگر، لوڪانِ لڪايو ڇڏي.
3. مون پوکيو آ پوک ۾ ڪھوَ ڪنڊيءَ سان
سڀاڻي اِن مان، گهڻائي گز ٺاهبا.
يا
مون پوکي آ پوک ۾، ڄاڱر ڄارن سان
سڀاڻي اِن مان سوين سينڱون ٺاهبيون.
يا
ڪنڊو ٻٻر ڪيوڙو ٽيئي ڏسو ٽيلھہ،
هن ڀيري ڀي هيل، ٻٽ ٻٻر سان ٻيلھہ، ڪيئن بيٺو آن ڪيوڙا.

مٿي سج کي ٻاڻ لڳڻ ۽ پاڻيءَ مٿان رتوڇاڻ ٿيڻ مان ڪنھن عظيم شھيد جي شھادت جو ڏيک اُڀرڻ جي وينجنا جو ذڪر مان ڪري آيو آهيان.
1. ڏيھہ ڌڻي ڏاتار
ڪنھن ٽنگايو ٽياس تي
مُئو ناهي مينڌرو جيئرو آ جهونجهار
2. سورٺ ٿي سھي
مارون مڱڻھار جون
ڏيئا ٻاريو ڏات جا متان سج لھي، الخ
تہ هاڻي اهي سموريون ڳالھيون آهن، جيڪي پاڻ ۾ رل مل ٿي تاجل بيوس جو شعر بڻجي نڪرن ٿيون. سندس شعر ۾ اها رِل مل سھجتا ۽ سڀاويڪتا ڀري آهي، ان ڪري ئي سندس شاعري اوج ڀري ۽ اُتم شاعري آهي.
تاجل شاعر تہ سھڻو آهي، پر ماڻھو بہ سھڻو آهي،
يارن جو يار ۽ محفل جو مور. سندس دل پيار جو گهر آهي،
پيار دل ۾ تہ سونھن دنيا ۾
شمع هوندي تہ روشني هوندي.
(شيام)

تاجل ‘شاھہ، سچل، سامي، انترراسٽريہ سيمينار تي هتي ڀارت ۾ آيو تہ سڀني جو من موهي ڇڏيائين. پنھنجي ‘ڌرتيءَ ڄاون’ ۽ ‘سنڌوءَ جي وڇڙيل ڌارائن’لاءِ سندس صادق جذبن ۽ دلي ارواح کي سڀني محسوس ڪيو. جتي بہ هليو، ٻٽيھہ ڏيئا ٻاري سندس سواگت (آجياڻو) ڪيائون. سندس سنگت پائي سڀ گد گد پئي ٿيا. پر هيءَ اڀاڳو هو جو جذبي وهيڻو ٿي سڀني سان روئي پئي مليو ۽ روئي پئي موڪلايائين. پاڻ بہ پئي رُنو اسان کي بہ ٿي رُئاري ڇڏيائين.
پر الھاسنگر جي اسٽيشن تي اصل حد ڪري ڇڏيائين. مان ۽ تاجل سنڌو نگر جي سنڌين سان قرب ونڊي، واپس بمبئيءَ وڃڻ لاءِ گاڏيءَ جي انتظار ۾ اسٽيشن تي بيٺا هياسين، تہ الھاس نگر واسين جا قرب ياد ڪري، ماڻھن سان ڀريل پليٽفارم تي، پنھنجي آسپاس کان بي نياز ٿي اچي رُئڻ ۾ ڇڻڪيو. چي ‘هيرا’ لک لائق آهن منھنجي سائينءَ جا، جنھن مون کي هن وڇڙيل سنگت ساٿ سان ملايو آهي، مان هر هر پيو سوچيان تہ مان ان جي لائق آهيان!” سنڌءَ جي ڌارا سندس اکين مان نڪري، ڳلن تان ٿي ٽپ ٽپ ڪري رهي هئي.
مون کان بہ سُڏڪو نڪري ويو ۽ اک ڇُلي پئي ۽ ٻئي پل ترت رومال ڪڍي تاجل جا ۽ پنھنجا ڳوڙها اگهي ورتم. سنڌوءَ جي ٻن گهڻو الڳ رهيل ڌارائن کي پاڻ ۾ سمائيندڙ اُهو رومال مون پاڻ وٽ سانڍي رکيو آهي.
تاجل تہ چوڻ کي چئي ويو تہ مان هر هر پيو سوچيان تہ ڇا مان هن سنگت ساٿ سان گڏجڻ جي لائق آهيان! پر اڄ مان اڪيلو ويھي اهو سوچي رهيو آهيان تہ اسان سنڌين کي جو وقت بہ وقت شاھہ جھڙا، بيوس جھڙا، اياز ۽ تاجل جھڙا شاعر ملندا رهن ٿا، ڇا اسين انھن جي لائق آهيون؟ مون کي تہ شاھہ سائينءَ جون ئي سٽون پيو ياد اچن تہ:
موتي مڇيءَ هٽ تي، ڪوڏين جيئن ڪڍيائين
هيري هَٿُ وڌائين ويھي ساٽين وچ ۾


هن مجموعي ۾ تاجل جي نئين شاعري هڪ نئون سنيھو، نئون پيغام کڻي آئي آهي. سنڌي جاتيءَ کي اڄ ان جي وجود جي سنڪٽ واري سمي، جو تاجل بيوس جھڙي باشعور بي- باڪ ۽ برجستي شاعر جو ساٿ مليو آهي، سا اسان جي جاتيءَ لاءِ خوشقسمتيءَ جي ڳالھہ آهي. ان ڪري تاجل جڏهن پنھنجي هن ڪتاب لاءِ مھاڳ لکڻ لاءِ مون کي لکيو تہ مون يڪدم سندس ڳالھہ مڃي ۽ اڄ هي ڪم سرانجام ڏيندي مون کي خوشيءَ ۽ فخر جو احساس ٿي رهيو آهي.


هيرو ٺڪر

JD/25 A, Crystal Apartments Pitam Pura, Delhi-110034
INDIA