ايندو انقلاب
ڳچيءَ وارو ڳَٽُ- سَٽِ تہ سوڀارو ٿئَين
تو ڪيئن پاتو طوق، ڪانئَر! هيڏي ڪنڌ ۾
ٻيو سمورو لوڪ- آجو ڳچيءَ- ڳٽ کان
تون ڪيئن رُئين رَتُ؟ تو ۾ ٿڃ ٿِرن جي
پڙهندو وڌندو وَتُ- تہ لھن ڳٽ ڳچيءَ جا
تون ڇو رت رُنو؟ سرتا! هيڏيءَ سنڌ ۾
ڪچو ڀڃ ڪُنو، جو آويءَ کان آجو رهيو
اڃان تنھنجي ڪنڌ تي، ڪيڏا آهن ڦَٽَ
ڀڃ مُڪَ سان ٻيڙيون، ويٺي کاءُ نہ وَٽَ
ڏي سنگهرن ڱي سَٽَ، تہ لھي ڳٽ ڳچيءَ جو
تون ڪيئن پائي طوق- ڪانئر! آئين ڪاڄ ۾؟
ٻيو سمورو لوڪ- آجو ڦِري عام ۾
ڪلھو وڍيو ڪنڌ کان، هَڻُ ڪهاڙو هيئَن
آهي ڪبو ايئَن- راضي راءِ کنگهار(1) کي
ٺپائي ٺاهوڪڙو، ڪر ڪاٺير! ڪهاڙو
لڳڻو آ لاکاٽ کان، ڌرتيءَ کي ڌاڙو
پڇي ٿو پاڙون: تون ڪنڌ وڍيندين ڪيترا
ڪاتيءَ سان ڪاٽي ڇڏيو، ڪِنيءَ آڱر کي
هٿ ۾ هوندي جي- اکيون ڪڍندي عام جون
نگر جون ناريون- هَٿُ ڪلاشنڪوف تي
وڙهن وڻجاريون- اٺئي پھر انياءَ سان
سدا رُتِ بسنت جي، ڳاڙهي ئي ڳاڙهي
ڪڙاهيءَ ڪاڙهي- ڄڻ ڪنھن شفق شام جي
هُو لياريءَ جا لال- جن کي لوھہ لڱن تي
ڪن ٿا ڪِيل مقال- سڄڻ ۽ ساڻيھہ جي
سورج- لٿي سَرَ مٿان، رڳو آ رت- ڇاڻ
سج کي هڻي ٻاڻ- اُڇلي ويو ڪو آب تي
سانجهيءَ ويلي سَرَ مٿان، ڪيڏو رت هاريو
مارڳ ۾ ماريو- ڪنھن سِجَ، سرجڻھار کي؟
ڦُٽي پيو گلابُ- لٿي سِجَ سمونڊ ۾
اسان انقلابُ- اٿندي ڏٺو اَڇَ تي
منھوڙي کان مون- ڏٺو سِجُ سمونڊ ۾
وڍيل سسيون وِير ۾، ميان! ماڻھن جون
مون کي ڄڻ هيءَ ڀون- لڳو سِرُ ساڻيھہ جو
اُٿندو انقلاب- رائَي ۽ رت- ڇاڻ مان
لاهي ماڻھو لابُ- کڻندا ڪيچ ڪڻن مان
بم جي ڀڳل خول ۾، ڦُٽي آ ڪانول(2)
جهول تون ڀي جَهلِ- تہ ڪَٺا چونڊيون ڪارڙا
کرن ڪيئن کيتيون! جن ۾ مھڪ ملير جي
ڀَلي بم بارود جون، اُڇلايو پيتيون
ڇاتيون سي ڇيتيون- کوٽُ جني جي کير ۾
کَرڙيءَ اڳيان کَڻُ- وينگس! وک وڏاندري
ڳھلي! ڳاڙهيءَ ٻير جيئن، ڇاتيءَ کان ٿِي ڇَڻَ
وَڌي ٿجي وَڻُ- ڏوٿيئَڙن جي ڏيھہ ۾.
کَرڙي ٿي کڻي- سامون سنڌو ديس جون
پئي ٿي جا پيٽ مان، ڄامن کي ڄڻي
هيڏِي ٿي هڻي! تڏهن هام “هئڻ” جي
کڻي ٿي کرڙي- سامون سنڌو ديس جون
اچي شاھہ شجاع مان، آهي جا اڙي
اِجها رات لڙي- اِجهو ڦُٽو سوجهرو
هاڻي هيءَ بندوق- آهي آڏ امن جي
جا نہ سڃاڻي سچ کي، مارِ اُها مخلوق
ماڻھو جيئن ملوڪ- رهجي وڃن راڄ ۾
هلو هاڪاري- ٻَلُ سڃاڻي ٻانھن جو
گونگو پاڻي گَڻنگ جو، ٻوڙي يا تاري
هر ڪو هِن واري- “پاڻ” اُڪاري پاڻ کي
هي ڪھڙا، هِي ڪير؟ ڄَرَ جني جي ڄڀ ۾
آيا اتر پار کان، کَپَرَ جوڙي کير
هاهيارا(3) نہ هَير- سون- ورنيءَ سنڌ ۾
______________
(1) ڪڇ جو راجا راءِ کنگهار سمون، جيڪو ارغونن جي وقت ۾ ارغوني لشڪر راتاها هڻي، کين ڀڄڻ تي مجبور ڪندو هو. سج جڏهن هالار جبلن جي قطارن ۾ ٽٻي هڻندو هو تہ ڪڇي لشڪر راءِ کنگهار جي اڳواڻيءَ ۾ ڀلن گهوڙن تي چڙهي، راتاهن تي نڪرندو هو.
(2) ڪانول جو ٻوٽو، جنھنجي ڦلَ کي ڪارڙا يا پيرون چئبو آهي. ڪانول جا پيرون جهانگي ماڻھو لپون ڀري کائيندا آهن.
(3) هِيراڪ يا هِريل.