1983
1983ع – 3 – 1
داداسائين
سلام
اوهان جا موڪليل پئسا 61 روپيا مليا، مھرباني.
اوهان پنھنجي خط ۾ ڪتاب جي مسودي بابت لکيو. اوهان وارو مسودو منھنجي اکين آڏو آهي. وڏي چاھہ اٿم تہ ان کي مان شاندار نموني ڇپرايان. اسان وٽ اهڙي ادب جي جيڪو تاريخي آهي، ان جي وڏي کوٽ آهي. اوهان وارو مواد تہ وڏي ڳالھہ آهي.
يار، اسان ماڻھن جي وڏي بدقسمتي آهي تہ اهڙا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ ڪو جامع ادارو ڪونھي. ٻيا ڪتاب تہ شايع ڪرائڻ لاءِ کوڙ سارا ادارا ڪم ڪن پيا. پر اهڙو مواد ڇپائيندي انھن کي ٻرو ٿو چڙهي. سوچيندو آهيان تہ روئڻ ايندو آهي. اسان جا ڪيترا قلمڪار ائين ئي مري ويا. جن جون تمنائون هيون تہ سندن مواد، سندن زندگي ۾ شايع ٿئي.
ادا، پندرنھن مھينا جيل ۾ رهڻ ڪري خرچ منھنجو الھہ تلھہ تباھہ ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي سوچيان پيو تہ ڪم ڪيئن ڪبو. جڏهن تہ ڪافي ڪم رٿيل آهي. اسان جا اديب نھايت مسڪين ۽ غريب آهن. اوهان جي حالتن جي تہ مون کي پروڙ ڪونھي.
آئون هن خط ۾ هڪ عرض پيو ڪريان تہ ڇا اوهان ٻہ هزار روپيہ بطور قرض اسان کي ڏيندئو يا وٺي ڏيندئو. جنھن مان اوهان جو ئي ڪتاب شايع ڪبو. اُهي ٻہ هزار روپيہ ڇھن مھينن جي اندر واپس ڪبا. اوهان ۾ اها طاقت نہ هجي تہ ٻي ڪنھن کي بہ اهڙو عرض ڪيو. اسان ان سان تحريري طور فيصلو ڪري، ڇھن مھينن ۾رقم واپس ڪندا سين.
ادا بس اها آهي دير. هونئن تہ ڪتاب تي ڪافي خرچ ايندو پر ٻيا ڏوڪڙ ٻي هنڌان پٽ سٽ ڪبا.
مون کي جواب جو انتظار رهندو.
مھرباني
تنھنجو ادا
ناز سنائي
60
سن
1983ع – 3 – 7
پيارا دادا!
سلام
تنھنجو خط مليو، مھرباني.
سڄڻ، مون کي خبر آهي تہ اوهان غريب ماستر آهيو. جيڪڏهن پئسي وارا هجو ها تہ ڪڏهڪو صاحب ڪتاب هجو ها ۽ ٻي ڳالھہ تہ جيڪڏهن مان گرفتار نہ ٿيا ها تہ تيستائين اوهان وارو ڪتاب ڪڏهڪو آڻي ڇڏيا ها ۽ اوهان کي پئسن بابت لکان ئي نہ ها.
مان پاڻ پٽ سٽ ۾ آهيان. ڌڻي ڌر دعاگو آهيان تہ اوهان ڀاءُ جو ڪتاب چڱي نموني سان ترت شايع ڪرائي وٺان. اوهان 500 روپيہ ڏيڻ جو چيو آهي ۽ لکيو آهي تہ اوهان اُهي ڏيئي سگهندا.
ڀاءُ منھنجو عرض آهي تہ وڌيڪ نہ تہ 1000 هڪ هزار روپيا، پاڻ کي تڪليف ڏيئي بہ مون کي ڏيو. مان اُهي هزار روپيہ وڌ ۾ وڌ ڇھن مھينن اندر واپس ڪري ڇڏيندس. باقي پئسن لاءِ مان لڳو پيو آهيان. انشاءَﷲ جلد ڪم ٿي ويندو. بس اها مھرباني ڪريو.
جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ مان گهڻو ڪري 17 مارچ تي ٺُل ايندس. جتي لطيف رح جي ورسي آهي. اوهان پڻ انھي موقعي تي اچو تہ روبرو ملاقات بہ ٿي وڃي ۽ پئسا بہ ملي پون تہ مان اچي ڪم شروع ڪريان.
وڌيڪ لکجو تہ انتظار لھي.
مھرباني
تنھنجو ادا
ناز سنائي
61
سن
1983ع – 4 – 7
مسٽر دادا سنڌي
سلام، اوهان جو خط پھتو مھرباني.
اوهان جي خط جيڪو ڏک پھچايو ان جو اظھار هن ڳاڙهي قلم سان لکڻ ۾ آهي.
مون اوهان کي ٻڌايو هو تہ مان ڇنڇر تي نياز وٽ ويندس. اتي ويس تہ هو ڪونہ هو. مان اوهان وارو ڪتاب سندس هڪ دوست کي ان ڏينھن ڏئي آيو هئس ۽ کيس پھچائڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هئم. پر ان دوست کيس ڪتاب نہ پھچايو. مان وري ٻئي ڇنڇر تي حيدرآباد ويو هئس. ان همراھہ سان مليس ۽ ڪتاب جو پڇيم. ان چيو تہ نياز خيرپور جشن تي ويل هو. رات مون وٽ آيو هو. ان سان ڪتاب جو ذڪر ڪيو هيم. چئي مان پوءِ اوهان وٽان کڻي ويندس. مون هُن کان ڪتاب ورتو ۽ سڌو نياز وٽ ويس. جنھن ٻڌايو تہ ڪالھہ دادا جو کيس خط مليو آهي. مون کيس چيو تہ مون کي ڪتاب جلد شايع ڪرائڻو آهي. ان ڪري اهو مون تي ذاتي طور احسان ڪريو. جلدي ڏسي مھاڳ لکي ڏيو. ان کان اڳ اهو ڪتاب هڪ پريس واري کي ڏياري هن سان ڳالھايم پڻ ۽ ڪاغذ بہ خريد ڪري پريس واري کي ڏنم. نياز کي مان چئي آيس تہ هفتي کن ۾ اهو ڪم ڪري ڏيندو.
اوهان مون کي پنھنجي پئسن جو مھڻو ڏنو آهي. پر اوهان اهو سوچيو بہ آهي تہ اوهان رڳو 500 موڪليا آهن. جيڪي تہ ڪنھن بہ ڪم جا نہ آهن. مون تہ اندازو لڳايو آهي پريس وارن جي پڇا کان پوءِ تہ گهٽ ۾ گهٽ 5000 روپيا خرچ ايندو ۽ ان سلسلي ۾ مون هڪ ٻن دوستن کان مدد گهري. هڪ دوست 500 روپيا ڏنا، اوهان وارن 500 کي ملائي مون 1000 روپين جو ڪاغذ ورتو. پر اوهان جي روش مون کي سخت صدمو پھچايو آهي.
دوست! مان قومي ورڪر آهيان. مان ڪڏهن بہ غلط ڳالھہ نہ ڪندو آهيان. اوهان مون کان اهو خط لکي اهو پڇي پئي سگهيا تہ نياز وٽ نہ وڃڻ جو سبب ڪھڙو آهي. نہ انوکي انداز ۾ خط لکڻ جو.
هاڻي ڳالھہ هيءَ آهي تہ نياز کان ڪتاب يا ڪو ٻيو ماڻھو وصول ڪري، مان هاڻي ان ڪتاب جي سلسلي ۾ ان سان نہ ملندس. باقي اوهان جا پئسا، سي مان ڪاغذ واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جيڪڏهن ڪاغذ واپس ٿيو تہ واھہ، ورنہ آءُ جلد ڪوشش ڪري اوهان ڏانھن رقم موڪلي ڏيندس، جنھن مان مون محلات پئي ٺھرايو ۽ انھن پئسن پھچڻ کان پوءِ پوري سنڌ منھنجي سلامي اچي ٿي هئي.
خدا اوهان کي سلامت رکندو . موڪلاڻي.
ناز سنائي
62
هر مند ۾ نئون ڪتاب
سنڌ
98 – اي – لطيف آباد 10، پوسٽ باڪس 1081، حيدرآباد
1983ع – 4 – 18
پيارا سائين،
اسلام عليڪم!
اميد تہ خوش هوندا.
اوهان جو خط ۽ مقالو مليا آهن. مقالو مون کي وڻيو آهي ۽ سنڌ جي آئيندہ اشاعت ۾ شامل سمجهندا، اوهان سٺي محنت ڪري اهي انگ اکر ڪٺا ڪيا آهن. لڳي ٿو تہ اوهان محنت ڪري هر موضوع سان وس آهر ڪوشش ٿا ڪريو مڪمل نڀاءُ جي.
هڪ ڳالھہ چوندس ۽ پڻ واضع هئڻ گهرجي تہ اسان هڪ ٻئي کي سمجهڻ سان گڏ اگر جيڪڏهن هڪ ٻئي کان ٿورو گهڻو سمجهون تہ اهو پڻ وڌيڪ بھتر آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اوهان جي ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن جي مقالن ۾ ڪجهہ صورتخطي جون چُڪون رهجي ويون آهن. جيڪي هن ريت آهن. ( انھن جي نشاندهي پڻ مٿين گذارش تحت سمجهندا.
ناموزون لفظ موزون لفظ
قران قرآن
انجي ان جي
انسان ان سان
نٿي نہ ٿي
سڀکان سڀ کان
اهڙيطرح اهڙي طرح
جنکي جن کي
ڏينھنم ڏينھن ۾
انم ان ۾
جنھنجو جنھن جو
جنجو جن جو
هنکانسواءِ هن کان سواءِ
انھنکانسواءِ انھن کان سواءِ
علمائن علماءَ يا عالمن
اهي مٿيان لفظ صورتخطي جي صحيح ڪرائڻ خاطر قابل توجھہ آهن. اصل ۾ سنڌي رسالن جي ٻين علمي ۽ ادبي خدمتن سان گڏ، اهو پڻ فرق آهي تہ هو هڪ معياري صورتخطي ۽ ٻولي کي ئي پنھنجن رسالن ذريعي رائج ۽ نافذ ڪن. مان ضرور مڃيندس تہ هر علائقي جي لکڻ ۽ ڳالھائڻ جو مزاج پنھنجو پنھنجو آهي. اتر واري علائقي جا ماڻھو ۽ لاڙي الڳ الڳ ڳالھائين ٿا/ لکن ٿا. پر ادبي ٻولي تنھن صورت ۾ هڪ ئي هئڻ گهرجي.
اميد تہ اوهان تجويزن سان متفق هوندا.
اوهان مقالي ۾ ڪجهہ حوالا اردو ۾ ڏنا آهن. انھن جو سنڌي ترجمو ڏيو ها تہ بھتر ٿئي ها. جيڪي دوست پڻ انھي ريت انگريزي ۾ حوالا ڏيندا آهن. اهي پڻ سٺا موزون لڳندا آهن.
باقي سڀ خير آهي.
پرچو هن هفتي ۾ اوهان کي موڪليو ويندو. هاڻي پوين مرحلن ۾آهي.
قلمي تعاون لاءِ وري بہ ٿورا.
سڪ مان
انور جوکيو
63
درويش نائچ
1983ع – 4 – 26
محترم دادا سنڌي
اسلام عليڪم! مزاج گرامي
دعائن بعد عرض آهي تہ ” سنڌ “ ۾ اوهان جو شايع ٿيل مضمون ” سرور عالم ۽ سنڌ “ پڙهي نھايت خوشي حاصل ٿي. اوهان جي جاکوڙ ۽ محنت ۽ ڪتابي حوالن جي محنت بيشڪ اوهان کيرون لھڻيون. اڃان ڪجهہ رسالو پڙهي ڪونہ سگهيو آهيان. اوهان جي حڪم تي رسالو واپس ڪجي ٿو.
اسان جي دلي دعا آهي تہ ﷲ پاڪ اوهان جي عمر دراز ڪري، قوت علم ۽ ذهني قوت کي چار چنڊ لڳائي. آمين ثم آمين. زيادہ آداب
والسلام
اوهان جو خير انديش دعاگو
حاجي محمد عيدن ناز ميراڻي
64
1983ع – 7 – 18
پيارا دادا
سلام
تنھنجو موڪليل خط مليو، مھرباني . سڄڻ تنھنجي خط منھنجي ڪاوڙ تہ ختم ڪري ڇڏي. پر ان خط منھنجا حوصلا ختم ڪري ڇڏيا هئا. ڇو تہ ڏک پنھنجن جو ٿيندو آهي. مان حيدرآباد وڃي ورتل ڪاغذ هڪ دوست کي ڏئي ڇڏيو ۽ کيس چيو تہ تون ڀلي ڪتاب ڇپائي پوءِ مون کي ڏوڪڙ ڏجان. مان تنھنجي خط پھچڻ کان پوءِ حيدرآباد ويس پر همراھہ پنھنجو ڪم شروع ڪرائي چڪو هو.
بھرحال مان وري هٿ پير هڻان ٿو. انشاءَ ﷲ ڪجهہ ٿيندو تہ ڪم شروع ڪرائبو. نہ تہ يار مان بيوس آهيان. ڇو تہ مان ڌارين جا ڏک ۽ طعنا ۽ مھڻا برداش ڪري سگهندو آهيان. باقي پنھنجن جا نہ. ۽ اهو ڪير بہ نہ سھندو آهي. خير ڪاوڙ تہ ڪافور ٿي وئي. ڪتاب لاءِ مان ڏاڍي ڪوشش ڪندس تہ جلد اچي وڃي.
جواب جو اوسيئڙو رهندو.
ناز سنائي
65
1983ع – 8 – 13
پيارا دادا
سلام، اميد تہ خوش هوندين.
اوهان جو ڪارڊ پھتو مھرباني، چڱو ٿيو تہ اوهان فيصلو ڪري ورتو. هاڻي مان اوهان کي ٻڌايان تہ مون کي اوهان جي ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ ڪيڏي نہ دلچسپي هئي. جويي صاحب وٽ ڪيئي پنڌ ڪيا هئم. هن ڪيترن ئي پنڌن کان پوءِ ڪتاب واپس ڪيو هو. پر اها هن ۾ جرئت ڪانہ هئي جو چوي ها تہ هن کي ڪجهہ درست ڪيو . نياز صاحب وٽ پڻ ڪافي وقت کان پنڌ ڪيم ۽ هن اها ڳالھہ ٻڌائي ۽ چيائين تہ مون سلامن جو خط دادا کي لکيو آهي. اوهان انھن ڳالھين کي نظر ۾ رکي ان کي درست ڪريو.
مون کي اوهان سان نہ معلوم ڇو دلي طور اُنس پئي رهيو آهي ۽ تمنا هئي تہ اوهان جو ڪتاب چڱي نموني شايع ڪرائجي. ان جي ٽائٽل لاءِ ڊزائن بہ ٺھرائي رکي اٿم. ڪاغذ بہ ورتو هئم. پر اهو اوهان جي ناراضپي جي ڪري ٻئي جي ڪم اچين ويو.
منھنجا ٻہ ڪتاب پريس ۾ آهن. هڪڙو قاضي فيض محمد جو هاري ڪاميٽي ۽ الاٽي تحريڪ. ڇاڪاڻ تہ مرحوم سائين پنھنجو مسودو وفات کان اڳ ۾ منھنجي حوالي ڪري ويا هئا ۽ هاڻي مون تي اهو فرض ٿو ٿئي تہ مان سندس مواد هرحال ۾ شايع ڪريان. ان کان سواءِ ڪامريڊ لغاري بہ اهڙي نوازش ڪئي . مسڪين ضرور آهيان، پر قومي ماڻھن سان پيار رهندو آهي. ٻيو منھنجو پنھنجو ” قيد جي ڪھاڻي“ آهي. ٻي جيڪا مون لاءِ نئين ڳالھہ پيدا ٿي آهي، اُها اها آهي تہ مون تي هوم سيڪريٽري طرفان ٻہ ڪيس داخل ٿيا آهن. تازو طارق اشرف کي پنھنجي ڪتاب شايع ڪرائڻ جي ڏوھہ ۾ گرفتار ڪيو ويو، جيڪو ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، ۽ مان وتان لڪندو. 14 آگسٽ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ وڃي ضمانت ڪرائيندس ۽ هوم ڊيپارٽمينٽ تي پنھنجي پاران ڪيس داخل ڪندس. دعا ڪيو تہ ﷲ پناھہ ۾ رکي. سرڪار وتي ٿي هروڀرو تنگ ڪندي ۽ خيال اٿس تہ راهن ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري هٽايو وڃي، پر هي جان ختم تہ ٿي سگهي ٿي پر پوئتي نہ ٿي هٽي سگهي. آءُ اوهان جي پئسن لاءِ جلد ڪوشش ڪندس ۽ ورائيندس. ڪجهہ ڏينھن لڳا تہ معاف ڪجو.
اميد تہ اوهان خوش هوندا.
اوهان جو ساڳيو
ناز سنائي
66
سنڌ رائيٽرس گلڊ
پوسٽ باڪس نمبر 384 حيدرآباد ( سنڌ )
تاريخ : 1983ع – 8 – 31
ادا سائين
خط مليو مھرباني، ڪتاب موڪلڻ ۾ ڪجهہ دير ٿي وئي. اها غلطين جي نشاندهي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ۾ نہ ڪجي ها تہ واقعي رهنمائي جي پورائي ٿي پوي ها. ڪتاب موڪلڻ کان پوءِ توهان جو ڪارڊ مليو تہ ڦڪائي ٿيم. الائجي ان نشاندهي جو اوهان جي ذهن تي ڪھڙو اثر پيو. پر توهان جي خط ڳالھہ صاف ڪري ڇڏي.
ڀاءُ ! اسان وٽ ڪوبہ ادارو ڪونھي نہ وري ڪي استاد آهن، جيڪي تاريخ جي فن ۾ رهنمائي ڪري سگهن. اسان جا تاريخ نويس جن مان ڪي ڪوڙ بدوڙ هڻي وڃي ﷲ سائين وٽ پھتا تہ ڪي اڃا تائين جيئرا ويٺا آهن. تن جي حال جي اسان کي سڄي خبر آهي. وڏيرا شاهي جي دور ۾ هرڪو پاڻ ڀوتار بڻجي پاڻ جھڙن جا جهڳا جڻ پيو ڪري. سو انھي فن ۾ گهرائي پاڻ ئي ڌڪا ڌوما کائي سکڻي پوي ٿي. توهان مطالعو ڪندا ۽ لکندا رهو، پاڻھين توهان کي ڏانءُ اچي ويندو. ڇو تہ اوهان ۾ بنيادي طرح قومي درد ۽ جذبو آهي، جيڪا ان باري ۾ اها ڳالھہ سمجهي وڃي ٿي. مان هر طرح نيازمند آهيان. ٻاهرين لٽيرن تي اوهان جو ڪتاب بيشڪ لاجواب ثابت ٿيندو، ڇو تہ مان اوهان جا اهي مضمون وڏي دلچسپي سان پڙهيا آهن. ان لاءِ ڪوبہ اُلڪو نہ ڪريو. جويو صاحب اتي آهي، ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿئي ٿي. توهان جا سلام کيس پھچايا.
اسان جو وقت بلڪل قيمتي ڪونھي، حقيقت ۾ ٿڪبو بہ نہ آهي. توهان کيس جڏهن چاهيو خط لکندا رهو. اها ٻي ڳالھہ تہ پنھنجي پُستي ماري ٿي.
چڱو گڏ آهيون.
اوهان جو
نياز همايوني