1978
Muhammad Ibrahim M. Joyo
حيدرآباد سنڌ
12. 05. 1978ع
مون کي پڻ افسوس ٿيو ، جو هيترن ڏينھن کان پوءِ اوهين حيدرآباد آيا، پر اوهان سان گڏجاڻي ٿي نہ سگهي. انھن ڏينھن تي آئون ڪراچي ويل هئس. اوهين ايندڙ مھيني وري هيڏانھن اچي رهيا آهيو، ۽ اميد تہ ان موقعي تي ملاقات ٿي سگهندي.
اوهان جيڪا ڳالھہ خط ۾ لکي آهي ، ان جو ذڪر هڪ ٻن دوستن سان ڪيو اٿم. هنن آسرو ڏنو آهي، پر منھنجو منجهن آسرو ڪونھي، ماڻھو ڪجهہ ڪجهہ نہ پر تمام گهڻي قدر ڏٽئي ٿي پيا آهن، ۽ ٻيو تہ آفيسرن ۾ اهو مرياد يا اُهو لحاظ نہ رهيو آهي، يا شايد هو گهڻو مجبور آهن ۽ انھيءَ انساني وصف جو پنھنجي قول ۾ تہ گهڻو ئي پر عمل ڪو اظھار ڪري نٿا سگهن. اوهان اڍائي سئو کن جاين بابت لکيو آهي، پر مون تہ ٻڌو آهي تہ ڊئريڪٽ سليڪشن جون جايون جملي ڪي آهن ئي 25 کان 30، جن لاءِ سون جي تعداد ۾ سڄي سنڌ مان اميدوار حيدرآباد ۾ اچي ڪٺا ٿيا هئا، ۽ انھن جا انٽرويو تن ڏينھن کان وٺي ڪم از ڪم ڪالھہ تائين هلندا رهيا. بھرحال اميد تي دنيا جا ڪم رٿجن ٿا، هلن ٿا ۽ پورا ٿين ٿا. ۽ ڪوشش ۾ تہ اميد جو ڏيو جهلڪي ئي ٿو.
اوهان جي هڪڙن اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي آهي، جنھن هيستائين اٺ ڪتاب پڌرا ڪيا آهن. ” ڪنول پاڙون پاتار ۾ “ ان جو ٻيو نمبر ڪتاب هو. ان کان پھريائين اياز جو ” ڪپر ٿو ڪن ڪري “ ۽ ان کان پوءِ سيد صاحب جو ” اڄ پڻ چڪيم چاڪ “ ، محبوب علي جوکئي جا ” سچ جا سنيھا “ ۽ ” وکر سو و هاءِ “ ۽ منھنجا ” فڪر جي آزادي، ” گليلو “ ۽ ” شاھہ ، سچل ، سامي “ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. وڌيڪ ٻہ چار ڪتاب ڇپائي هيٺ آهن. آئيندي ملڻ آئين تہ انھي ڪم بابت ڳالھائيندا سين. ادبي بورڊ ۾ منھنجو هڪڙو ڪتاب ” وحشي جيوت جا نشان “ شايع ڪيو آهي، ۽ ٻيو بہ هڪ ڪتاب ” ڪئنڊيڊ “ جي نالي سان ڪڍيو اٿن، جنھن ۾ مون ڪجهہ خيال ڏنا آهن. هڪڙو ٻيو ڪتاب ” جنم قيدي “ بہ هتي حيدرآباد ۾ نڪتو آهي، جنھن جو پيش لفظ مون لکيو آهي، اهو بہ اسان جي سڄاڻ سنگت کي پڙهڻ گهرجي. تنھن کان سواءِ ادبي بورڊ ” گورڪيءَ جي سوانح حيات “ جا ٻہ جلد ” ننڍپڻ “ ۽ تربيت اياز قادري جا ترجمو ڪيل پڌرا ڪيا آهن. اُهي بہ پڙهڻ لازمي آهن. اسان جي بزرگ دوست ڏيپلائي تہ تازو هڪڙو ماهوار رسالو ” ساڻيھہ“ ڪڍيو آهي، جنھن جو پھريون پرچو اميد تہ اوهان جي نظر مان نڪتو هوندو. ان جو ٻيو پرچو ڇپائي هيٺ اٿس. ٻيو بہ گهڻو ڪجهہ سنڌي ادب جي اشاعت جي سلسلي ۾ ننڍن ۽ وڏن جي هٿان دلچسپي رکندڙن لاءِ شايع ٿي رهيو آهي. اميد تہ اوهان بہ ايڏانھن ادب ۽ ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي ميدان کي مچايون ويٺا هوندا. ڇو تہ اسين وچين طبقي وارا سفيد پوش، گهڻي قدر پنھنجي آزارن ۾ پورا ۽ ڪجهہ گهڻي ڏاهپ ۾ ورتل ۽ ڪجهہ گهڻي ڊپ جا ماريل پنھنجي وطن ۽ پنھنجي عوام يعني پنھنجي سماج لاءِ ڪري بہ اهو ئي سگهون ٿا. ۽ جي ڊپ لاهيون ۽ خطري کڻڻ لاءِ تيار رهون تہ گهڻو ڪجهہ اسان کان بہ ٿي سگهي ٿو ۽ واقعي اسين ڪري بہ سگهون ٿا. بھرحال استاد جي حيثيت ۾ ڪليدي آهي. شال اوهين پنھنجي اعلي خيالن ۽ مخلص امنگن ۾ انھن جي تعميل ۽ تڪميل جي ڌُن ۾ سدا مصروف رهو. ڇو تہ ڪومايل دلين لاءِ زندگي ۾ آب حيات اهو آهي. ٻيو ڪونھي.
اميد تہ اوهان سڄي پنھنجي سنگت سميت خيريت سان هوندا.
وڌيڪ خير واسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
42
Muhammad Ibrahim M. Joyo
حيدرآباد سنڌ
20. 05. 1978ع
پيارا ڀاءُ دادا سنڌي ، شال خوش هجو.
ڪالھہ اوهان جو پھريون لکيل خط مليم، دراصل اُهو سردار پريس وارن کي مليو هو. انھن مان هڪڙي همراءَ کي سوسائٽي جي آفيس جي چاٻي ڏنل آهي تہ جيئن هو وقت بہ وقت اُها کولي ٽپال وغيرہ کڻي ۽ ان ۾ فوراً توجھہ ڏيئڻ جهڙين ڳالھين جي تعميل ڪري. اُهو خط ائين انھن وٽ پيل هو. مون کي افسوس ٿيو اوهان ڏانھن پنھنجي ان خط ۾ اوهان جي پھرين خط ڏانھن جواب طور ڪوبہ اشارو ڏنل ڪونہ هو. ان خط ۾ اوهان جيڪي قدرافزائي جا جملا ” شاھہ ، سچل ، سامي “ بابت لکيا آهن ۽ ذاتي طور منھنجي لاءِ تعريفي جملا ڏنا آهن، انھن لاءِ مان اوهان جو دلي ٿورائتو آهيان. ” شاھہ، سچل ، سامي“ ڪتاب کي اڪثر دوستن ساراهيو آهي. مون کي خوشي تہ هُنن ڪتاب کي ڌيان سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب لکجي ٿو ان لاءِ تہ سمجهدار ۽ ڪتاب جا شوقين ۽ سجاڳ ذهن ساٿي اُهو پڙهن ۽ ڪنھن پڙهندڙ جو سٺو تاثر معلوم ٿئي ٿو تہ دل کي خوشي ٿئي ٿي.
وڌيڪ خوشي مون کي انھي ڳالھہ جي ٿي، جو اوهان لکيو آهي تہ اوهان جي سنڌ جي تاريخ ۾ گهڻي دلچسپي آهي، ۽ ان جو عملي ثبوت اهو ڏيندا رهيا آهيو، جو سنڌجون تاريخي ڪھاڻيون لکيون اٿئو ۽ انھن مان 25 کن ڇپجي ويون آهن. مون کي افسوس آهي جو مون انھن مان ڪا آکاڻي اڃا پڙهي ڪانھي. يا ممڪن آهي تہ ڪٿي پڙهي اٿم. جيڪڏهن منھنجي صلاح مڃيو تہ انھن سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين کي مڪمل ڪريو ۽ انھن جو سڄو مجموعو مون ڏانھن ڏياري موڪليو تہ پڙهي ، وڌيڪ صلاح مشورو ڪري، انھي کي ڪتابي صورت ۾ ڇاپائڻ جي ڪوشش ڪجي. سچ پڇو تہ سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين لکڻ جو منھنجو پنھنجو ئي ڏاڍو شوق هو. پر اهو ڀلو ڪم اوهان هٿن ۾ کنيو آهي ۽ ڪافي پورو بہ اچي ڪيو اٿئو. انھي ڳالھہ تي مون کي بيحد دلي خوشي ٿي آهي. هڪڙو اردو ڪتاب ” سنڌ ڪي تاريخي ڪھانيان “ مولوي اعجازالحق قدوسي بہ پنج ڇھہ سال پھريون لکيو هو ۽ شايع ڪرايو هو. مون وٽ ان جي هڪ ڪاپي هئي، پر ڪير کڻي ويو آهي ۽ هن وقت اُها مون وٽ ناهي نہ تہ اوهان ڏانھن ڏياري موڪليان هان. اهو ڪتاب خود بہ اڻ پورو آهي ۽ لکيل بہ خاص وطن دوستي جي خيال سان نہ آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ محنت ڏاڍي ذوق سان ڪيل آهي. اهو ڪتاب هاڻي اُهو مولوي صاحب ڪجهہ وڌائي، پاڪستان نيشنل بوڪ فائونڊيشن کان ٻيھر ڇاپائي رهيو آهي ۽ ممڪن آهي تہ جيئن پنجن مھينن ۾ شايع ٿي وڃي.
وڌيڪ خير. سلام سڀني دوستن ۽ ساٿين کي چوندا. اميد ت اوهين ڏانھن خيريت هوندي.
اوهان جو ، محمد ابراهيم جويو
43
Muhammad Ibrahim M. Joyo
حيدرآباد سنڌ
07. 08. 1978ع
پيارا دادا ، خوش هجو شال.
اوهان جي پھرين آگسٽ جي لکيل خط سان گلشن پبليڪيشن جو پھريون ڪتاب ” سوني جهرڪي “ مليو . ڪتاب اڃان نہ پڙهيو اٿم، جو مون کي هينئر ئي مليو آهي. پر هيءَ خط ان جي پھچڻ لاءِ فوراً لکي رهيو آهيان، ۽ ٻيو تہ ان خط ۾ اوهان لکيو آهي تہ ”تازو مان سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون مسودي جي صورت ۾ رجسٽرڊ پارسل ڪري موڪليو اٿم. اميد تہ پھتو هوندو. “ اهو ڏسي مون کي البت گهڻي اڻ تڻ ٿي آهي تہ ڇو اهو پارسل مون کي اڃان نہ مليو آهي؟ مھرباني ڪري ورندڙ ٽپال ۾ ٻڌائيندا تہ اهو پارسل ڪھڙي ايڊريس تي ۽ ڪڏهن اوهان موڪليو آهي، تہ هتي پوسٽ ۾ آءُ پڇا ڪري سگهان. اوهان جو ڪتاب ” سوني جهرڪي “ پڙهي ترت ئي اوهان ڏانھن پنھنجو رايو ان بابت لکي موڪليندس. اوهان جي گريڊ بابت الائي ڇا ٿيو. مون تہ هتي اوهان جي وڏي آفيس ۾ جنھن صاحب تائين منھنجي پھچ ممڪن هئي، ان کي ڪافي ڪجهہ پارت ڪري ڇڏي هئي، اميد تہ اوهان هر طرح سان خوش ڇڱا ڀلا هوندا.
اسان جي سوسائٽي ” شاھہ سچل سامي “ کان پوءِ جي ايم سيد جو ڪتاب ” جديد عالمي سياست“ ۽ هڪ تقريباً اڻ پڙهيل هاريءَ ساٿي جو لکيل ڪتاب ” ڳالھيون من اندر جون “ شايع ڪيا آهن. جڏهن بہ اهي ڪتاب نظر مان گذريو، تڏهن انھن بابت پنھنجي راءِ کان واقف ڪندا.
ٻيو سڀ خير. والسلام
اوهان جو
محمد ابراهيم جويو
44
تنوير عباسي
سرمد جو گهر ، خيرپور ميرس
تاريخ : 5 آگسٽ 1978ع
پيارا دادا،
تنھنجا خط ملندا رهندا آهن، جواب نہ ڏيندو آهيان، تہ متان سمجهندا تہ تون وسري ويو آهين. بس سستي آهي، ٻيو ڪجهہ ڪونھي.
ٻارن لاءِ ڪو شعر ڪونھي. ” ٻارن جي باري ۾ شعر “ ۽ ” ٻارن لاءِ شعر “ ۾ فرق آهي.
تو ڪتاب ” شاھہ لطيف جي شاعري “ لاءِ لکيو هيو. ترت توکي پوسٽ ڪندس.
تنھنجا تاريخي مضمون وڻندا آهن. خاص ڪري حجاج وارو .
تنھنجو
تنوير عباسي
45
حيدرآباد
27.10.1978
مٺا ڀاءُ
تنھنجو اثرائتو ۽ ڏک ڀريو خط پڙهي خيال آيم تہ ڪيئن نہ من جا ناتا ٽٽندا پيا وڃن ۽ ساٿ ڌڻي ڏورانھا پيا ٿيندا وڃن. پر مان زندگي جي مايوسين جي ڄار مان نڪتل پکي آهيان جيڪو روشني جي ڳولا ۾ اڳتي وڌندو وڃي. اميد منھنجو سھارو آهي، ڏڍ آهي. جنھن ڏينھن اميد ساٿ ڇڏيو تہ سچ جو ڳولائو پکي ان ڏينھن سمجهہ تہ کنڀڙاٽيون هڻي ٿڪجي پوندو. آءُ تو کي بہ اهو ئي ڏس ڏيندس، اميد وڏو سھارو آهي ۽ ان سھاري ئي ان جي ڳولا ماڻھو کي گهٽ ۾ گهٽ اڳتي وٺي ويندي. تنھنجي لاءِ مون کان جيترو ٿي سگهندو ڪندس. نظاماڻي اڃان مليو ناهي، جيئن مليو تئين زور ڪندو مانس. باقي مٿائين نوڪري لاءِ بہ ضرور ڪوشش ڪندس. ايم اي فرسٽ ڪلاس هجي ها تہ يونيورسٽي ۾ ضرور ڪوشش ڪيان ها. تنھن هوندي بہ اولو ناهي. رک مولا تي سڀ سڻائي ٿيندي. موقعو ملئي تہ ضرور ملجان.
تنھنجو پنھنجو
حميد سنڌي
46
ANWAR HALAI
حيدرآباد ( سنڌ )
2 . 12. 1978ع
محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
جيئن تہ گل ڦل سنڌ جو پراڻو ٻارن جو رسالو آهي. جيڪو وس آهر سنڌ جي ٻاراڻي ادب جي خدمت ڪندو رهي ٿو. سنڌ جي ٻارن جي اها گهر آهي تہ کين سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين سان واقف ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾ اسين اوهان کي گذارش ڪريون ٿا تہ مھرباني ڪري اهڙيون ڪھاڻيون اسان ڏانھن ڏياري موڪليو تہ جيئن گل ڦل ۾ شايع ڪري، ٻارن جي گهرج کي پورو ڪري سگهجي. جيئن تہ اوهان جو هن فن تي عبور آهي. ان ڪري اوهان اهڙيون ڪھاڻيون موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪندا تہ ٿورائتو رهندس.
هن سلسلي جي پھرين ڪڙي 15ڊسمبر ڌاري ڏياري موڪليندا.
اوهان جو
انور هالائي
ايڊيٽر گل ڦل
ٻارن جو ماهوار رسالو
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد