شاعري

ڪَنڌيءَ اَڪَ ڦُلاريا

تاجل بيوس عوامي شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ جا موضوع ۽ مضمون ٺيٺ سنڌي سماج سان ڳانڍاپيل آهن. سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن سان ٿيندڙ ويلن کان سواءِ هن اُن خوشيءَ ۽ الميي جو سندس شاعريءَ ۾ ذڪر ملندو، جيڪي سنڌي ماڻھن سان پيش آيل آهن. تاجل بيوس جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل ٻولي، محاورا، تشبيھون، موضوع، سڀ جا سڀ عوام جا آهن ۽ عوامي ٻوليءَ ۾ آھن. ھن ڪتاب ۾ بيت ۽ وايون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 3
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • تاجل بيوس
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪَنڌيءَ  اَڪَ  ڦُلاريا

سر ڪلاچ

بڪَڪَ(1) ڀانگريا(2) مڙئي وياءَ ڪلاچ جا
ڇڏي ڪين ويا- آيل! گهر اباڻڪا

ٻاريون ٻاپڙن(3)- ڪالھہ ڏياٽيون ڏات جون
چوٽيون ٿا چڙهن- ڪَوَر نہ وٺن ڪاف جي

رات بہ دلو راءِ،(4) سڀ نوازيا ناکئَا
آندائين اجرڪون، مڙئي مورئي لاءِ
گهاتو ٻيا گهڻياءِ- مَٽُ نہ ڪوئي مور جو

ميڪَرَ ماريندا- ماريپور جا مورڙا
تُنبا تاريندا- ڪلاچيءَ جي ڪُنَ تي

جوريجي(5)، جوکيا- وياءَ ڪلاچيءَ- ماءُ جا
پِتا جن پوکيا- مٺا نَئن- ملير تي

ڪيڏيون شھر ڪلاچ ۾، جُڙيون هَن جايون
ماڻھو ۽ مايون- ڇُھندا تارا اڀ جا

ڪراچيءَ جي شھر ۾، لاٿي اٿم لڏ
سُڻي تنھنجا سڏ- ماتا! منگهي پير جي

ماڻھو منگهي پير جا، جاڳياڙي، جاڳيا
سُوَرَ کي ساڳيا- ڪتا وٺندا ڪوڏ (6) جا

مُنھن اونداهي مول(7)- ڀريو نئن ملير کي
گهڙي پيا گبول- تُنبا لاهي تارِ ۾

ڪاڏي شھر ڪلاچ جو، لڏي لوڪ ويو؟
مون کي ڏَسُ ڏيو- اوڀائَي(8) جيءَ اَڍِ جو

لٿو لسٻيلي- تِين- هٽيءَ کان توٻچي
لنگهي لالُو کيت مان، بکر کي ڀيلي
هاڻي هن ويلي- مِرون هوندو موٽيو

هِي ڇا ڪَيُوَ هيل، منگهي ۽ ملير ۾!
لُڻو ويٺا لوڪ جا، رَتَنَ ۽ رابيل
کڻو پنھنجا کيل- ڀيليو ڪنھن نہ ڀونءِ کي

ڪُئنڪر(9) ۽ ڪاٺوڙ- ڪايائُون ڪلاچ جون
گرگ- نہ ڪيو گوڙ- متان ڀاڱا ٿيو

مون مھاڻا مير- ڏٺا ڪالھہ ڪلاچ ۾
اُڪاريندي اڇ کي، ٿيا سڻاوا سير
ڪِلا ٺوڪي ڪير- ميڪر ماري آئيا

سورج لٿي سَرَ مٿان، رڳو آ رت- ڇاڻ
سج کي هڻي ٻاڻ- اُڇليو آ ڪنھن آب ۾

لھر، لھر لوڪو! وڌا وَڍَ وجود ۾
ايڏي اَنت اَٿاھہ تي، ڪاهي ٿو ڪوڪو
پاڻيءَ جو ٻوڪو(10)- ڀانءِ نہ ساگر سنڌ جو

لھر، لھر للڪار- ڪونھي اَنت اَٿاھہ جَو
سرجن ٿا سمونڊ ۾، ڪيڏا ڪارونڀار
آهن روپ هزار- لڪل لھرن وچ ۾

لھر، لھر لُڇندي- لوڏِ نہ اُرَھہ لاڏلي
اِتان ئي اُٿندي- آهي وِير وڏاندري

گَسُ ڏئي گوليمار جو، ننگر ٿيو نروار
ماڻھن ٻُڌا مرونءَ جا، ٻيلي ۾ ٻھڪار
بَڇي لوڌويون ڀُور تي، واٺن ڪيا وار
لِڪو لالوکيت ۾، مِرون کائي مار
ٻہ – وَڄو ٻيھار – ايندو ڪين ڪلاچ ۾

گهارين منجهہ – گڏاپ – پوءِ بہ ميري من ۾
امن جا آلاپ – ڪر تہ ڪاڻيارو نہ ٿئين

اڳيان سونُ – مياڻ، پويان پَڊَ ملير جا
آهي هِي اهڃاڻ، مارِي ! تنھنجي موت جو

لھر، لھر لشڪَر ُ - ڪونھي انت اَٿاھہ جو
هِي پڻ هيڏو ٿَرُُ – پاڻيءَ مان پيدا ٿيو

تون ڪيئن سٿين بار – ايڏا اڄ اُٺن تي؟
اَڏي اوڏا پکيڙا، لَھہ ڪالاچيءَ سارَ
وري تنھنجا وارَ – سَتُر ُ رکندا سنڌ جو

اوڀائَي اڏائيا، کارادر ۾ کُڏَ
لنگهندا انھيءَ لنگهہ کان، ڪري مِرون ڪڏَ
گهڻا ٿيندا گَڏُ – ويندا هن ويڙهاند ۾

کارادر جر کُڏَ کان، وينڊو ڄاڻ(11) وريو
بندوقون ڀريو – تہ ڪجن ڀاڱا ڀُورَ ڪري

مون سي مھاڻا – ڏٺا ڪاھہ ڪلاچ ۾
چتين لڳل چولڙا، پاتل پراڻا
مُرڪيا مياڻا، ميڪر ماري آئيا

هُو ڏِس شور سمنڊ ۾ ، آهي ئي آهي
ٺَاھہ پيو ٺاهي، ماڻھوءَ سندي موت جا

لھريون ٿيون لُڇن – اوڏڻ ! ڍَڪ اُرھہ کي
ساري هن سمونڊ کي، گَجَ ۾ غرق نہ ڪن
متان اڃ مرن – سارس(12) هن سنسار جا

اهو ماڻھو ڪير؟ جنھن جي ننگ اکين ۾
آيو آ اڱڻ تي، من ۾ رکي مير
جِت رکي ٿو پير – اُت مري ٿو ماڻهپو

ڪڏهن ڪراچيءَ – هيئن نہ ويھاريو هنج ۾
ڌرتي ! تنھنجي ڌيءَ – کُوٽُ گڏيو آ کير ۾

نانگ ! هتان نڪرو – ڪرو ڏرِڙَ نہ ڏيھہ ۾
ڦڻ ڪڍي، ڦوڪون ڏئي، ڪاڇي تي نہ ڪِرو
ڇڏيو لاڙ، سِرو – نہ تہ مارَ(13) پوندؤُ مامري.

آءٌ موريا ! آءُ – ويھہ اسان جي وچ ۾
مُرڪايون تو مياڻيون، بيشڪ آهن ڀاءُ
آهي تو انياءُ - غرق ڪيو گرداب ۾

مِيون منگهو پير – ساهي پير سمھي پيو
هاڻي انھيءَ ڀيڻين – تاڻي ڪو بہ نہ تير
ويٺا ڳاڙين نير – ڪندس ياد ڪلاچ کي

اجهو ڄاڻ اروڙ – جوڙيا ڪُنَ ڪلاچ جا
سڄي منھنجيءَ سنڌ جي، آهي ڀونءِ ڀلوڙ
ماري مانگر کوڙ – ماڳ ورندا مورڙا

مون جيئن موکيءَ ساڻ – پيتو مڌ ملير ۾
ازل جو اهڃاڻ – حاصل ٿيو حال ۾

ڪيئن ٿا ڪورنگي – سوا ڀانيو سنڌ کان
جيئَن هوءَ ڀيڻ بکر جي، آهي اورنگي
ناهي ڪا ننگي – ڌرتي ڪنھن بہ ديس جي

ڪياماڙِيءَ ۾ ڪالھہ – مون جي ڏٺيون مائرون
انگ – اگهاڙا ٻارڙا – ڪڇ تي هُئن ڪالھہ
ڪڏهن اِن نہ ڪالھہ – انگ ڍڪيو انسان جو

___________
(1)، (2) ۽ (3) ڪراچيءَ جا اصلي رهواسي.
(4) سنڌ جو راجا، جنھنجي ڏينھن ۾ مورڙي ۽ مانگر مڇ جي قصي جنم ورتو هو.
(5) ڪراچيءَ جا پراڻا رهاڪو.
(6) ڪوڏ ذات وارا.
(7) گڏاپ ڀرسان هڪ بستي، جتي مينھن جو پاڻي گڏ ٿي، ملير نديءَ کي ڀريندو آهي.
(8) مورڙي جو پيءُ.
(9) ڪراچيءَ ڀرسان هڪ ڳوٺ.
(10) پٽڪي جي پلاند ۾ لئَي جو ڇَھہ ٻڌي، ڌنار کوھہ يا کوهاڏي مان پاڻي ڪڍي، ٻُڪَ تي پيئندا آهن. اصل ٻوڪو چمڙي جو ٿيندو آهي.
(11) ويڊن وريل يا وڏي عمر وارو مِرون
(12) ٻگهہ پکي
(13) نانگ – بلائون