1985
حيدرآباد ( سنڌ )
1985ع – 2 – 16
خوش هجو!
مانوارا سائين دادا سنڌي
سچ تہ ڪي ڏينھن ٿيا آهن. جو پنھنجو رابطونہ رهيو آهي نہ اوهان ڪجهہ لکيو نہ مان.
خير، مان سمجهان ٿو تہ ادل سومري سائين، اوهان کي خط جي ذريعي ٻڌايو هوندو تہ اسان هڪ ٻارن جي ڪھاڻين ڇپرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنھن تحت هڪ ئي ليکڪ جون ڪھاڻيون / ناٽڪ وغيرہ ڇپرائيندا آهيون، هيل تائين اڪبر جسڪاڻيءَ ۽ شمس سومري جي ڪھاڻين جا ڪتاب بازار ۾ اچي چڪا آهن. ادل سومري جو پريس ۾ آهي. اوهان سنڌ جي سورمن جي باري ۾ ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکيون آهن ۽ ٻيو بہ ڪجهہ ٻارن لاءِ لکيو آهي، جيڪڏهن اسان کي ڏيندا تہ اسان کي انھن کي مٿين سلسلي ۾ ڇپرائيندا سون. اميد تہ اوهان تعاون ڪندا. جواب جلد ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا.
وڌيڪ خير
ساٿ سلامت
نثار حسيني
آگم پبليڪيشن ايجنسي
پوسٽ باڪس نمبر238، حيدرآباد ( سنڌ )
79
شھداد پور
1985ع – 2 – 21
مانوارا سائين دادا سنڌي صاحب!
اميد تہ نيڪ تمنائون سان شل جڙيا هوندا. اوهان جون تاريخي ڪھاڻيون، مضمون، ڪافي وقت کان بيحد دلچسپي سان پڙهندو آهيان. ٻہ سال اڳ سائين پروفيسر محمد خان ٻرڙو واتان اوهان جي ساراھہ ٻڌيم.
اوهان جو لکڻيون پڙهڻ بعد سچ تہ اوهان سان دلي محبت ٿي وئي ۽ اوهان ڏانھن خط لکي اوهان کي بھترين تاريخي مضمون ۽ ڪھاڻين لکڻ تي مبارڪباد ڏيڻ چاهيم. پر اوهان جي ايڊريس معلوم نہ آهي. تازو جيئن هڪ دوست کان اوهان جي ايڊريس ملي ۽ اوهان ڏانھن خط لکان پيو. ۽ بھترين لکڻيون لکڻ تي اوهان تي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ سچ تہ اوهان جھڙن عظيم ليکڪن تي اسان اڀرندڙ ليکڪن ۽ تاريخ، ادب سان چاھہ رکندڙ فخر محسوس ٿا ڪيون تہ اوهان جھڙا ڄاڻو ليکڪ اوهان وٽ موجود آهن. هن خط لکڻ جو ٻيو مطلب اوهان سان واقفيت ڪرڻ بہ هو. پھرين مان پنھنجو تعارف ڪرايان ٿو.
ڄمڻ بعد بانگ جو نالو نور محمد ملاح تعليم مئٽرڪ عمر 23 سال نائين درجي ۾ ادب دوستن جي حلقي ۾ رهڻ سان ڪيترائي ادبي، تاريخي رسالا ۽ ڪتاب مليا، جن جي پڙهڻ سان مون کي بہ ڪجهہ لکڻ جو شوق ٿيو ۽ ڏسندي ڏسندي گهڻو ڪجهہ لکي ويس. لکڻ بعد دوستن نالي پويان ڪو تخلص ڏيڻ جي صلاح ڏني. مختلف دوستن، مختلف تخلص ٻڌايا پر آخر تخلص جو فيصلو امڙ ثميرا زرين سنڌي ادب جي خاتون اول جو قبول ڪيم ۽ نور محمد مان نور سنڌي بنجي ويس. اڳتي هلي صحافي حلقي جي سنگت ۾ رهڻ بعد اخباري نمائندو ٿيڻ جو شوق جاڳيو. الفقراءَ سانگهڙ کان شروعات ڪري مختلف اخبارن کان ٿيندي آفتاب تائين پھتس ۽ گذريل چار سالن کان ان سان وابستہ آهيان.
هاڻي اميد آهي تہ اوهان بہ پنھنجو مڪمل تعارف ڪرائيندا تہ اوهان جو ٿورائتو رهندس.
وڌيڪ احوال ٻئي خط ۾ اوهان جي جواب جو انتظار رهندو.
فقط اوهان جو
نور سنڌي
پريس ڪلب شھداد پور
80
شھدادپور
1985ع – 2 – 27
مانوارا سائين دادا سنڌي صاحب!
هي ڪائنات جنھن ۾ اسين رهون ٿا، ان جو ٻيو نالو ” فنا “ بہ آهي. هتي پنھنجي وقت پڄاڻي هر ڪنھن کي هلڻو آهي. اهڙي هنڌ جتان اڄ ڏينھن تائين ڪوبہ ان ساڳئي روپ ۾ نہ موٽيو آهي. مٺڙا سائين موت اٽل ۽ برحق آهي. موت جي چنبي کان ڪوبہ بچي نہ ٿو سگهي. بھرحال اهو پڙهي بيحد صدمو پھتو آهي تہ اوهان جو پيارو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي گذاري ويا. پر ان جي تفصيل جي خبر ڪانہ پئي آهي تہ ڪيئن مئا آهن؟؟ بھرحال اسان پاڻ کي اوهان جي هن ڏک ۾ برابر شريڪ سمجهندي هن خط ذريعي اوهان سان تعزيت جو اظھار ڪندي، دعا ٿا ڪيو ن تہ خالق شل اوهان کي صبر توفيق عطا فرمائي. آمين
اوهان جو پنھنجو
نور سنڌي ” صحافي “
چيف نگران نور آرٽ ڪلچرل اڪيڊمي سنڌ
وايہ شھداد پور ( سنڌ )
81
عمرڪوٽ
1985 ع – 3 – 6
بخدمت جناب دادا صاحب!
اسلام عليڪم!
ادا مون کي ادا سائين قادربخش جي اچانڪ موت تي سخت ڏک پھتو. ان سلسلي ۾ منھنجو ڇوڪر دين محمد مھر تعزيت لاءِ آيو هوندو. ٻن صدمن اوهان کي سخت آزمائش ۾ وڌو هوندو. منھنجي ڌڻي در دعا آهي تہ ﷲ سندن جنت ۾ جايون ڏي. اوهان جي برادرم مرحوم سان ڪجهہ عرصو اڳ هاءِ اسڪول ۾ مليو هئس. عمر ڪوٽ جي باري ۾ تاريخي معلومات ورتم مون کان هڪ تعارفي خط رشيد ڀٽي تي بہ ڏنو هئائين.
سائين اوهان جي لئبريري ۾ هيٺ ڏيکاريل ڪتاب هجن تہ برائي ڪرم مطالعي لاءِ فراهم ڪندا يا سڏ ڏيندا تہ اچي ڏسي وڃان.
( 1 ) سنڌ جي هندن جي تاريخ – ڪاڪو ڀيرومل
( 2 )قديم سنڌ – شمس الدين رڪن الدين قريشي 1965ع
( 3 ) نومبر 1952 جو الوحيد ايڊيشن. رحيمداد خان جو لکيل تاريخي مواد عمرڪوٽ جي قدامت جي باري ۾.
( 4 ) سنڌ جا پراڻا تختگاھہ. جشن خيرپور ۾ مرحوم رحيمداد جو مقالو وغيرہ.
يا اوهان پنھنجي تاريخي ڪتابن جي فهرست ڏيندا. جيئن منھنجي معلومات ۾ اضافو ٿئي.
فقط اوهان جو
الھورايو مھر عمرڪوٽ
82
محمد موسى ڀٽو
1985 – 03 - 22
وقائع نگار خصوصي برائي سندھہ
روزنامہ جسارت کراچي
برادرم محترم
اسلام عليڪم!
خدا ڪري اوهان ڏانھن خيريت هجي.
اوهان جو ڪتاب نامو مليو. هن کان اڳ برادر انور جوکيو صاحب جن اوهان جو ذڪر ڪيو هو. هي معلوم ڪري خوشي ٿي ۽ حوصله افزائي پڻ. اوهان منھنجي تازن ڪتابن ” پرين جي پچار “ ۽ ” سنڌ ۾ بي چيني جا اسباب “ کي پسند ڪيو آهي ۽ هن جي اختلافي پھلوئن جي باوجود مجموعي طور تي اوهان منھنجي تحقيق ۽ محنت کي ساراهيو آهي.
برادرم! اهو اوهان جو حسن ظن آهي. ورنہ سمجهان ٿو تہ منھنجي ڪتابن ۾ اهڙي ڪا خاص شيءَ نہ آهي. بس قلم ذريعي ٿوري گهڻي لکڻ جو شوق رکان ٿو. شايد منھنجو اهو ڪم منھنجي لاءِ توشه آخرت بڻجي ۽ آخرت جي نيڪ اعمال جي ضرورت پوندي اتي منھنجون اهي معمولي ڪاوشون اعمال جو ڪم ڏين.
مان دراصل اردو ۾ ئي ڪتاب لکيا آهن. جيئن ”سندھہ کي حالات کي سچي تصوير“، ” سندھہ ماضي، حال، مستقبل“، ذوالفقار علي بهڻو عروج و زوال “، ”ذوالفقار علي بهڻو اور سندھہ ڪي حالات“، ” روسي سامراج عالم اسلام ڪي لئي چيليج “، ” پاکستان کا الميه، اسباب اور حل “، ” هماري سياستدان“، ” چوهدري غلام محمد مرحوم ايک هستي ايک تحريک “. انھن مان اڪثر ختم ٿي چڪا آهن. روسي سامراج ۽ پاکستان کا الميه وارا موجود آهن. چاهيو تہ اهي اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان. ”مٽ مئي جا نہ ٿيا“ ڪتاب مون وٽ هڪ بہ ڪاپي ڪونہ رهي آهي. انھي زماني ۾ ئي ڪتاب ختم ٿي ويو. ” سنھا ڀانءَ م سپ“ ۽ ”ڀيلي تي ڀلڪار“ اهي ڪتاب محمد بن قاسم ادبي سوسائٽي جي پاران شائع ڪيا ويا آهن. جنھن جو مان ميمبر پڻ آهيان. اوهان مولانا جان محمد ڀٽو ۽ ان لاءِ معلومات گهري آهي.
مولانا جان محمد ڀٽو سنڌ جو عظيم فرزند هو. مولانا تي مان لکي رهيو آهيان. سنڌ ۾ مولانا تاج محمد امروٽي کان پوءِ هن جھڙو مجاهد، صاحب تقوى ۽ ولي ﷲ انسان مون کي ٻيو ڪو نظر ڪونہ ٿو اچي. جنھن ماڻھو مولانا صاحب سان ملاقات نہ ڪئي آهي. اهو مولانا جي شخصيت ۽ عظمت جو اندازو نہ ٿو لڳائي سگهي. مولانا جو اصل ڪم تقاريرر ۽ درس قرآن هو. موصوف 1950ع کان 1982ع تائين مھيني جا 20 يا 25 ڏينھن دعوتي دوري تي رهندو هو. مولانا تي مان پنجن قسطن جو مضمون ” جسارت “ ۾ لکيو هو. ان جي هڪ خط اوهان جي معلومات لاءِ موڪلي رهيو آهيان. مولانا تفھيم القرآن جا 11 پاره ترجما پڻ ڪيا. مولانا جا بعض پمفليٽ بہ آهن. سوشلزم جي حقيقت، دين جي حقيق، بدارالسلام، ون يونٽ ۽ ان جو حل.
اوهان مون لاءِ بہ معلومات گهري آهي. دراصل مان پنھنجي باري ۾ معلومات ڏيڻ کان قاصر آهيان. ڇاڪاڻ تہ منھنجي نہ ڪا شخصيت آهي ۽ نہ ڪا معلومات. ڪتاب لکڻ ڪو ڪارنامو نہ آهي. اصل ڪارنامو انسان سازي آهي. ماڻھو بنائڻ ۽ ٺاهڻ جي تقطه نگاھہ سان منھنجي ڪارڪردگي مئل آهي. تاهم اوهان پڇيو آهي تہ اخلاقي اعتبار سان ٻڌائڻ ضروري پڻ آهي.
برادرم! مون شڪارپور ۾ مدرسه دارالقرآن ۾ حفظ قرآن مڪمل ڪيو. دارلعلوم منزل گاھہ مدرسي ۾ عربي ۽ فارسي جا ابتدائي ڪتاب پڙهيا. ان بعد مدرسه الاسلام ميرپور خاص ۾ ڪجهہ ڪتاب پڙهيا. عربي جي تعليم اڌوري رهجي وئي. جلد شادي ٿيڻ سبب. جيئن تہ عربي جي ڪتابن جي تعليم مڪمل نہ ٿي سگهي. ان ڪري ڪٿي پڙهائڻ ممڪن ئي نہ هيو.
والسلام
اوهان جو
محمد موسي ڀٽو
83
1985 – 4 – 25
سنڌ نيشنل اڪيڊمي، پوسٽ باڪس نمبر 258
حيدرآباد ( پاڪستان )
برادرم محترم
السلام عليڪم!
خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.
18 اپريل تي حاجي محمد عيدن ناز ميراڻي صاحب جن سان اوچتو ملاقات ٿي. موصوف کان اوهان جي باري ۾ پڇا ڪئي تہ هن اها افسوس ناڪ ڳالھہ ٻڌائي تہ پويون اوهان جي ڀاءُ جو انتقال ٿيو. ان کان پوءِ اوهان جي گهرواري جو پڻ لاڏاڻو ٿي ويو. اهو ٻڌي انتھائي ڏک ٿيو. انھن حالتن ۾ اوهان جي لاءِ جيڪي مشڪلاتون پيدا ٿيون هونديون. تنھن جو اندازو ڪرڻ ئي سخت ڏکوئيندڙ ڳالھہ آهي. پر برادرم! هي دنيا ڪل نفس ذائقتہ جي مصداق آهي ئي مرڻ لاءِ. مسئلو صرف دير يا سوير جو آهي. اوهان ۽ اسان کي بہ اوڏانھن ئي وڃڻو آهي. اصل خوش نصيب انسان اهو آهي جيڪو موت جي تياري ۾ مصروف آهي ۽ موت کان پوءِ جيڪي مرحلا ايندا، تن جي سامان جمع ڪرڻ ۾ رڌل آهي.
مان اوهان سان هن ڏک جي واقعن ۾ برابر جو شريڪ غم آهيان ۽ دعاگو پڻ تہ ﷲ تعالى اوهان کي صبر جي توفيق عطا فرمائي ۽ مرحومين جي گناهن کي بخش فرمائي ۽ کين جنت نصيب فرمائي. آمين
هڪ ٻيو عرض هي آهي تہ مان ” روشني ڏانھن سفر “ جي نالي سان هڪ ڪتاب مرتب ڪري شايع ڪرايو آهي. مان چاهيان ٿو تہ هي ڪتاب هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول جي استادن کي مطالعي لاءِ ڏجي تہ تعليم يافتہ نوجوانن کي. ان مقصد لاءِ ڪتاب جون چند ڪاپيون اوهان جي خدمت ۾ موڪلي رهيو آهيان. اميد تہ اوهان مطالعي جي شائق ماسترن ۾ ڪتاب اعزازي ڪاپي طور تي تقسيم ڪرڻ جو تعاون فرمائيندا.
واسلام
اوهان جو محمد موسى ڀٽو
84
حيدرآباد ( سنڌ )
1985ع – 07 – 01
شال خوش هجين.
ڀاءُ دادا
اوهان جو ليٽر مليو ۽ ( فوٽو تعارف ) پڻ! ڪتاب بلڪل ڇپجي چڪو آهي، ڇڙو ان جو سرورق رهيل آهي. جيڪو بہ هفتي ڏيڍ ۾ تيار ٿي ويندو. اوهان ڪتاب جي ڇپائي بابت ڪنھن بہ قسم جو خيال نہ ڪريو. اسان تمام سُٺي ڇپائي ڪرائيندا آهيون.
نھايت افسوس ٿيو ڀاڀيءَ جي لاڏاڻي جو ۽ اوهان جي ڀاءُ جو! ڀلا ڀاڀيءَ جو مرتيو ڪيئن ٿيو؟ اوهان کي اولاد وغيرہ آهي؟ بس دوست اهي سڀ فطرت جا رنگ آهن. موت هونئن بہ اٽل آهي. باقي ها جنھن سان گڏ گذارجي ٿو، انھيءَ جي سڀ کان سواءِ ماڻھو ويڳاڻو آهي.
ادل هاڻي ويجهڙائي ۾ حيدرآباد آيو هو، في الحال تہ ڪاليج بند آهي. انھيءَ ڪري ڳوٺ آهي. هڪ ڳالھہ تہ وقت تمام ٿورڙو هو ۽ مان محسوس ڪيم تہ سنڌ جي تاريخي ڪھاڻين ۾ هڪ وڏي کوٽ آهي ڪنھن ڪردار جي، جنھن جو هجڻ تمام ضروري آهي، سو آهي ” هيمون ڪالاڻي “. عرض ڪيم تہ وقت ٿورو هو، انھي ڪري غلام محمد لاکي کي گذارش ڪيم تنھن ٻہ ٽي پيج رهڙي ڏنا، جيڪي ان ۾ شامل ڪيا اٿئون ۽ سندس ٿورا اداري ۽ توهان پاران بہ مڃيا اٿئون.
ڪتاب هڪ ئي ڀاڱي ۾ ڇپيو آهي ۽ ڏاڍو سٺو ڇپيو آهي، البت جا ڳالھہ اسان لاءِ ٿوري ڏکي آهي، اها آهي ڪتاب جي قيمت جيڪا ٻاراڻي حيثيت کان وڌيڪ آهي. خير منھن ڏبو. هونئن اسان ڪنھن کي بہ ڪا بہ رائلٽي ڪونہ ڏيندا آهيون. ڪن حالتن ۾ تہ پاڻ ليکڪ ( جيڪڏهن ساکر آهي ) کان رائلٽي ( مدد ) ڇڏائيندا آهيون. باقي هر ليکڪ کي 30 ڪاپيون ڏيندا آهيون.
چڱو سٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
نثار حسيني
85
بدين
1985ع – 9 – 05
پيارا دادا سنڌي صاحب!
اسلام عليڪم!
بيحد شرمندگي محسوس ٿو ڪريان، جو توهان کي دير سان جواب ڏيئي رهيو آهيان. توهان جي خيال تان بہ اها ڳالھہ شايد لھي ويئي هجي تہ توهان ڪو 31- 08 – 85 تي مون کي ليٽر لکيو هو. مون ان جو جواب ٻين ساٿين جي حوالي ڪري ڇڏيو، پر انھن شايد، توهان سان مثبت رويو اختيار نہ ڪيو. انھي لاءِ آئون توهان کان معافي ٿو وٺان. يار! توهان کي ڪھڙيون ويپيون ڪبيون. توهان مھرباني ڪري ٽپال خرچ لاءِ ٽڪليون ڏياري موڪليو. توهان کي ڪتاب رجسٽرڊ ڪري ڏياري موڪلبو. اوهان ايوارڊ لاءِ جيڪي مارڪون ڏنيون آهن. تنھن لاءِ لک لائق.
يار! چار چونڪ ڳالھين جا ضرور ڪبا. تون جھڙي سھڻي يار جي هٿان ڪارڊ اچي! اها ڳالھہ معيوب تہ ناهي پر مڪروح لڳي ٿي. هڪ لفافو هن خط سان گڏ موڪلي رهيو آهيان، جيئن توهان مون کي ڪارڊ جي بدران خط لکو. اميد تہ توهان خيريت سان هوندا. منھنجي لاءِ ڪو ڪم ڪار هجي تہ حاضر آهيان.
توهان جو پنھنجو
محمد سومار شيخ
سيڪريٽري
لاڙ ادبي سوسائٽي
ايگرو ويل ايريا، سول اسپتال روڊ بدين
86
اسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
تاريخ : 1985 – 11 – 24
محترم ڀاءُ دادا سنڌي
اميد تہ خوش هوندا. اوهان جا سمورا خط پھتا هئا ۽ مون اوهان ڏانھن تعزيتي خط بہ لکيو هو. ڌڻي کي خبر تہ اوهان کي ڇو نہ مليو؟ هي خط ان ڪري آئون پاڻ پنھنجي هٿن سان لکي موڪلي رهيو آهيان تہ جيئن جواب ۾ دير نہ لڳي.
اوهان سان ٻہ حادثا ٿيا. ان لاءِ مون کي پنھنجي غم ۾ شريڪ ڄاڻيندا! ڌڻي جي رضا ۽ ڪم اڳيان ڪنڌ جهڪائڻو ئي پوي ٿو. مالڪ حقيقي پنھنجي نيڪ بندن کان امتحان وٺندو آهي. هونءَ بہ جيئن تہ پاڻ حق ۽ سچ جو سرچشمو آهي. ان ڪري سچار، سٺا ۽ گڻن وارا انسان پاڻ ڏي گهرائي وٺندو آهي. هيءَ دنيا ڀلن انسانن جي رهڻ جي جاءِ نہ آهي. رب پاڪ اوهان کي صبر جميل جي توفيق عطا فرمائي.
اوهان جي باقي خط جي جواب ۾ عرض آهي تہ:
1. اوهان جي موڪليل بنڊل ۾ ” سنڌين جي فوجي مھارت “ ڪتاب تہ هو، پر ” سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون “ شامل نہ هو.
2. جڏهن سنڌ الاجي انعامن لاءِ ڪتاب گهرايا تہ اوهان کي اطلاع ڪيو ويندو.
3. منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن اوهان سنڌ الاجي جي ڪتابن مان استعفادو ورتو تہ ان جو ڪو هرج ڪونھي. ڇو تہ اوهان پنھنجي ڪتاب ۾ حوالو ڏيندا ۽ اداري جو شڪريو ادا ڪندا. پوءِ بہ هيئن ڪيو جو ان مقصد لاءِ ڊائريڪٽر انچارج جي اطلاع ڏيندڙ خط نما درخواست موڪلي ڏيو تہ ڪاغذي ڪاروائي پوري ٿي وڃي.
4. منھنجي ڪتاب ” سنڌ ۾ سياسي چر پر “ سان مرڻاس جا جُٺ ڪئي، ان تي افسوس جو اظھار ڪندي، ڪاوڙ مان هن کان پنھنجيون ڪاپيون ڪونہ ورتيون اٿم. هو همراءَ بہ ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو مصداق منھن ڪو نہ ٿو ڏيکاري. جڏهن ۽ جيڪڏهن ڪتاب جون ڪاپيون مليون ( ۽ ورتم ) تہ اوهان جي خدمت ۾ ضرور پيش ڪندس.
5. حال احوال ڏيندا ڪريو ۽ خط پٽ لکندا ڪريو. ائين اوهان جي دل جو بار بہ هلڪو ٿيندو ۽ پاڻ ۾ رابطو بہ رهندو. اوهان جنھن طريقي سان پنھنجو مواد موڪليو آهي. ان تي مون کي محنت ڪرڻي پوندي. بھرحال ڪم هلي ويندو. ٻين دوستن کي بہ چئو تہ هن علمي، ادبي ۽ تحقيقي تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو وٺن.
اوهان جو در محمد پٺاڻ
87
ڪراچي
25 ڊسمبر 1985ع
دادا سنڌي
سڪ سندو سلام قبول پوي.
تازو توهان جو ڪتاب ” سنڌين جي فوجي مھارت“ نظر مان گذريو. مان ورهين کان ويٺي واجهايو تہ ان مخصوص نقطي کان ڪتاب لکيو وڃي تہ جيئن پنھنجن ۽ پرائن تي اهو واضع ٿي سگهي تہ اڄ سنڌ کي فوج ۾ شامل ٿيڻ کان محروم سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڪيو ٿو وڃي. ورنہ اهڙي ڪا ڳالھہ نہ آهي تہ سنڌ ۾ عسڪري صلاحيت ڪانھي. توهان ان موضوع کي عام فھم ۽ سليس پيرائي ۾ نپائي ان مضمون تي نہ فقط قلم کڻڻ جو بنياد وڌو آهي. پر ان کي اڃا بہ ماهرانہ ۽ مخصوص ٽرمنالاجي ۾ لکڻ جي دعوت ڏني آهي. توهان جي بيدار ذهن ۽ وقت جي ضرورت پٽاندر پُر مقصد مواد پيش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيڻ توهان جو حق آهي.
ان سان گڏ مان توهان کي اهڙي ئي ٻئي ضروري موضوع تي قلم کڻڻ ۽ مواد سھيڙي يڪجا ڪرڻ جي دعوت ڏيندس، جيڪو بہ وقت اهم ضرورت آهي ۽ يقين اٿم تہ بنيادي نوعيت جو ئي سادو ۽ ڪچو مواد سھيڙيو، توهان لاءِ ڪا اوکي ڳالھہ ڪانہ آهي. اهو موضوع آهي ” پنھنجن جي غداري “. حقيقت ۾ اسان کي ڪو ڌاريو نقصان ئي نہ ٿو پھچائي سگهي، جيستائين ڪو گهر جو چراغ باھہ نہ لڳائي. ميرن کي بہ گهر مان لڳي هئي. اسان کي گهرجي تہ اڄ انھن کي بي نقاب ڪيون، جن پنھنجن کان سنڌ جي مفاد کي ڌڪ لڳو آهي. ( وقتاً وقتاً ) ۽ اڄ بہ لڳي پيو. نہ فقط ايترو پر انھن تي اک بہ ڪرڙي رهي. ڇو تہ جيستائين ان گهر ۾ لڳل کاٽ جو بندوبست نہ ڪبو، تيستائين ٻاهر ڌارين سان ڪيترو بہ ويھي جهيڙو ڪندا سون، ليکو رهندو ڏينھون پوءِ ڏينھن پوئتي رهندو. ڀڳل مٽ ۾ پاڻي ڪيترو بہ وجهبو، ٻئي پاسي وهي ويندو، ڳالھہ اتي جو اتي رهندي. هت اسان جي صفن ۾ شگاف موجود آهن، هڪ ڳولھيو ڪيئي موجود آهن. رڳو قيمت لڳڻ جي دير آهي ۽ ڪي تہ چنيسر وانگر پنھنجي هڙان وڙان ڏئي بہ ڇيھو رسائڻ لاءِ تيارآهن، تن تي ڪرڙي اک نہ هوندي تہ وڃي جهل پل نڪرندي ۽ سندس همت افزائي ٿيندي ۽ موقعي ملڻ تي هڪ ٻئي کان اڳرا پيا نظر ايندا.
ڪڏهن ڪنھن موقعي مناسبت سان ملاقات جو موقعو ملي تہ لک لائق.
محمد صالح شيخ
14 اي، فريدہ اسڪوائر
گلشن اقبال، بلاڪ نمبر 7، ڪراچي.