عُمِرِ ڪاٺي اَڪَ جي
اڃان ڪنھن انسانَ- ڪتب آندا ڪينڪي
پوڙها! تنھنجي پيريءَ ۾، ڪيئن ڇُڙي پئي هَڙَ
رهجي ويا تُوتَڙ، اَڌ اُڍاريل ٻارِ ۾
وَهي وِئي وَهي- پاڻيءَ وانگي ٻُڪَ مان
لڳو سُرو(1) لاٽڻ کي، اِجها جاءِ ڊهي
ويندا لُڙَ لھي- ماءُ! پڄاڻا موت جي
ڇڻندين پِپُرَ- پن جيئن، پَرينءَ تون پوڙها!
گهوڙا ڙي، گهوڙا! ڀَڄندا دَرَ درياھہ جا
لنگنھندي لڪيون، لَڪَ- اچي وار اڇا ٿيا
ميڙيسي جا مَڪَ- ڪانڀوءَ(2) منجهہ ڪِري پئي
جئَين ڪنھن پَرُوڻ ۾، رهجي وڃي ڇاڻُ
تيئن هِي پنھنجو پاڻُ- پِيريءَ ۾ پڌرو ٿيو
سُڪي ويو تلاءُ- پيريءَ تي پورو ٿيو
ويو اُڏامي هنجڙو، پيو نہ پڙلاءُ
ڇڏيو هِير هڳاءُ، لُکَ لوساٽيا انگڙا
لڙهندي ڏٺوسي- عُمِرِ- ڦوٽو جَرَ تي
ڦاٽي پيو ڦوڪ تي، ڀانڊو(3) ڀڳوسي
چڱو ڪيوسي- مُهُتُ ڏنوسي موت کي
سڀئي وڻ سڙي ويا، وڃي رکَ بچي
اسان پڻ اچي- پيريءَ کي پورو ڪيو
جيئن ڪو باز جَهٽي- بَگڙو تِتِر بُٺَ تي
ساڳيءَ رِيت سٽي- ماءُ! اسان کي موت ويو
هُو ٻَيرين جو ٻُورُ- هوءَ بي پاڙِي باغ ۾
وسريو چِٽُ ڪو چيٽ جو، مون کان ناهي مُورُ
ٻيڙيءَ وارو پُورُ- پوءِ بہ جوڀن ڏينھڙا!
ڪاتارا ڪيڏا! جوڀن ريءَ جڏا ٿيا
گڏيِن پيا گيڏا(4)- اَڇِي اُجرِيءَ ٻارِ ۾
هيءَ ڇَرَ، هُوءَ پَنَ- ڇَڻَ، ٻئي مامرو موت جو
نڪا ڳوتَ نہ ڳَڻَ- لکين لھوارا ٿيا
تاڙي تانئيڙو- جيئَن ويھي ڪنھن وجود کي
اسان سان ڪَيَڙَو- موت بہ ساڳو مامرو
ڪونھي ڪو جٽاءُ- جوڀن جهوٽو واءُ جو
اسان آهيون ماءُ! باقي ٿورا ڏينھڙا
جُهرِي پيو جوڀن- هاڻي ڪھڙيون حجتون!
هڪ، هڪ ڇڻي پن- سڄو باغ سُڪي ويو
هلندو هر ڪوئي- مسافر هِن ماڳ مان
ڏُٿُ، ڍَڪَڻُ، ڏوئي- هر شئي رهندِي هتڙي
ويئي ڙي، ويئي- عُمِرِ ڪاٺي اَڪَ جي
پِيُس بارُ پيريءَ جو، ٽُڪرا ٿي پيئي
ڪايائُون ڪيئي- ڀُرنديون رهيون ڀونءِ تي
تاڙي تانيئڙو- وِهي جيئن شڪار کي
آهي ايئن هينئَڙو- عاجز اڳيان موت جي
پوڙها شاعر ڪيترا، پوڙهي ٿئي نہ ڏات
موت بہ کائي مات- ڏَرندو آ ڏاتار کان
____________
(1) اُڏامڪ جيت، جيڪو ڪاٺ کي لڳندو آهي.
(2) ڪانڀو جبل.
(3) ٿانءُ- برتن.
(4) وائُرَ کان پوءِ ڪُڍِيءَ وارو رهجي ويل اَنُ.