سرجيندڙ ساڻيھہ جا
سينگون سَوَ هزار- سڀان کپنديون سنڌ کي
وَڌي ٻوٽا وڻ ٿيا، ٿُڙَ سُونھن ڏارَ
هاڻي لک هزار- لَٺيون لوڪن هٿ ۾
واڍا! هِن وڻڪار مان، اهڙو وڻ نہ وَڍِ
آهي جنھنجي اَڍِ- چندن جھڙي چيٽ ۾
هيءَ جا واڍن وَڍَ- وڌي آ وڻڪار ۾
توڻي ڏيو ڏڍ- تہ بہ سور نہ لھندو سُٿرو
ويھہ واڍوڙون وٽ- جي ڪرٽ وهائن ڪاٺ تي
مُنھن تني کان مٽ- جي ڪامِي ڪھڻھار جا
ڪونھي سڦلو ڪم- ڏارِ نہ ليمي ڏارَ کي
کَڻُ هٿ ۾ بم- ڪھڙو تاءُ ڪمان جو!
ڏکيءَ هَٿِ ڏاٽو- هِي بہ جيئڻ ڏينھڙا
اِجهو چولو اوڄ جو، ڪلھي کان ڦاٽو
ٻاجهر جو ٻاٽو- سانگو سرجڻھارِ جو
چَتين لڳل چولڙا، چِڪُ- ڀڪليا ڀَير
پوءِ بہ ڍيروُن ڍير- آڻيو ڪن اَنن جا
هڪ ڪَڇَ تي ٻيلھڙا، ٻيءَ ڪڇ تي ٻارُ
ازل کان هِي بار- سونھين رڳو سنڌ کي
لَٿِي لاهياري- ڪُنجي ٻانھون ڪڻڪ ۾
ٻيهر جنھن ٻارِي- وِسيل باھہ وجود جي
کاڄي پيو کيٽ- تو کي ڀَوُ نہ ڀَيل جو
لاھہ مٿي جو ميٽ- ڪامِي! ٿيءُ نہ ڪاهلو
پَرُ وانگي هِي پَٽهو(1)، کامايو ٿَم کيت ۾
ڪڍِي اک ڪمند جي، پوکون ڏسجو پو
سکر هوندو سو- مُنڍيون(2) جنھن مرڪائيون
چَتين لڳل چولڙا، ميرا سندن هَٿَ
ڪري سگهندين ڪَٿَ- اَنَ- اُپائڻھار جي؟
ڳاھہ پيا ڳاهين- ڪامي ڪڻڪ گاج(3) جو
اِتي ئي آهينِ- تہ لڳن خوف خريف جو
ڳاهن ڪاهي ڳاھہ- ڳاٿل اَنُ اُڍاريو
پوي شال پرھہ جو، گگدامن کي گاھہ
اڃان مٿيون ماھہ- ڳھندا ڍڳا ڳاھہ ۾
مون ساري سنسار ۾، پوکي جيڪا پوک
ماڻھو سمجهي موک- پيا ونڊيندا پاڻ ۾
مون پوکيو آ پوک ۾، ڪَھُو ڪنڊيءَ سان
سڀاڻي اِن مان- گهڻائي گَزَ ٺاهبا
مون پوکي آ پوک ۾، ڄاڱر ڄارن سان
سڀاڻي اِن مان- سوين سينڱُون ٺاهبيون
ڪنڀارِڪو هَٿُ- ٻَولِرُ ٻِٽيءَ ذات جو
هڪڙن وڏي وَٿُ- ٻِين ٻوڙي تارِ ۾
ڪنڀر ڪھڙو ڏوھہ؟ سھڻيءَ ٻُڏي سير ۾
مِٽيءَ سندو موھہ- آهي ڪارڻ عشق جو
تو کي ڪيئن ڪنڀرَ- آويءَ مان آڻي ڏنا؟
مون کان هِي ڪينڱر- لوڪان لِڪايو ڇڏي
دِلي ۽ درياھہ- سھڻي ٻوڙي سير ۾
ڪنڀر مٿان ڪاھہ- مُئن وارو مامرو
_____________
(1) ڪمند جا پَن ٻُوٽا.
(2) ڪمند جون مُنڍيون، جن مان ٻيو فصل تيار ٿيندو آهي.
(3) ڪڻڪ جو قسم، ٺوڙهي، گاج وغيرہ.