1992
26 – ماروي گارڊن
حيدرآباد
1992 – 02 – 15
محترم سائين دادا سنڌي صاحب!
پيارا سائين!
اسلام عليڪم!
اڄ ڪاوش ۾ توهان جو پيش ڪيل ٺھراءُ پڙهي دلي خوشي ٿي، جو توهان ڪلھہ سکر ۾ مرحوم رشيد ڀٽي جي ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي موضوع تي پيش ڪري، بحال ڪرايو آهي. ان ٺھراءُ ۾ توهان مھرباني ڪري مون سان ٿيل بي انصافي تي احتجاج بلند ڪري، سچ جو ساٿ ڏيئي، پنھنجو تاريخي ادبي فرض پورو ڪيو آهي. توهان جي ان حق پرستي سان منھنجي ڪاز کي وڏي هٿي ملندي. مون کي سمجهہ ۾ ڪونہ ٿو اچي تہ ان محبت لاءِ آءُ توهان جو شڪريہ ڪيئن ادا ڪريان؟ آءُ ڏاڍو احسان مند آهيان ۽ توهان جو اهو وڙ منھنجي دل تي هميشہ نقش رهندو.
خدا ڪندو، توهان سڀني جي گڏيل ڪوششن کي جلد نتيجو حاصل ٿيندو.
حيدرآباد طرف اچو تہ مون کي ياد ڪجو.
خلوص مان
نفيس شيخ
140
26 – ماروي گارڊن، حيدرآباد
1992 – 02 –25
محترم دادا سنڌي ! هينئر عوامي آواز ۾ توهان جو مضمون پڙهيو اٿم. توهان جنھن سليقي سان مختلف اهم ادبي موضوعن کي، موثر سليقي سان بيان ڪيو آهي. ان لاءِ توهان کي جس هجي. توهان مھرباني ڪري منھنجي نقطي کي بہ دلسوزي مان کنيو آهي. ان لاءِ ٿورائتو آهيان. پيارو غلام محمد لاکو صاحب ايندو آهي. ساڻس ڪچھرين ۾ توهان جو بہ ذڪر هوندو آهي.
سکر واري جلسي ۾ توهان مھرباني ڪري ٺھراءُ پيش ڪري بحال ڪرايو. ان محبت ۽ حوصلي لاءِ سلام. مون خط لکيو هو شڪر ادائي جو، جو توهان کي اميد تہ پھتو هوندو.هتي سڀني اديب دوستن توهان جي تحرڪ ۽ توجھہ کي نوٽ ڪيو ۽ تحسين جو اظھار پئي ڪيو تہ اها تمام ڀلي ڳالھہ ڪئي وئي.
توهان اڄوڪي مضمون جي آخر ۾ ايڊوٽوريل جي تقاضا ڪئي آهي. اها تمام سٺي ڳالھہ ڪئي آهي. هونءَ عوامي آواز جو بورڊ تي لکيل هڪ ايڊوٽوريل جي ڪاپي موڪليان ٿو. ( ٿي سگهي ٿو تہ اهو توهان جو پڙهيل هجي).
برادرم خليل جو واقعو نھايت ڏکوئيندڙ آهي. مون کي ذاتي طرح صدمو پھتو آهي. مون شڪارپور سندس اهليه کي خط لکيو هو. هتي ڪاوش ۾ اديبن جو هڪ بيان ڇپرايو هئم. تاج کي مون ٻي ٽي دفعا چيو هو. هن 14 تاريخ ٽنڊي آدم ۾ س ا س جي ڪاروباري ڪاميٽي ۾ بہ ان ڳالھہ جو مطالبو ڪيو هو. مون هينئر ساڻس فون تي ڳالھايو آهي ۽ توهان جي مضمون جا لفظ پڙهي ٻڌايم. توهان کي محبت مان ياد ڪيائين ۽ سلام چيا اٿس.
آءُ هڪوار وري بہ توهان جو ٿورو مڃان ٿو، جو سکر واري ٺھراءُ ۽ اڄوڪي آرٽيڪل وسيلي توهان منھنجي ڀرپور، موثر ۽ دل وجان سان مدد ڪئي آهي. خدا توهان کي ان نيڪي جو اجر ڏيندو. توهان جي محبت هميشہ ياد رهندي.
سنڌي ادبي بورڊ بچايو ڪاميٽي سان بورڊ انتظاميا ٽچ ۾ آهي. مسئلا گهڻا آهن ۽ دوستن وڏي همت ۽ حوصلي سان وڏي ويچار ۽ ڳڻ ڳوت سان ڪم ۾ هٿ ڳنڍيا آهن. خدا کين ڪاميابي ڏيندو. نتيجا جلد پريس وسيلي آڏو ايندا. توهان جي ڀرپور سھڪار کي هتان جا ادبي حلقا تحسين جي نظرن سان ڏسن ٿا.
خدا توهان کي خوش رکي. گهر ايڊريس تي خط ملندو آهي. ياد ڪندا تہ خوشي ٿيندي.
خلوص مان
نفيس شيخ
141
حيدرآباد
1992 – 3 – 8
پيارا دادا!
شال خوش هجو.
17 گريڊ جون گهڻيون ساريون مبارڪون، دل جي گھراين سان.
اوهان جو ڊرافٽ پھتو، مون ان وقت ئي پھچ ڏني هئي، خبر ناهي اوهان تائين اهو خط ڇو نہ مليو.
اوهان جو ڪتاب پريس حوالي ڪيو آهي. سڀاڻي سومر کان انشاءَ ﷲ پروف ملڻ شروع ٿي ويندا. آءُ اپريل ۾ ڪوشش ڪندس، ورنہ مئي جي شروع ۾ هرحال ۾ ايندو. بھرحال ڪم شروع ٿي ويو آهي.
غلام محمد لاکي جو ڪتاب ” مطالعو سنڌ جو “ ڇپجي تيار ٿي ويو آهي. هن هفتي ۾ آئوٽ ٿي ويندو. جنھن ۾ ان جا سنڌ بابت ترجمو ٿيل مضمون آهن.
منصور قادر وارو ڪتاب بہ ڪمپوز ٿي ويو آهي، فائينل مرحلن ۾ آهي. رُڪ سنڌي واري ڪتاب بابت اڳ ۾ اوهان لکيو هو. مون ان سان ڳالھايو، جنھن ٻڌايو تہ توکي ڪنھن ٻڌايو، مون چيو دادا. چيائين دادا کي منھنجي ڪتاب جو فڪر اچي يا سندن ڪتاب جو ۽ ان جي جواب ڏاڍو ڏکارو ڪيو.
سرورق ٺيڪ آهي، اهو هلندو يانہ. مرتضي مون وٽ ايندو ان کي چوندس.
اميد تہ خوش هوندا.
اوهان جو ڀاءُ
ناز سنائي
142
26 – ماروي گارڊن، حيدرآباد
1992 – 03 –09
محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم! پيارا ڀاءُ!توهان جو خط پڙهي دلي خوشي ٿي آهي. توهان کي مليل پروموشن جو ڄاڻي خوشي ٿي. مبارڪباد قبول ڪندا.
توهان هن خط ۾، مھرباني ڪري، مون سان ڏکئي وقت ۾ محبت ۽ پنھنجائپ ونڊي آهي. ان سان دل کي آٿٿ محسوس ٿي آهي. خدا ان نيڪي جو اوهان کي اجر ڏيندو. آمين.
اخبارون ڏسو ٿا پيا، مسئلو ڪافي موثر انداز سان کنيل آهي. خدا جي حڪم سان سڻائي ٿيندي. آءُ مشڪل حالتن کي رب جي طرفان توفيق بخشي سان نھايت همت ۽ حوصلي سان منھن ڏئي رهيو آهيان. توهان ۾ دعائن جي طلب محسوس ڪريان ٿو. تاج روز گڏ هوندو آهي. مضمون جي پڇا ڪندس ۽ ورندو احوال ڏيندس.
محبتن ۽ خلوص سان
نفيس شيخ
143
پنو عاقل
1992 – 4 – 26
سڄڻ سائين دادا سنڌي!
پھرين مئي پورهيتن جو عالمي ڏينھن آهي. انھي حوالي سان اسان هڪ ننڍڙو ادبي ميڙاڪو ” شاھہ لطيف جي شاعري ۾ پورهيت پچار “ نالي منعقد ڪري رهيا آهيون. جنھن ۾ اوهان جي شرڪت لاڀائتي ٿيندي.
پھرين مئي 1992 جمعي جو ڏينھن
صبح جو ڏهين وڳي
ميراڻي منزل، نزد هشمت ميڊيڪل اسٽور، پنوعاقل
آسائتو
نعيم شيخ
سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت پنوعاقل
144
مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور
شڪارپور
تاريخ : 1992 – 6 – 23
محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم و رحمتہ ﷲ و برڪاته!
ﷲ پاڪ ساڻي ٿيئو شال آمين.
اوهان جا اڳ ۾ بہ ڪجهہ خط پھتل آهن. منھنجي عزيز دوست ڊاڪٽر محمد علي محمدي صاحب بہ اوهان جي سفارش ڪئي هئي.
ادا عرض تہ اوهان جو مسودو هٿيڪو آهي. اوهان دلجاءِ ڪندا. ڪتابن جي اشاعت بابت اسان جو هڪ خاص طريقو آهي. جنھن ۾ ڪجهہ وقت لڳي ٿو. مون مسودو ڪاميٽيءَ جي دوستن جي حوالي ڪيو آهي. آخري راءِ اچڻ کان پوءِ اوهان کي آگاھہ ڪندس.
سيرت النبي ﷺ جو موضوع نھايت ئي مکيه موضوع آهي. اسان جي اشاعتي رٿا ۾ سيرت پاڪ کي هميشہ ترجيح حاصل رهي آهي. اوهان دلجاءِ ڪريو. ڪتاب ڇاپڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪبي.
سلام دوستن کي
والسلام
قمر ميمڻ
145
نئون ديرو
1992 – 8 – 8
مانوارا دادا سنڌي
خوش هجو شال.
اوهان جو خط مليو. مان ان کان اڳ بہ اوهان جي خط جو جواب لکيو هو. پر گهڻي انتظارنہ ڪرڻ جي باوجود اوهان پاران ان جي ڪابہ موٽ نہ ملي. ۽ جڏهن اوهان جو خط مليو. سچ پڇين تہ يار ڏاڍي خوشي ٿي.
اوهان لکيو اهي تہ مان اڪرم صاحب کي تنقيد جو جواب ڏيان، اها تنقيد مون بہ پڙهي هئي، پر ٽين ۽ ڇوٿين قسط جنھن ۾اڪرم صاحب جي لکڻي پڙهي، سوچيو هو تہ ان نااهل ماڻھو کي جواب نہ ڏيڻ ئي بھتر آهي. اوهان جي خط پڙهڻ کان پوءِ ئي مان چار ئي قسطون پڙهيون.
ادل ڪيڏو نہ چڱو ٿئي ها، جيڪڏهن منھنجي پاران کيس ڪو ٻيو جواب ڏئي ها. پر اوهان جي حڪم جي پورائي خاطر مان ڪجهہ جواب لکي رکيو آهي. پر اڃان بہ ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ مون کي اوهان جي سھڪار جي ضرورت آهي. اوهان وٽ جيڪڏهن مخدوم بلاول بابت ڪو ٺوس مواد هجي تہ مھرباني ڪري موڪلي ڏيندا.
تازو ” سارس “ رسالي ۾ منھنجو مقالو شايع ٿيو آهي. ان بابت پنھنجي راءِ ضرور ڏيندا.
اسان لاءِ ڪو ڪم ڪار هجي تہ ضرور چوندا.
اوهان جو ڀاءُ
اڪرم ساگر عباسي
معرفت سعيد ٽيلر شاهي بازار
نئون دير ضلعو لاڙڪاڻو
146
سکر
1992 – 8 – 18
مانوار سائين دادا سنڌي صاحب
اميد تہ خوش هوندا.
سنڌي ادبي سنگت سکر پاران نئين ٽھي جي نمائندي شاعر مانواري اياز گل جي شعري مجموعي ” توبن ڪھڙا ڇانورا“ جي مھورت سيپٽمبر جي ٻئي هفتي ۾ ڪرائڻ جو پروگرام آهي.
اوهان کي ان حوالي سان پيپر لکڻ جي ڪوٺ ڏجي ٿي. وڌيڪ مڪمل پروگرام جي ڄاڻ اوهان کي ڪارڊ وسيلي ڏني ويندي. اميد تہ اسان جو عرض قبول ڪندا ۽ اهڙي پھچ ضرور ڏيندا.
ٻيا سک
نيڪ تمنائن سان
مھر خادم
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سکر
147
ميرپور ماٿيلو
1992 – 9 – 5
ادا دادا سنڌي صاحب!
وعليڪم سلام!
اوهان جو نھايت قربن ڀريو خط مليو، وڏي مھرباني. ڪاش اوهان جو اهو خط اڄ تاريخ 5 سيپٽمبر 1992 تي پھچڻ بجاءِ ڪالھہ 6 سيپٽمبر 1992 ع تي پھچي ها. ڇاڪاڻ تہ اوهان جي مضمون جي جواب ۾ ٻہ اکر لکي موڪلي ڇڏيم. جنھن ٽئين ماڻھو لاءِ اوهان لکيو هو، اهو منھنجو تہ روحاني ڀاءُ آهي، ادبي دوست آهي، نيڪ صلاحڪار آهي. همت افزائي ڪندڙ ۽ دنياداري معاملات جو سٺو ڄاڻو آهي. غير معمولي ذهين ۽ حاضر جواب آهي. هن کي اوهان سان ملڻ جو اشتياق گهڻي وقت کان هو. تنھن ڪري هن کي سڏي چيم تہ هو ٿو وڃي دادا،ننڍڙي هوٽل تي ٿوري وقت واري ملاقات ۾ اوهان هن جي صلاحيتن جو اندازو نہ لڳائي سگهيا. هو ڏاڍو پيارو ماڻھو، ملنسار ۽ خوش اخلاق ۽ ادب دوست آهي.
انشاءَﷲ اوهان وري ڪڏهن ايندا تہ ضرور ڪچھري ڪرائبي. باقي رهيو سوال اوهان جي دل آزاري جو تہ ان لاءِ مان معافي گهران ٿو. هن کان پوءِ ڪڏهن ميرپور ماٿيلو اچڻ تہ وقت ڏيو تہ مھرباني ٿيندي.
ادبي جهيڙي اوهان کي ذهني اذيت پھچائي آهي تہ ان ۾ منھنجو ڏوھہ نہ پر اڪرم ساگر عباسي جو سمجهو. جنھن مون کي لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ لکي ويٺس. اوهان جو خط هڪ ڏينھن پھريون اڳ اچي ها تہ تمام بھتر ٿئي ها. تاهم اوهان جو خيال دل ۾ اڳي نھايت محبت ڀرئي انداز ۾ اوهان جي پڇيل سوالن جا جواب ڏنا اٿم ۽ اٿاريل اعتراضات جا رد مستند ڪتابن جي حوالن سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.
ٻي ملاقات جو منتظر
اوهان جو ڀاءُ
سومرو غلام رسول اڪرم