1979
پارس پبليڪيشن
ڀٽا روڊ سکر
تاريخ : 7 آگسٽ 1979ع
ادا دادا سنڌي صاحب!
اميد تہ خوش هوندا.
اوهان ( اوهان جي ننڍڙي جا ) مرتب ڪيل گُلشن پبليڪيشن ڪتابي سلسلي جا ٽئي ڪتاب پڙهڻ لاءِ مليا آهن.خاص طور تي ٽيون پرچو مواد ۽ گيٽ اپ جي لحاظ کان بي حد وڻيو هئم. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ اوهان پاران پھرين پرچي لاءِ تہ مون کان زور ڪري مواد ورتو ويو. پر پوءِ ٻنھي پرچن ۾خبر ناهي ڇو ، ڪھڙي مصلحتن ڪري وساريو ويس، جڏهن تہ رشيد انصاري صاحب هتي اڪثر ڪري ملندو رهندو هيو. بھرحال اها ڪا خاص ڳالھہ ناهي.
توهان کي پتو پيو هوندو تہ منھنجي ٻارن لاءِ لکيل شاعريءَ جو مجموعو ڇپجي پڌروٿي ويو آهي، مناسب سمجهيم تہ اوهان کي سندس ڪاپي موڪليان، جيئن اوهان پنھنجي ايندڙ ڪتاب ۾ ، منھنجي ڪتاب تي تبصرو لکي سگهو. اوهان جو ٻارن جي ادب تي سُٺو مطالعو آهي، پڪ اٿم تہ ڪتاب تي سُٺي ۽ صحيح نموني ڳالھائي سگهندئو.
ڪتاب جي پھچ ۽ تبصري لکڻ جي خبر ڏجو تہ مھرباني.
ادي الطاف ۽ ادي رشيد کي سلام.
وڌيڪ سڀ سُک
اوهان جو ئي
ايازگل، ڀٽا روڊ سکر
48
حيدرآباد
10.05.1979
محترم دادا سنڌي
پيارا ڀاءُ! شال خوش هجين. خط پھتو، اتفاق سان اوڏيءَ مھل جويو صاحب بہ هت ويٺو هو، خط ڏيکاريو مانس تہ هڪدم 25 ۽ 26 جي هلال گهرائي تو وارو مضمون پڙهيائين ۽ ڏاڍي تعريف ڪرڻ لڳو ۽ هاڻي توکي پڪ
ٿيندي تہ مان بہ حق تي تنھنجي تعريف ڪندو آهيان.
سنڌ جي تاريخ ۾ قاضي قاذن ( مان انھي غدار لاءِ اهو ئي نالو ٺيڪ ٿو سمجهان ) جيڪي ڪارناما ڪيا، تن تي سدائين بيشمار لعنت پوندي رهندي ٿي اچي، پر سنڌي قوم جي ڪن ماڻھن کي ڇا چئجي، جيڪي مردار ٿيئڻ کان پوءِ بہ غدارن تي گل گهوريندا ٿا رهن. اوهان جي مضمون بہ ساڻس چڱي ڪئي. ڪجهہ عرصو اڳ مان بہ اهڙو مضمون لکي سندس اصليت ظاهر ڪئي هئي. اڄڪلھہ مان تاريخي ڪتابن جا فارسيِءَ مان سنڌي ۾ ترجما پيو ڪريان. تازو مظهر شاهجهاني جو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. هاڻي تاريخي طاهري جو ترجمو پيو هلي. شاعري لاءِ قلم ٿو کڻان تہ آنڊا وات کان ٿا اچن. سنڌين جي سجاڳي لاءِ پورا ٽيھہ سال جيڪي جتن ڪيا ويا، اهي بازيگرن جي بلي چڙهي ويا، هن کان پوءِ جيڪي ڪيو ويندوتنھن جو نتيجو بہ ساڳيو نڪرندو، سو ادا اسان تہ توبھہ ڪري ڇڏي. وري بہ تو يارن سنڌ جي سار ڪئي تہ پنھنجي غيرت بہ جوش ۾ اچي ويندي. پر قوم جو حال ڪونھي.
تازو منھنجي شاعري جي ڪتاب ” ڌرتي جا گيت “ تي بندش پئجي وئي، تنھن جو تہ ڏک ڪونھي، پر قوم جنھن بي رُخي جو اظھار ڪيو سا ڳالھہ گهائي وئي. مارن منجهہ مياس، مئس نہ ماڙئين. بس اها ئي مصيبت آهي. وري بہ سنڌ لاءِ هانءُ ٿو سڙي، جوجڪيون جاڳن ٿيون. آخر تہ ماءُ آهي. ان جا سور سھي ڪين ٿا سگهجن.
سنڌي ادبي بورڊ مون تي دريا خان ڪنڊڙيءَ واري جو ڪلام گڏ ڪرڻ جو ڪم رکيو آهي. درگاھہ وارن سان ڳالھيون هلن پيون، جيڪڏهن توکي بہ ان باري ۾ ڪا سُڌ هجي تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ هٿ ڪري موڪلجان. مون کي ان جو ڪلام ۽ حياتي جو احوال گهربل آهي. تون پنھنجي ڪتاب بابت ٿوري گهڻي سڃاڻپ لک تہ مان دل جان سان اُنتي ٻہ ڇا ٻاويھہ اکر لکندس. گلشن پبليڪيشن وارن کي سلام ڏئي چئجان تہ وقت اچڻ تي اوهان جي لاءِ ضرور لکندس. خدا ڪري خوش هجين.
چڱو موڪلاڻي ڪانھي.
تنھنجو
نياز همايوني حيدرآباد سنڌ
49
ماهنامہ شريعت سکر
گلشن عيدگاھہ،
پوسٽ باڪس نمبر 71، سکر سنڌ
26 رمضان المبارڪ 14 ھہ
اسلام عليڪم! گذارش تہ اوهان جو نوازش نامو ۽ مضمون مليو وڏي مھرباني.
دادا صاحب! سنڌي زبان ۾ رسالو سو بہ مذهبي، ڪا آسان ڳالھہ ڪونھي، پنھنجا نہ خريد ڪن ۽ نہ اشتھار ڏين. پراون وٽ اشتھارن لاءِ وڃي پاڻ کي گهڻو هيٺ جهڪو ڪري وڃي ڪا معمولي ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي. ست سال جنھن ڏکيائين سان گذاريا اٿئون، ان جي ڄاڻ ٻي ڪنھن کي شايد نہ هجي. الحاج مير صبح صادق خان کي جس هجي، جنھن جي تعاون سان ايترو پنڌ ڪري سگهيا آهيون. هاڻي ٿڪاوٽ هلڻ نہ ٿي ڏئي، وڌيڪ خدا پاڪ جي هٿ ۾ هر شيءَ آهي.
سنڌ جي مدارس دين جي فاضلن جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. انھن جي قدرداني نہ ٿي آهي. تاريخ جا ورق اٿلائيندي صرف مدرسن جي فاضلن جا جوهر نظر ايندا. هر ميدان ۾ انھن جون محنتون اعلى ۽ اتم آهن. پنھنجي بزرگن، مجاهدن ۽ عالمن جي ارواح طيبہ جي تسڪين ۽ پنھنجي سعادتمندي حاصل ڪرڻ لاءِ خاص انھن هستين جي سنواح حيات تي مشتمل نمبر شايع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ۾ عدم تعاون جي شڪايت باقي آهي ۽ بزرگن عالمن جي مقالن بابت ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڌري. انھي ڪم ۾ بہ اسان کي وڏي تڪليف ٿيندي، پر اسان پر عزم آهيون ۽ وري ميدان ۾ لٿا آهيون.
اٻاوڙي جي عالمن ۽ بزرگن تي ماستر حافظ اسماعيل ( ڏهرڪي ) مواد گڏ ڪيو آهي. ڪجهہ ڏنو اٿائين ۽ ڪجهہ جي دلداري ڏني اٿائين.
اوهان فرمايو تہ علمي ۽ ادبي خط لکو.
ادا آءُ نہ اديب آهيان ۽ نہ ڪو وڏو عالم. خط اهو عمدو جنھن مان ضمير جو آواز پڌرو ٿئي ۽ پڙهندڙ تائين خيال رسائي.
والسلام
اوهان جو
عبدالوهاب چاچڙ