مختلف موضوع

پنھنجن جا پيغام (خط)

خطن جي هن مجموعي ۾ سنڌ جي برک اديب، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي ڏانھن ٽيھن سالن دوران لکيل مختلف اديبن جا خط شامل آهن، جن ۾ هر قسم جي موضوعن يعني ادبي، سماجي ۽ ڪجهہ ذاتي نوعيت جا خط بہ شامل آهن. خطن جي هن مجموعي مان اسان کي ليکڪ جي واسطن ۽ رابطن سان گڏ ان جي زندگيءَ جي تلخ تجربن، جدوجھد، خوشين ۽ غمن جي جهلڪ پڻ نظر اچي ٿي تہ ان ليکڪ ڪيئن پنهنجي مقصد کي قائم ۽ دائم رکيو.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Panhenjan Ja Paigham

1986

88

بدين
1986 - 1 – 13

محترم دادا سنڌي
اسلام عليڪم!

توهان جو پر درد خط پھتو، يادگيري لاءِ مھرباني . يار ڪم تہ ڪرڻو آهي. ماڻھن ۽ گزيٽيڊ ماڻھن ۽ غريب ماڻھن جون ڳالھيون دُهرائيبيون تہ پوءِ سڄي عمر شڪوہ شڪايتن ۾ گذري ويندي. ۽ هن وطن عزيز جو ادبي جهول ڪير ڀريندو. يار پاڻ کي نڪو اٿئي گولڊ ميڊلن جي ضرورت، نڪو اٿئي ايوارڊ جي ضرورت. پاڻ ادبي فقير آهيون ۽ رهندا سون، جيڪو ايوارڊ مليو تہ انھيءَ تي اسان کي فخر نہ رهندو. اسان کي فخر رهندو تہ امڙ سنڌ تي رهندو. انھي جي ثقافت تي رهندو، سواءِ ڪنھن نعري بازي جي ماٺ ميٺ ۾ جيڪو ڪجهہ پھچي سگهبو، اهو امڙ لاءِ ڪم ڪبو. منھنجي دوست دامن جو شعر هي آهي تہ،
مين فقير مئي کدہ هون، مجهي اپني معرفت هي
اسي کيا خبر خدا کي جو کبھي حرم نہ جائي

توهان جون ٽڪليون پھتيون. بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، بدين ضلعي جو مطالعو، منتخت ڪلام عالم خان نظاماڻي، منتخت ڪلام هاشم ڪربلائي موڪلي رهيو آهيان. مھرباني ڪري انھن جي رسيد ڏياري موڪليندا تہ جيئن انھن جي رسيد ڪارڊ تي رکي سگهان.
توهان جو هڪ ڪتاب بہ مون وٽ نہ آهي، جي ڪتاب ڏياري موڪلڻ پسند ڪيو تہ آئون توهان کي ٽپال خرچ ڏياري موڪليان. اميد تہ توهان خيريت ۽ عافيت سان هوندا.

توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
انچارج، لاڙ ميوزيم
ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ بدين

89

بدين
1986 – 1 – 25

محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
ادا تنھنجو خط پھتو، مھرباني. ان سان گڏ تنھنجو ڪتاب ” سنڌين جي فوجي مھارت “ پڻ پھتو. تنھن جي لاءِ ٿورائتو آهيان. اڃان مون تنھنجي ڪتاب جو پارسل کوليو ئي مس تہ منھنجي هڪ دوست جهپو هڻي، اهو ڪتاب کڻي ورتو ۽ پڙهي ڪو نہ سگهيس. جيئن ئي توهان جو ڪتاب پڙهيم تہ رايو لکي ڏياري موڪليندس.
اسان لاڙ ميوزيم ۾ خالي هٿن وڏيون قيمتي شيون گڏ ڪري رکيون آهن. توکي انھن کي ڏسڻ جي خاص دعوت ڏيان ٿو. هليا تہ توکي موهن جي دڙي کان اڳ جون مون شيون ڏيکاريان. حڪومت جي وسيلن، ڪوٽڏجي، آمري ۽ موهن جو دڙو پنھنجن منھن سان پڌرا ڪيا. پر اسان دڙن جي مٿان قديم شيون گڏ ڪيون آهن ۽ اهي پڻ هتي موهن جي دڙي کان اڳ جون آهن. اسان خالي هٿن بدين ضلعي تي 8 ڪتاب ڪڍيا آهن ۽ 50 کن ڪتاب تيار ٿيا پيا آهن. اسان کي ڪو آڏي ابتي تون وانگر شاباس ڏي ٿو، نہ تہ بس. آئون سمجهان ٿو تہ توکي پڻ اسان جھڙي ڪم ڪرڻ جو شوق جاڳيو آهي. ڏاڍو سٺو شوق اٿئي، ڪنڊن جي سيج تي سمھڻ کان اڳي اسان سان ضرور صلاح ڪجان.
ادا سچ پڇين تہ ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. بيڪار ماڻھو خدا ڪارڻ دشمني رکيو ٿا ويھن.
” سرور عالم ۽ سنڌ “ مقالو جڏهن بہ لکي وئين تہ آئون شايع ڪرائيندس. جي مون ۾ سگهہ نہ هوندي تہ ڪنھن ٻئي يار کان شايع ڪرائيندس. پاڻ سڳورن جي ڏينھن ۾ جيڪي اصحاب سڳورا تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيا. انھن مان هڪ اصحابي ٿريءَ جي ڀرسان آرامي آهي. پراڻ جي ڀرسان ان جي قبر آهي.پراڻ جي ڀرسان پنجتن جو گهير آهي. رسول صه جو خاندان ماتليءَ جي پنھورن سان وڌيو ۽ ويجهيو. امام جعفر صادق سنڌڻ پنوهار ڇوڪريءَ جو پٽ هو، جيڪا ماتلي جي ڀرسان رهندڙ پنوهارڻ هئي. جيڪڏهن توکي انھن ڳالھين جي ضرورت هجي تہ توکي وضاحت سان لکي ڏياري موڪليان.
ان کان سواءِ ديبل جا سنڌي ۽ نيرون ڪوٽ جا مبلغ پڻ پاڻ سڳورن جي وقت سان واسطو رکن ٿا. توهان پنھنجي موضوع لاءِ ” ارض القرآن “ ۽ ” عرب و هند ڪي تعلقات “ ڪتاب ڏسو تہ سٺو آهي. ۽ پڻ حضرت ابو الجلال جا لکيل مضمون ” سنڌي مھرين“ جيڪو مھانامو ڪراچي م۾ شايع ٿيو هو. اهو پڻ انھي موضوع ۾ توهان جي رهبري ڪري سگهي ٿو. هيٺيان ڪتاب پڻ توهان جي انھيءَ ڏس ۾ رهبري ڪري سگهن ٿا.
1. نورالايمان – مھراڻ آرٽ ڪائونسل حيدرآباد جو شايع ڪرايل.
2. ڪيئي ڪتاب – ڀاڱو پھريون ۽ ٻيون، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو لکيل.
توهان ڊپٽي ڪمشنر سکر کان ضرور مدد وٺو. ضلعي ڪائونسل، ميونسيپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽي کي پڻ توجھہ ڏياريو. توهان بہ قديم شيون گڏ ڪري گهر ۾ سکر ميوزيم قائم ڪري ڇڏيو. اوهان جي مدد پھرين ڪوبہ ڪونہ ڪندو. سڀ توهان کي چريو ليکيندا. پر پوءِ هڪ نہ ٻہ توهان سان تعاون ڪندا. جيڪي مخالفت ڪن تن جي ڳالھہ هڪ ڪن مان ٻڌو ۽ ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو. دل ننڍي ڪندا تہ ڪم ڪري ڪين سگهندا. سيمينارن تي گهٽ زور ڏيو. پنھنجي ضلعي جي تعارف لاءِ ڪتاب ڇپرايو. الک توهان سان حامي ٿيندو. قومي ڪمن ۾ مڪتب فڪر جو خيال نہ رکبو آهي. هندو، مسلمان، عيسائي، يھودي، نيگيٽو، پازيٽو، نفي ۽ اثبات سڀن سان ها ۾ ها ملائي پنھنجي مقصد جو ڪم ڪبو رهبو آهي. ذهني عذابن کي پڻ درگزر ڪري ڇڏڻو آهي. اصل لطيف ٿي بيھڻو آهي. جنھن چيو هو تہ
جي ڇورين ڏنا ڇال، تہ بہ لاهوتي لنگهي ويا
جي مخالف عنصر ڇورين کان گهٽ شيطان ناهن ۽ اسان فقيرن کي انھن جي ڇالن جي پرواھہ ڪرڻي ناهي. البتہ نيڙت ۽ نياز جو شيوو ڪنھن بہ صورت ۾ هٿان ناهي ڇڏڻو. ڳڙهيلو درياءَ يا ڳڙهيلو وهڪرو مون ڪوبہ مضمون ڪونہ لکيو آهي. شايد عمر معمور لکيو هجي. آءُ ان کان پڇا ڪريان ٿو.
مون وٽ پڻ ضلعي متعلق جيڪي ڪتاب هئا، سي ڏياري موڪليم. هينئر بدين جا مشاهير ڪتاب شايع ڪرايو اٿم. سو اوهان ڏانھن ڏياري موڪلي رهيو آهيان، پھچ جو اطلاع ڏيندا. اوهان جڏهن ضلعي جي ثقافتي تاريخ لکڻ گهرو. تڏهن بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ کي توهان سامھون رکندئو تہ توهان جو مڙيئي مشڪلاتون دور ٿي وينديون. انھي ۾ ڪافي قدر موضوع توهان جي رهبري ڪندا. صرف انھي جڳھہ توهان بدين لفظ ڪڍي سکر لفظ ڪم آڻيندا. اميد تہ توهان خيريت عافيت سان هوندا.

توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
انچارج، لاڙ ميوزيم
ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ بدين

90

1986ع – 2 ¬– 16

پيارا دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!

اوهان جو خط پھتو، مھرباني. اوهان اشارو ڪيو آهي تہ اوهان بدين اچڻ گهرو ٿا. اگر اوهان بدين ايندا تہ آءُ اوهان جو مرحبا ڪندس. اوهان جن سوالن جا جواب گهريا آهن، انھن جو اختصار هيٺين ريت آهي.
پنجن تنن جو گهيڙ : پراڻ درياءَ جي ڪناري تي علي بندري ڀرسان 5 تنن جو گهيڙ آهي، روايت آهي تہ پنجتن پاڪن انھيءَ گهيڙ تي اچي مانجهاندو ڪيو هو ۽ انھيءَ کان پوءِ نظرن کان غائب ٿي ويا هئا. ماڻھو انھيءَ جڳھہ کي عقيدت جي نظر سان ڏسندا آهن ۽ ان جڳھہ تي ساليانو ميلو بہ ڪندا آهن. شاھہ لطيف رح ۽ ٻين بزرگن پڻ انھيءَ جڳھہ تان ڀيرو ڪيو هو.
ڪن ڪارو اصحابي: پاڻ سڳورن جي ڏينھن ۾ سنڌ ۾ تبليغ ڪرڻ لاءِ 15 اصحابي سڳورا آيا هئا. انھن نيرون ڪوٽ ۾ پنھنجو مرڪز ٺاهيو هو. انھن اصحابين مان هڪ اصحابي لاڙ طرف تبليغ لاءِ آيل هو. جيئن تہ انھيءَ بزرگ جو ڪن ڪار سرو هو. انھيءَ ڪري اهو بزرگ اصحابي ڪن ڪاري اصحابي جي نالي سان ياد ڪيو ويو. سومرن جو پھريون تختگاھہ ٿري سندس تبليغ جو ٺڪاڻو هو. اتي ئي رهي پاڻ وفات ڪري ويو. پراڻ جي اوليائن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. ريڻ جا ميلا مھاپيري آچر تي لڳندا آهن. انھن ميلن ۾ سندس ميلو پڻ ڌام ڌوم سان لڳندو آهي، جيئن تہ ريڻ جي ميلن ۾ وڏي ۾ وڏوميلو قرهي ڀانڊاري جو لڳندو آهي، تنھن ڪري آچر جي ڏينھن ريڻ جا سڀ ميلا قرهي ڀانڊاري جي ميلي ڏانھن رُخ ڪندا آهن ۽ قرهي ڀانڊاري جو ميلو سومر، اڱارو ۽ اربع ڏينھن لڳندو. قرهيو ڀانڊاري پڻ ديني مبلغن سان هڪ معروف بزرگ ساريو وڃِي ٿو.
شھربانو: حضرت امام جعفر صادق جي ماءُ شھربانو ماھہ طلعت جي ڌيءَ هئي. ماھہ طلعت همت خان پنھور جي ڌيءَ هئي. جيڪو سڌيرن جي شھر جو رهاڪو هو. يزديرد نمبر 3 سڌيرن جي شھر ۾ ماھہ طلعت سان شادي ڪئي. يزديرد انھي کي هڪ جاگير ڏني. جيڪا پوءِ ماطلعتي نالي سان مشهور ٿي. انھيءَ جڳھہ کي هينئر ماتلي چيو وڃي ٿو. شھربانو ايران مان قيدياڻي ٿي عرب پھتي هئي ۽ رسول جي خاندان ۾ ڏينھن گذاريائين. خود امام جعفر صادق انھيءَ نسبت جي ڪري سنڌي ٻولي کي پنھنجي مادري ٻولي ليکيندو هو. سنڌ ۾ جو هيترا پير ۽ سيد رهن ٿا . اهي انھي ناتي سبب پنھنجو ڏيھہ سمجهي هتي گذارين ٿا. ادا قصا وڏا آهن، جيڪي خطن ۾بيان نہ ٿا ڪري سگهجن. اچي لاڙ بہ گهمي وڃ ۽ احوال بہ وٺي وڃ.
آءُ هينئر ريٽائرڊ آهيان، لاڙ ميوزم کي سنڀالڻ ۽ ادبي ڪمن کي پنھنجو مشغلو بنايو اٿم. پوڙهن وانگر ٽنگ ٽنگ تي رکي ويھي ڪونہ رهيو آهيان. توهان جڏهن مون جهونڙي سان ملندو، تڏهن آءُ پنھنجي ڏڪندڙ هٿن ۽ عينڪ جي ٿلھن شيشن مان توهان جي زيارت ڪندس، ڪيئن ٺيڪ آهي نہ؟ اميد تہ توهان خيريت سان هوندا.

توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
لاڙ ميوزم، ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ، بدين

91

شوڪت خواجائي بکري
گهر نمبر 27 / 631
ڀرسان ايم ڪي اسڪول
سکر ( سنڌ )
1986ع – 4 – 29

پيارا سائين دادا سنڌي
جيئي سنڌ، جيئي لطيف

سائين مان پھريون دفعو توهان طرف خط لکي رهيو آهيان. اميد اٿم تہ هن خط جو جواب ڏيندا.
پيارا توهان ” وڄڻوٺ بچاءُ ڪاميٽي “ ٺاهي سنڌ جو فرض پورو ڪيو آهي. آرڪيالوجي کاتي وارن تي ڀاڙي ويھڻ تمام وڏي بيوقوفي آهي. هو ويچارا ڪجهہ بہ ڪري نہ ٿا سگهن. اسان جو هڪ دوست آرڪيالوجي ۾ ” هيڊ آف دي ڊيپارٽمينٽ “ آهي، پر انھن وٽ ڪوبہ فنڊ نہ آهي ۽ دوست هٿ تي هٿ رکي ويٺا آهن.
پيارا توهان جي هن بچاءُ ڪاميٽي جو اثر سرڪار تي نہ پيو تہ گهٽ ۾ گهٽ تمام ماڻھن تي ضرور پوندو. توهان کي جس آهي جو توهان ايڏو وڏو ڪم ڪيو آهي.
پيارا توهان کي منھنجي طرفان مبارڪ آهي. مون کي ڊٻ ڏيٿري ۽ وڄڻوٺ گهمڻ جو شوق آهي. جڏهن فرصت ملي تہ توهان جي معرفت اهي قديم آثار گهمبا. ٻيو سڀ خير ” وڄڻوٺ بچاءُ ڪاميٽي “ جي سڀني دوستن کي سلام.

والسلام
شوڪت خواجائي
بکري سکر

92

سنڌ نيشنل اڪيڊمي، پوسٽ باڪس نمبر 258، حيدرآباد ( پاڪستان )
حيدرآباد
1986 – 05 – 18

برادر محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.
اوهان جو عنايت نامو مليو.
مان تہ اوهان ڏانھن پنھنجا ڪتاب موڪليندو رهيو آهيان. پر اوهان جي خط مان معلوم ٿيو تہ اوهان کي اسان جون موڪليل شيون نہ ٿيون ملن. ڪجهہ ڪتاب بذريعه ڊاڪ ارسال ڪري رهيو آهيان. اميد تہ پنھنجي راءِ کان واقف ڪندا.
اوهان پنھنجي جنھن دوست جي حوالي سان ڪينجهر جي باري ۾ پنھنجي تقرير يا مضمون جو حوالو ڏنو آهي. ان تي مون کي تعجب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ مان تہ ان موضوع تي نہ ڪا تقرير ڪئي آهي ۽ نہ وري ڪو مضمون لکيو آهي. ان دوست کي يا تہ غلط فھمي ٿي آهي. يا وري ڪجهہ ” مھربان دوست “ آهن. جن جو ڪم اسان تي نوازشون ڪرڻ آهي. اوهان وارو دوست انھن مان آهي.
بھرحال ڪينجهر جي موضوع تي منھنجي پنھنجي معلومات نھايت اڌوري آهي. ان ڪري اهڙي موضوع تي مان ڪجهہ چوڻ تحقيق جي شان جي خلاف سمجهان ٿو.
پرين جي پچار جو ٻيو حصو تيار آهي، پر اشاعت ۾ اڃان تاخير آهي. سبب اهو آهي جو مان سمجهان ٿو تہ هن وقت وڌ ۾ وڌ ضرورت هن ڳالھہ جي آهي تہ سنڌي نوجوانن جي سامھون اسلام جي تعليمات کي سائينٽيفڪ اعلى درجي جي علمي انداز سان پيش ڪيو وڃي. جيئن نوجوانن جو خدا ۽ اسلام تي عملي طور تي اعتماد بحال ٿئي. اوهان بہ مذهبي انسان آهيو، ان اعتبار سان اوهان تي بہ وڏيون ذميواريون عائد ٿين ٿيون.
سنڌ جي تاريخ ثقافت ۽ ڌرتي ۽ ان جي موضوع ۽ مسئلن تي بہ لکڻ گهرجي، جي حياتي آهي تہ ضرور لکبو رهبو. پر اسلام جي صداقت وحقائق تي لکڻ جي ضرورت هيئن نھايت وڌيڪ آهي. ڇا ان سلسلي ۾ ڪجهہ لکڻ يا ترجمي ڪرڻ لاءِ اوهان ڪجهہ وقت ڪڍي سگهندو.
ﷲ تعالى گذريل ٻن ٽن سالن کان منھنجو ڪنھن جماعت سان ڪو واسطو ڪونہ رهيو آهي. مان غير جانبدار ٿي سنڌي نوجوانن تائين اسلام جي دعوت پھچائڻ چاهيان ٿو. ” ڪامريڊ دوستن کي سڏ “ ڪتاب اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان. انھي مان اوهان اندازو لڳائي سگهندا.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو
93

سنڌ ڪتاب گهر، سڪرنڊ ( سنڌ )
1986ع – 5 – 22

محترم سائين دادا سنڌي !
اوهان جو خط ۽ ” تحقيق ۽ تاريخ “ عنوان وارن ڪتابن بابت تفصيلي رايو ۽ فيصلو پھتو. ان سھڪار لاءِ سنڌي ادبي سنگت اوهان جي احسانمند آهي. اميد تہ اڳتي بہ هر مھل ۽ موقعي تي ڀال ڀلائيندا رهندا.
جڏهن بہ انعامن ورهائڻ جي تقريب ڪوٺائينداسين، تہ اوهان کي خط لکي ضرور آگاھہ ڪبو. دلجاءِ ڪندا.
وڄڙوٽ بابت رشيد ڀٽي صاحب جي اپيل / آرٽيڪل ( انگريرزي ۾ لکيل ) اوهان جي خط کان اڳ پھتو هو. مون ان جو فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون، پنھنجي خط سان اخبارن جي ايڊيٽرن ڏانھن اشاعت ۽ ايڊيٽوريل لکڻ لاءِ موڪلي ڏنيون هيون. اوهان جي حڪم موجب مرڪزي طرح بہ بيان ڪڍان ٿو، ۽ شاخن پاران بہ بيان ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو .
اوهان جو مسودو، رُڪ سنڌي پريس ۾ ڪونہ ڏنو آهي، شايد هن وقت ڇپائڻ جي مُوڊ ۾ نہ آهي. مسودو مليو تہ حڪم جي پوئيواري ڪبي.
هڪ خاص ڳالھہ تہ اوهان جو ڪتاب ” تاريخي ڪھاڻيون“ ٻاراڻي ادب جي سري هيٺ اسان جي انعامي اسڪيم ۾ شامل آهي. هڪ معزز جج، اوهان کي اطلاع ڪرڻ لاءِ لکيو آهي تہ امروٽي بزرگ امروٽ شريف ۾ نہ پر، ڳاڙهي موري ( ضلعو خيرپور ) ويجهو ” ديواني ڳوٺ“ ۾ ڄائو هو. ان کان سواءِ اوهان ڪجهہ سن بہ غلط ڄاڻايا آهن، سي درست ڪندا.

اوهان جو پنھنجو
تاج جويو
سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت ( سنڌ )

94

سنڌ نيشنل اڪيڊمي، پوسٽ باڪس نمبر 258 .حيدرآباد ( پاڪستان )
حيدرآباد
1986 – 05 – 29

برادر محترم دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم! خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو. اوهان جو محبت سان ڀريل عنايت نامو مليو. اوهان منھنجي خيالات ۾ تبديلي بابت لکيو آهي.منھنجي خيال ۾ تبديلي نہ پر ارتقا آهي. صحافت ۾ رهڻ ڪري حالتن جي مشاهدي جو جيڪو موقعو مليو . انھي خيالات ۾ ارتقا پيدا ڪري ڇڏي. ان ڪري مان سمجهان ٿو تہ مون واري تبديلي جي بجاءِ ان کي فطري ۽ تدريجي ارتقا چئي سگهو ٿا.
جماعت اسلامي ۾ نہ رهڻ کان پوءِ يقينن مون کي آزادي سان پنھنجي خيالات جي اظھار جو موقعو مليو آهي. ورنہ اهو موقعو يقينن نہ ملي ها. ڇاڪاڻ تہ جماعت ڪي نہ ڪي پانديون عائد ڪري ٿي.
اوهان ڪتاب جي ترجمي جي آمادگي ظاهر ڪئي آهي. ان لاءِ نھايت مشڪور آهيان. هڪ ڪتاب ” خدا موجود هي، چاليس سائنسدانون کي گواهي“ جي نالي سان ڪڏهوڪو جو اردو ۾ شايع ٿيو هو. ان جي هڪڙي ڪاپي مون وٽ هئي. اهو هڪ صاحب ترجمي لاءِ ڏني هئي، پر نہ ڪاپي واپس ملي آهي ۽ نہ وري ترجمو ٿي مليو آهي. ڪتاب ناياب ٿي ويو آهي. مارڪيٽ ۾ ملي نہ ٿو. انشاءَ ﷲ ڪوشش ڪري عيد کان پوءِ اوهان ڏانھن ڪتاب ڏياري موڪلبو. قرآن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ پيغمبرن ۽ مومنن جي زندگي جو اصل مقصد ماڻھن کي توحيد ڏانھن سڏڻ، رجوع باري تعالى جي دعوت ڏيڻ، ۽ آخرت جي باري ۾ دوزخ کان بچائڻ جو ڪم ڪرڻ آهي. پنھنجن قومن جي مسائل جي پيغمبرن ڳالھہ ڪئي آهي. پر نھايت گهٽ. ان ڪري اسان کي اصل توجھہ خدا ڏانھن سڏڻ جي ڪم ڏانھن ڏيڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ مسائل تي جيترو توجھہ ڏيڻ ضروري هجي، اوتري ڏيڻ گهرجي.
اوهان راقم جي ڪتاب کي پسند ڪيو. جنھن لاءِ مان اوهان جو نھايت ٿورائتو آهيان.
مان اوهان جو نھايت مشڪور آهيان، جو اوهان پنھنجي حلقه احباب کي اسان جا ڪتاب مطالعي لاءِ ڏيو ٿا. اصل ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ اڄوڪي دور ۾ وڏي ۾ وڏي خدمت آهي.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

95

انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، سنڌ يونيورسٽي سنڌ، ڄام شورو، فون نمبر : 71125
نمبر آءِ – ايس / ريسرچ 3139
مورخ : 1986- 12 – 15

محترم دادا سنڌي
اميد تہ خوش هوندا. اوهان کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي ڪجي تہ هن وقت تائين 269 ڏات ڌڻين جي علمي، ادبي، ۽ ثقافتي خدمتن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ کاتا ( ريڪارڊ ) کلي چڪا آهن ۽ انھن ڏات ڌڻين مان اوهان پڻ هڪ آهيو.
اوهان جي خدمتن جو رڪارڊ نمبر 126 آهي. هن گذارش نامي موڪلڻ تائين اوهان جي قلمي پورهئي، مواد ۽ معلومات جا هڪ جلد ترتيب ڏئي محفوظ ڪيا ويا آهن. انھيءَ مواد ۽ معلومات کي هٿ ڪري ترتيب ڏيڻ واري ڪمي جيڪو اوهان سھڪار ڪيو آهي. ان لاءِ اوهان جا ٿورائتا آهيون.
اسان کي احساس آهي تہ هن وقت تائين گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات اوهان جي خدمتن ۽ ڪارنامن جي جزوي جهلڪ محسوس ڪري ٿي.اوهان جو قلمي پورهيو معياري، وزنائتو ۽ مقدار ۾ بہ جهجهو آهي. ان ڪري قسطن ۾ ئي اهو رڪارڊ مڪمل ڪري سگهجي ٿو. ليڪن اوهان جي انھي خدمتن جي خاڪي ۾ اوهان جي سھڪار سان ئي رنگ ڀري سگهجن ٿا. انھيءَ سلسلي ۾ اوهان کي عرض ڪجي ٿو تہ :
1. جڏهن بہ هن طرف اچڻ ٿئي تہ اسان کي بہ ملاقات جو شرف ڏيئي رٿا بابت اسان کي بہ نيڪ مشورن سان نوازيو.
2. اڳ ۾ ڪيل گذارشن مطابق وڌيڪ مواد ۽ معلومات ( ڇپيل مضمون، افسانا، اخباري رپورٽون، اخباري خبرون، اديبن جا خط، دعوت نامہ، شايع ٿيل ڪتابن جا ٽائٽل مھاڳن سميت ) سٺ ستر صفحن جي قسط ۾ موڪلي ڏيو.
3. پنھنجي شاعري ڪنھن رجسٽر تي اتاري موڪليو، حاشيون چئني طرفن کان ڇڏي ڏيو ۽ ورقن جو پٺيون صفحو خالي رکو. شايع ٿيل مواد پڻ اهڙي ريت فوٽو اسٽيٽ ڪرايو.
4. شايع ٿيل مواد جا ڌار تفصيل لکي موڪليو. جنھن ۾ مواد جو عنوان، صنف، شايع ٿيڻ جي تاريخ ۽ شايع ٿيڻ جو هنڌ ( ڪتاب يا رسالي جو نالو )بابت معلومات ڏيڻ فرمايو.
5. اوهان پنھنجي علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جا ڌار تفصيل لکي موڪليو، جنھن ۾ تاريخ، هنڌ، سرگرمي جي نوعيت ( ڪانفرنس، سيمينار، مشاعرو، گڏجاڻي، مھورت، ورسي ۽ شام وغيرہ ) ۽ ان ۾ شرڪت جي حيثيت بابت معلومات ڏيڻ فرمايو.

اوهان جو ٿورائتو
ڊاڪٽر ڌرمحمد پٺاڻ، (ڊپٽي ڊائريڪٽر )، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي ڄام شورو

96

سنڌي ادبي سنگت سنڌ ( رجسٽرڊ )
مرڪز
1986 – 12 – 20

محترم دادا سنڌي
سنڌي ادبي سنگت پاران ” ادبي انعام ۽ سنگت ايوارڊ “ لاءِ اوهان جي ڪتاب ” سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون“ کي بھترين ” ٻاراڻي ادب “ جو ڪتاب قرار ڏنو ويو آهي.
اوهان کي عرض ڪجي ٿو تہ 1 جنوري 1987 تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ شام جو 6 وڳي اچي، پنھنجو انعام ۽ ايوارڊ، سنڌ جي نامور شاعر محترم شيخ اياز جي هٿان حاصل ڪندا.

اوهان جو پنھنجو
تاج جويو
سيڪريٽري جنرل
سنڌي ادبي سنگت، سنڌ.

97

روشني
سنڌ اسلامڪ سينٽر سکر
( تنظيم فڪر ونظر سنڌ جو ترجمان، ديني، علمي ۽ ادبي ڪتابي سلسلو )
تاريخ : 1986 – 12 – 24

محترم سائين !
اسلام عليڪم!!
تعميري ادب جي واڌاري لاءِ اشاعتي سلسلي روشني سان تعاون وقت جي گهُر آهي. اوهان پنھنجون تخليقات ( نثر، نظم ) اشاعت لاءِ عنايت ڪرڻ فرمائيندا تہ جيئن ماهانہ روشنيءَ ذريعي پڙهندڙن تائين پھچائي سگهجن.
پڪ آهي تہ اوهان ٻولي، ادب، علم ۽ دين جي خدمت ۾ ڀرپور ڪردار انجام ڏيندا. مھرباني
پھريون ڪتاب / رسالو فيبروري 1986ع ۾ شايع ٿيندو.

اوهان جو امير بخاري