1970
حيدرآباد ( سنڌ )
1970 – 4 – 1
پيارا دوست
اميد تہ اوهين خوش هوندا.
اوهان جو نواب شاھہ جي ائڊريس تي موڪليل خط مليو، جنھن نموني اوهان همت افزائي ڪئي آهي، انھيءَ لاءِ مشڪور آهيان.
مان اوهان جا مضمون اديون ۾ پڙهندو آهيان، خوشي ٿيندي آهي. دراصل سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ تفصيلي ۽ معياري معلومات جي اسان وٽ سخت اڻاٺ آهي ۽ اهڙو تحقيقي مواد ضرور سنڌين کي پنھنجي تاريخ کان چڱي طرح آگاھہ ڪندو. انھي سلسلي کي جاري رکندا تہ مھرباني.
هتان جا دوست چوڏس پبليڪيشن جي نالي هڪ ڪتابي سلسلو ڪڍي رهيا آهن، ان جو پھريون ڪتاب ” اڇا ناسي بادل “ مھينو کن اڳ پڌرو ٿيو آهي. اوهان هن جا خريدار ٿيو تہ سٺو. سالانہ چندو ڏھہ روپيا اٿس ۽ پڻ اتي جي دوستن کي بہ همٿائيندا تہ هن جا خريدار ٿين. ائڊريس هي آهي: شوڪت حسين ، سنڌي ادبي بورڊ، امين منزل گاڏي کاتو حيدرآباد سنڌ.
منھنجو ڪتاب ” ڌرتي جا سپوت “ اڃا شايع نہ ٿيو آهي، شايع ٿيڻ تي اوهان ڏي ضرور موڪليندم. حال في الحال حويلي جا راز پنج ڪاپيون موڪليان پيو، اتي جي دوستن کي ڏيندا.
ادا مون کي ڏاڍي خوشي ٿي جو اوهان ڳچ مدت کان ئي سھي، پر ياد تہ ڪيو. اوهان سکر ويندا هوندا. سکر ۾ جاگيراڻي محلي جي مڪراني گهٽي ۾ ممتاز مھر رهندو اٿئو. هو تمام لاجواب ۽ پيارو ماڻھو آهي. سکر وڃڻ تي هن سان ملندا رهندا تہ سٺو.
اتي جي سڄي سنگت کي سلام
فقط اوهان جو پنھنجو
خير احمد
22
سھڻي پبليڪيشن
حيدرآباد
1970 – 10 – 16
اسلام عليڪم!
اوهان جو خط مليو، مھرباني سھڻي پريس ۾ آهي، ڪم گهڻو آهي، انھيءَ ڪري تفصيل سان جواب نہ ٿو ڏيان.
اوهان جو مضمون (جيڪو سھڻي ۾ اچڻو آهي) سھڻي ۾ نہ ڇپجي سگهيو، تنھن تي ايتري ناراضگي آهي. غلام نبي يا مان ڪنھن حد تائين ڪھاڻي سان واقف آهيون ۽ اسان کي مھتاب سان بہ ڪا دشمني ڪانھي. جيڪا حقيقت هئي لکي ويئي. ثميرہ زرين يا رشيدہ حجاب چڱيون ڪھاڻيون لکيون آهن، انھن لاءِ اسان کي عزت آهي.
گرامي صاحب سٺو ايڊيٽر آهي ، اسان جو بحث انھي سان ڪونھي، اسان جي سامھون جيڪو شاعر نمبر آهي انھي تي تنقيد ڪيئي وئي. محمد ابراهيم جويو صاحب، تنوير ، امر جليل، قمر شھباز، آغا سليم ۽ ٻين گهڻي ڀاڱي سڀني هن تنقيد کي بلڪل صحيح سمجهيو آهي ۽ مبارڪباد ڏني آهي. هاڻي اوهان کي صحيح سمجهون يا انھي اديبن کي.
هڪ ڳالھہ خيال ۾ رکو تہ گرامي صاحب لاءِ مون کي عزت آهي ۽ ڪوبہ بغض يا ضد ڪونھي، انھي لاءِ اوهان غلطي فھمي ۾ مبتلا نہ ٿجو.
سھڻي کي اسان ڪڏهن بہ غلط نموني ۾ استعمال نہ ڪيو آهي ۽ نہ انشاءَﷲ ڪندا سين. ڪڏهن بہ ڪريون تہ اوهين اسان جو ڌيان ڇڪائجو. ظفر حسن بہ تبصرو ڪيو آهي. اُهي سڀ حقيقتون آهن، اوهان کي ڪابہ غلط ڳالھہ نظر اچي تہ قرب ڪري لکي موڪليو تہ جيئن ان جي تلافي ڪجي.
اوهان جو هڪڙو مضمون ” خطوط نگاري “ اسان وٽ پيل آهي. اُهو يا ڪٿي نہ موڪليو هجي ۽ نہ ئي ڇپيو هجي تہ ٻہ اکر لکي موڪليو ۽ پنھنجو تعارف بہ
.
اوهان جو
طارق اشرف
23
نواب شاھہ
9 سيپٽمبر 1970ع
برادرم عزيز دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
توهان جو نياز نامو پھتو، پڙهي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي. اميد تہ آئيندہ پڻ قرب جو سڳو سرندو رهندو. توهان صاحبن جا سلام ۽ انھن جي موٽ تہ آءُ اڳ ۾ ئي عرض رکندو آيو آهيان. ساڳي وقت توهان جي ادبي همت افزائي جو بہ دلي طرح سان ٿورائتو آهيان. هن وقت اسڪول هلي رهيو آهي ۽ ڪم ۾ مصروف هئڻ ڪري وڌيڪ خيالن جو اظھار ڪرڻ مقصود آهي. توهان جي مضمون ۽ ان ڪتاب جي باري ۾ سڀاڻي آچر تي جاچ ڪري توهان کي اهڙو اطلاع خط رستي عرض رکندس. خاطري ڪندا. انھي اداري جو مھتمم منھنجو شاگرد آهي.
ازانسواءِ ڪوبہ ڪم ڪار، جڏهن بہ هن خادم ۾ ٿئي، تہ بندو هر وقت حاضر آهي. توهان جا مقالا ۽ مضمون پڙهندو آهيان. دلچسپ ۽ معلومات وارا هوندا آهن. توهان پنھنجي لکڻ جي اهڙي ڪوشش جاري رکندا تہ اها سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ٿيندي. توهان بخيريت هوندا. سلام عرض آهن. اگر ڪنھن بہ وقت توهان صاحبن کي ٽائيم ملي تہ اچي ملاقات ڪرائيندا. اميد تہ دعوت قبول پوندي.
صرف
بندہ خادم
قريشي حامد علي خانائي
(نواب شاھہ )
24
حيدرآباد
1970ع
عزيز محترم
اسلام عليڪم و رحمتہ ﷲ!
اوهان پيارن جو نوازش نامہ ڪجهہ عرصي کان مليل آهي. مون هڪ مضمون بلڪ چار چار دفعا پڙهي ڏٺوآهي. اوهان جو لفظ لفظ محبت ۽ صداقت سان ڀريل آهي. خط تہ زندگي ۾ گهڻا ئي لکيا بہ اٿم ۽ پڙهيا بہ اٿم. ليڪن ڪنھن ڪنھن خط مان بوءِ بھار ايندي آهي ۽ اوهان جو خط انھن خطن مان هڪ آهي. جنھن مان واقعي دل کي محبت جي خوشبوءِ اچي ٿي ۽ دل مان دعا نڪري ٿي تہ ﷲ تبارڪ و تعالى اوهان کي عمر دراض بخشي ۽ علم ادب جي آفتاب تي چمڪو، مون اوهان جا ڪي ڪي ادبي پاره ڏٺا آهن ۽ انھن کي دلچسپي سان پڙهيو اٿم ۽ دل سان داد ڏنو اٿم. درحقيقت هن وقت مان هڪ لھندڙ سج وانگر آهيان ۽ چراخ سحر جي طرح زندگي گذري ٿي. فالج جي مرض ۾ مبتلا آهيان ۽ نظر جي ڪمزوري سبب لکڻ جو ڪم ڪري نہ ٿو سگهان. ليڪن منھنجو ايامن کان اهو شوق ئي رهيو آهي، تنھنڪري ڊاڪٽرن جي منع هوندي بہ رهي نہ ٿو سگهان. جيڪي پڄم ٿو سو حد امڪان تائين ڪندو رهان ٿو. البتہ محترم صالح محمد شاھہ هن وقت منھنجو سھارو آهي. گويا منھنجي لاءِ پيري ۾ سھارو آهي. جنھن جي مدد هر ڪم ۾ منھنجي لاءِ ضروري ٿي پيئي آهي. طبيعتون پاڻ ۾ ملن ٿيون جنھن ڪري سندس محبت ۽ مدد پنھنجي لاءِ خدائي انعام ٿو سمجهان. جيستائين دم ۾ دم آهي. تيستائين سنڌ ۽ سنڌين جي بي لوث خدمت ڪندو رهندس. نہ اڳي ڪا لالچ رکي اٿم ۽ نہ هينئر ڪا طمع اٿم. بحرحال اوهان پيارن جي هر هڪ لفظ ۽ نقطي جو قدر ڪريان ٿو. منھنجي لاءِ اوهان جھڙي هونھار ننڍڙن ڀائرن جا ٻہ لفظ قدردانيءَ جي لاءِ سرٽيفيڪيٽ آهن.
مون کي ڪن نام نھاد وڏن ماڻھن جي سرٽيفيڪيٽن جي ضرورت هرگز نہ آهي. اوهان جھڙن قدردانن جو هڪ هڪ لفظ وڏو خزينو ٿو سمجهان. منھنجي يادگيري جا ڪئي اٿئو انھي لاءِ نھايت ممنون آهيان. گاھہ گاهي سان ياد ڪندا رهندا تہ وڏي خوشي جو باعث ٿيندو. دير سان جواب ڏيڻ لاءِ معافي طلب آهيان.
سلام سيد صالح محمد شاھہ جا قبول فرمائيندا. جنھن جي پيپر تي هي نيازنامہ لکي رهيو آهيان.
اوهان جو دعاگو
محمد اسماعيل عرساڻي