مختلف موضوع

پنھنجن جا پيغام (خط)

خطن جي هن مجموعي ۾ سنڌ جي برک اديب، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌي ڏانھن ٽيھن سالن دوران لکيل مختلف اديبن جا خط شامل آهن، جن ۾ هر قسم جي موضوعن يعني ادبي، سماجي ۽ ڪجهہ ذاتي نوعيت جا خط بہ شامل آهن. خطن جي هن مجموعي مان اسان کي ليکڪ جي واسطن ۽ رابطن سان گڏ ان جي زندگيءَ جي تلخ تجربن، جدوجھد، خوشين ۽ غمن جي جهلڪ پڻ نظر اچي ٿي تہ ان ليکڪ ڪيئن پنهنجي مقصد کي قائم ۽ دائم رکيو.

  • 4.5/5.0
  • 6
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • دادا سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Panhenjan Ja Paigham

1984

67

ڪراچي
تاريخ : 1984ع – 2 – 5

ڀاءُ دادا سنڌي
اوهان جو عنايت نامو مليو. لک لائق وڏا وڙ. اوهان سنڌي محققن جي عدم موجودگي جو احسان ڏياري، جنھن ڳڻتي جو اظھار ڪيو آهي، اهو حقيقت تي مبني آهي. ان ڪري اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. مون کي احساس آهي ۽ آئون اعتراف ڪريان ٿو تہ اوهان مرحوم شيدائي جون سڪون لاهڻ شروع ڪيون آهن. اوهان جا تاريخي مضمون محنت ۽ محبت جو نتيجو آهن. ان لاءِ اوهان کي مبارڪ ڏيان ٿو.
اوهان وارو مضمون ڪريم بخش خالد صاحب کي پھچايو آهي. اوهان دلجاءِ ڪيو. ڌڻي ڀلي ڪندو. باقي ڏوڪڙ اڃا ڪنھن کي ڪونہ مليا آهن. جڏهن ٻين کي مليا تہ اوهان کي ضرور ملندا.
ڊاڪٽر زرداري اڄ ڪلھہ ڪوٽڙي گورنمينٽ ڪاليج ۾ آهي. ڏانهس ان پتي تي خط لکو.
مھرباني ڪري خط لکي احوال ڏيندا ڪيو. منھنجي دوستن جو ڪھڙو حال آهي.

اوهانجو
در محمد پٺاڻ
104 – اي – بلاڪ نمبر 2 – پي اي سي ايڇ ڪراچي. 29


68

حيدرآباد
1984ع – 2 – 11

محترم سائين!
دادا سنڌي صاحب، ماھہ جولاءِ 84 جو مني آرڊر موڪلجي ٿو. رسيد ارسال فرمائي ٿورائتو ڪندا.
اصل رقم 150 روپيا

عابد لغاري
ايڊيٽر نئين زندگي حيدرآباد

69

سنڌ رائيٽرس گلڊ
پوسٽ باڪس نمبر 384 حيدرآباد ( سنڌ )
تاريخ : 1984ع –3 – 06

ادا سائين
ڪتاب مليو، مھرباني. جيئن کوليم تہ شجاع واري مضمون تي نظر پئي، رت جوش کاڌو، جيڪڏهن اهو تاثر هر پڙهندڙ کي مليو تہ اوهان لک کٽيو.
مھرباني ڪري ايم اي کھڙي جو ڪتاب ” سانگس آف سنڌ “ مرڻاس کان وٺي مون ڏي وي پي ڪري موڪليندا جو هتي ڪونہ ٿو ملي.

اوهان جو
نياز همايوني

70

حيدرآباد
1984ع – 3 – 19

پيارا دادا! سلام، تنھنجو ڪارڊ پھتو. اهي تنھنجا ٿورا آهن. جو تون مون کي ياد ڪندو رهندو آهين نہ تہ يار! اسان تہ پنھنجو پاڻ کان بہ ورسيل آهيون. ڏيئي ڏنڀ ڏڏن مون اسٽالن تي ضرور ڏٺو هيو، محبت وارين نظرن سان پر ورتو نہ اٿم. ڇو تہ منھنجو ڪتاب بہ ٻاهر آيو تہ آخري ڏينھن هئا ۽ کيسو خالي هو. ڇپرايو تہ يارن هو، پر آخر ۾ ڪتاب جي جلدي ڪڍڻ لاءِ مون کي پئسا سنگت ساٿ کان وٺي ڏيڻا پيا.
ها تنھنجي پئسن بابت مان خود فڪرمند آهيان. هاڻي جيئن پئسا ملندا ويندا. ائين اوهان جي خدمت ۾ ارسال ڪبا رهبا. مون پھرين ماڊرن وارن کي لکيو هو تہ انھن کي ڪاپيون موڪليان تہ هو پئسا اوهان کي ڏين. پر وري ڪتاب جي ٽن شھرن لاءِ ايجنسي هڪ دوست ورتي، ماٿيلو بہ ان ۾ شامل هو. ان ڪري مان روبرو موڪلڻ کان قاصر رهيس. مون هنن کي لکيو تہ جيڪي ڪاپيون هو موڪلي، انھن کان پوءِ وڌيڪ جن ڪاپين جي ضرورت پوندي. اهي مان کين موڪلي ڏيندس. بھرحال ڳالھہ جي تھہ تائين وڃبو تہ جيئن ئي پئسا ملندا تہ پھريان اوهان ۽ اوهان جي ڪتابن جي ضرورت هئي ۽ آهي، مان ڇپرايان يا مرڻاس يا ڪو ٻيو. مان فرق نہ سمجهندو آهيان. جيئن اچي پوءِ ڪنھن جي طرفان بہ. ٻارڙا جيڪڏهن دل جي خلوص مان اهو ڪتاب ڇپرائين تہ ڏاڍو سُٺو. هونئن بہ اڄڪلھہ جا ٻارڙا، اسان کان چڱو ڪم ڪري سگهن ٿا. ڇو تہ نئون رت آهن، پاڻ تہ پوڙها ٿيندا پيا وڃون. اوهان جي اصرار تي ٻہ ٽي هيٺيون تعارف جون سٽون پيو موڪليان. اميد تہ قبول پونديون. اها اسان جي مٺڙي سنڌ جي شاندار ماضي جي تاريخ، جيڪا اسان جي محبتن ۽ محنتن جي منتظر آهي. ان تي صدين جي لَٽ چڙهي پئي آهي ۽ ان جا هزارين اهڙا پھلو آهن. جن تي محنت جي ضرورت آهي. اها محنت اسان کي ئي ڪرڻي آهي، پر سنڌ جي ليکڪن جو ان طرف ڌيان نہ ڏسي اکيون رت ٿينديون آهن. ۽ جڏهن سنڌ جي مٽي ۾ مدفون تاريخ کي روشن ۽ اجاگر ڪرڻ وارن ۾ پيارو دادا سنڌي بہ جستجو ڪندي ڏسندو آهيان تہ خوشي ۽ فخر واري گاڏڙ جذبن سان ڪنڌ مٿي ٿيڻ سان گڏ يقين ٿي ويندو اٿم تہ اڃا اسان زندھہ رهي سگهون ٿا.
هونئن بہ ضرورت ان ڳالھہ جي آهي تہ اسان سمورا گڏجي سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ۽ محنت ڪري، ان جي سمورن پھلوئن تي لکون. اهو ڪم ونڊي ورهائي کڻڻ گهرجي. اهو اسان سمورن جو فرض آهي. جيڪڏهن اسان فرض شناس نہ ٿيا سين تہ اسان کي نہ رڳو مادر سنڌ آڏو شرمندو ٿيئڻو پوندو. پر دادا سنڌي آڏو بہ پڻ.
دادا جي هن ڪتاب مان اسان کي نہ رڳو سنڌ جي تاريخ مان، پر دادا سنڌي مان بہ سبق وٺڻ گهرجي.

اوهان جو ناز سنائي

71

لاڙڪاڻو سنڌ
1984ع – 3 – 22

عزيزي دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!
اوهان جو ڪتاب پھتو ۽ خط بہ موصول ٿيو. يادگيري لاءِ وڏي مھرباني. اوهان ڏاڍي محنت سان تاريخي مضمون لکيا آهن. اميد آهي تہ آئيندہ اڃان وڌيڪ تحقيقي ڪم ڪري سگهندا.
اوهان جنھن مضمون لاءِ لکيو آهي، اهو ڀلي صاف ڪري لکي ” مھراڻ “ ڏانھن موڪلي ڏيو. اوهان سُٺو لکو ٿا. اڳ بہ اوهان جا اهڙا مضمون شايع ٿيا آهن. انشاءَ ﷲ هي مضمون بہ مھراڻ ۾ شايع ٿي ويندو. ساڻن منھنجي ملاقات ٿي تہ مان بہ کين چئي ڇڏيندس. بھرحال اوهان مضمون سڌو انھن ڏانھن موڪلي ڏيو.
ڪجهہ مصروفيتن جي ڪري، ڪجهہ طبيعت جي ناچاقيءَ جي ڪري جواب لکڻ ۾ دير ٿي آهي، ان لاءِ معاف ڪندا. اميد تہ هر طرح خيريت سان هوندا. دوستن کي سلام چوندا. وڌيڪ خير. والسلام

اوهان جو
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

72

غفور آباد
ميمڻ ( لاهوري ) محله لاڙڪاڻو
1984ع – 3 – 26

سدا خوش هجين شال.
محترم جناب دادا سنڌي صاحب
اسلام عليڪم!

ڪالھہ عزيزم ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب وٽ، توهان جو ڪتاب ” ڏيئي ڏنڀ ڏڏن “ ڏٺم. ڏاڍو وڻيو.
لاڙڪاڻي ۾ ڪتاب جي تلاش ڪيم، مگر ڪونہ مليو. خير، ڪڏهن نہ ڪڏهن ضرور ملي ويندو.
سنڌي زبان ۾ ھہڙا تاريخي ڪتاب قسمت سان ڇپبا آهن. توهان جا مضمون اڪثر پڙهندو آهيان. ڊاڪٽر صاحب پڻ توهان جو ذڪر ڪندو آهي. توهان جي ايڊريس بہ کائنس ملي.
ارادو اٿم تہ پنھنجو بہ هڪ ٻہ ڪتاب توهان ڏانھن موڪلي ڏيان. جواب ملڻ تي ضرور ائين ڪبو. اميد تہ خوش خورم هوندا. سلام ڊاڪٽر صاحب جا پڻ قبول ڪندا.

نياز مند
پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

73

غفور آباد
ميمڻ ( لاهوري ) محله لاڙڪاڻو
1984ع – 4 –6

زيد مجد ڪم
محترم جناب دادا سنڌي صاحب
السلام علڪم!

ڪالھہ ڪاليج کان واپسي تي توهان جي ڀائٽي، الطاف سومرو صاحب ٻہ خط ( هڪ ڊاڪٽر صاحب لاءِ ) ڏنا. خط ۾ توهان اُها ئي زبان ڪم آندي آهي، جيڪا اڳ ” سنڌ “ ۾ ڇپائي چڪا آهيو. اصلاح جو اهو نئون ۽ عجيب طريقو آهي. خير، هن موضوع بحث بي جاءِ ٿيندو.
توهان جو خط ڊاڪٽر صاحب کي ڏنم. وعدي موجب هيٺيان ڪتاب تحفي طور موڪليان ٿو.

1. شرح سر ڪلياڻ
2. مخدوم بلال باعباني رح
3. هوندا سي حيات
4. فقير عثمان سانگيءَ جو ڪلام

” ڀتر، ٺڪر، ڇاپرون، ڌوڻا ڌار سھن“ مصداق ليکڪ لاءِ اها ڪا نئين ڳالھہ نہ آهي، جنھن جو اظھار اوهان ڪيو آهي. شايد توهان جي لغت ۾ ” حُجت “ ۽ محبت هڪ ئي معنى رکن ٿا؟
” سنڌي انسائيڪلو پيڊيا “ ضرور ڏٺي هوندو. سندس پنجون پرچو پڌرو ٿيڻ وارو آهي، باقي ڪور رهيل اٿس. ڏيئي ڏنڀ ڏڏن جيڪڏهن تڪليف نہ سمجهيو تہ موڪلي ڏجو. اميد تہ خوش خورم هوندا.

اوهان جو
پروفيسر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
74

سن
1984ع – 05 – 28

پيارا ڀاءُ دادا سنڌي
سلام! اميد تہ خيريت سان هوندا.
اوهان طرفان، اوهان جو موڪليل ڪتاب ” ڏيئي ڏنڀ ڏڏن “ مون پڙهي مڪمل ڪيو. سڀ کان اول مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان پنھنجي دستخط سان مون ڏانھن پنھنجو ڪتاب موڪلي ڏنو، جيڪو ڪتاب مون فقير جي لئبريري جي زينت رهندو.
اوهان تہ سنڌ جي تاريخ تي ڪافي دسترس رکو ٿا.اسان اڃان تاريخ جا طالبعلم سڏائڻ ۾ بہ شرم ٿا محسوس ڪريون. هون بہ دادا اوهان کي معلوم آهي تہ اسان جي مظلوم وطن سنڌ جي تاريخ تي صدين جي لَٽ چڙهيل آهي ۽ ان تاريخ ۾ ڪيتريون گونا گون پيچيدگيون آهن. اڃان تاريخ جيڪا اڪثر اسان جي پنھنجي لکيل ناهي. جن اسان جي تاريخ لکي آهي، انھن مان اڪثر تاريخ لکندڙ، بادشاهن جي ڇانو ۾ گذاريو آهي ۽ انھن جي منشاءَ موجب ويھي لکيو آهي.
سنڌ جي اڪثر تاريخ جيڪا ان نموني لکي ويئي آهي. انھي حالتن ۾ ڪنھن پنھنجي ماڻھو جي تاريخ سان دلچسپي ۽ ان کي، ان جي ڇندڇاڻ ڪندي ڏسي من جا سمورا جذبا جاڳي پوندا آهن. اوهان جا تاريخي مضمون ڏاڍا دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن. حالانڪ تاريخ پڙهڻ وقت تاريخ سان ڄڻ اسين زيادتي ڪندا آهيون، جو ان مان صحيح نموني فيض نہ وٺندا آهيون. سچ پچ تہ اوهان جا تاريخي مضمون پڙهڻ وقت دلچسپي ڪٿي بہ ڪانہ ٿي کُٽي. جيتوڻيڪ مان اوهان سان ڪٿي ڪٿي ٻولي، پهاڪن ۽ لکڻ جي انداز سان اختلاف ڪري سگهان ٿو. پر تڏهن بہ اوهان جا مضمون، اتساھہ پيدا ڪندڙ آهن ۽ اوهان جي ان محنت کي داد ڏيڻ کان مان رهي نہ ٿو سگهان.
ادا اسان ماڻھو، سنڌي ماڻھو ڏاڍا مظلوم آهيون. صدين کان وٺي اسان ڄڻ خدا کان بہ لِڪي ساھہ کنيو آهي. اسان ماڻھن کي جنھن انداز ۾ چيڀاٽيو ۽ چيٿاڙيو ويو آهي جو اسان اڃا بہ جاءِ تي ناهيون. اسان سان هر طرح جون عقوبتون ۽ ظلم ٿيا آهن. جن جو خود اوهان جي مضمون ۾ جابجا ذڪر ملي ٿو.
اسان هن وقت جنھن ماحول ۾ رهون پيا ۽ جنھن نموني رهون پيا. ان کان هرڪو شعور وارو ماڻھو واقف آهي. ائين سمجهو تہ اسان سمورا ماڻھو هڪ اهڙي تختيدار کي بيٺل آهيون. جو اسان سمورا ختم ٿي سگهون ٿا. اسان جي قوم ڪشي جو جنھن جامع نموني پروگرام ٺاهيو ويو آهي. ان هاڻي ظاهر ٿيڻ ۾ شايد ڪو وقت نہ لڳي ۽ دنيا ڏسندي تہ هي اسان جا دين وارا ڀائر اسان سان ڪيڏا ويل ٿا وهائين.
هڪ طرف جڏهن اهي حالتون پنھنجون جو اسان ماڻھن جو ساھہ مُٺ ۾ آهي. دشمنن جو رائيفلون ۽ توبون اسان جي سينن ڏانھن تاڻيل آهن. ۽ ان چُر پرُ کي هرڪو ڏسي رهيو آهي. انھن حالتن ۾ سنڌ جي تاريخ لکندڙن کي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ مصروف ڏسندي سچ پڇين تہ اندر جا اڌما، چوٽ چڙهي ٿا وڃن ۽ اهو منظر يقين ٿو ڏياري سموري سنڌي قوم کي تہ اسان سان هر دور ۾ ويل وهيا آهن ۽ اسان هر دور ۾ وڏين مشڪلاتن ۾ رهي بہ پنھنجو قومي وجود برقرار رکيو آهي ۽ قوم ۾ اهڙو اتساھہ دور ۾ ڏيارڻ وڏو عمل آهي.
اسان سنڌي ماڻھو ۽ سنڌ وطن هڪ اهڙي ٻواٽي هن ويل اچي بيٺا آهيون، جتان هڪ واٽ زندگي ڏيندڙ آهي ۽ ٻي موت جي . موت ڏانھن اسان کي ڪو روڪيندڙ ڪونھي ۽ زندگي واري واٽ تي وڃڻ لاءِ سوين رڪاوٽون آهن. هاڻي ڏسڻو هي آهي تہ اسان ماڻھو ڪيڏانھن ٿا وڃون.
دادا! اسان جو نوجوان ليکڪ يا وڏو قلمڪار جيڪو بہ لکي ٿو. ان جي آڏو ٻہ شعر لکڻ، افسانو گهڙڻ يا ريڊين لاءِ ڪلام لکڻ کان سواءِ ٻيو ڪو مقصد آهي. هن دور ۾ اسان جو قلمڪار اهو ڪردار ادا ڪرڻ وساري ويٺو آهي. جيڪو هن کي ادا ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنھنجي تاريخ لکڻي آهي ۽ گهڻو ڪجهہ ڪرڻو آهي. هن قوم کي سنئين دڳ لڳائڻو آهي. قومي شعور پيدا ڪرڻ سان گڏ، ماڻھن کي پنھنجي ماضي کان واقف ڪرڻو آهي. مستقبل جي خطرن کان بہ آگاھہ ڪرڻو آهي. حال ۾ ڇا پيو ٿئي. ان کان بہ اکيون ٻوٽڻيون ناهن. پر اسان جو پڙهيل ڳڙهيل شعور وارو ليکڪ بہ ان ڏس ۾ ڪجهہ نہ ٿو ڪري. جيڪا ڳالھہ رت ٿي روئاري.
جڏهن اهڙي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ڪو اديب، پنھنجي مظلوم وطن جي تاريخ سان محبت ڪندي ٿو ڏسان. ڪو قلمڪار پنھنجي ڏتڙيل قوم سان پيار ڪندي ٿو ڏسان تہ ان جا هٿ چمڻ لاءِ اندر ۾ آس پيدا ٿيندي آهي. تنھنجو سمورو ڪتاب دل جي جنھن قرب ۽ محبت سان لکيل آهي. پر ڪجهہ ننڍين وڏين ڳالھين کان بہ توکي آگاھہ ڪندس.
اوهان مھاڳ ۾ لکيو آهي: دنيا جي غنيم، ظالم ۽ جابر حاڪم حق ۽ ناحق تي سنڌ تي پئي ڪاهيو آهي ۽ هر جائز ۽ ناجائز طريقي سان سنڌ کي ڦري ۽ لُٽي تباھہ ڪيو آهي.
پيارا، ڪھڙي حاڪم سنڌ کي حق تي لُٽيو آهي؟ ۽ ڦرجڻ ۽ لٽجڻ ۾ بہ ڪو جائز طريقو ٿيندو آهي ڇا؟ جو اوهان چئو تہ فلاڻي حاڪم اسان کي حق تي ۽ جائز طريقن سان لٽيو ۽ ڦريو ۽ فلاڻي حاڪم ناجائز طريقن سان، ناحق اسان کي ڦريو؟
صفحي نمبر 7 تي اوهان لکيو آهي ” اهڙن مينھن وساڙن ۽ وطن جي ويرين...
سڄڻ سنڌ ۾ مينھن وساڙن کي خراب نہ سمجهيو ويندو آهي. اسان جا ماروئڙا ماڻھو جڏهن مينھن پٽن تي مينھن وساڙن کي ڏسندا آهن تہ سرها ٿيندا آهن ۽ اهو سٺو سوڻ سمجهندا آهن. ڪيترا ماڻھو، مايون، ٻارڙا مينھن وساڙن کي کڻي انھن سان رهاڻيو ن ڪندا آهن. انھن کي ظالمن سان تشبيھہ ڏيڻ سٺو ڪونہ ٿو لڳي.
هڪڙو اوهان پهاڪو ڏنو آهي تہ ” بابرڪت پير پَٺو، هڪڙو مئو ٻيو ٽَٽو “. اهو آخري لفظ غلط آهي. پهاڪو آهي ” بابرڪت پير پٺو، هڪڙو مئو ٻيو ٽٺو“ . اوهان مھرباني ڪري انھي پهاڪي تي نظر وجهو. ٻن ٽن جاين تي ڇپيل ان پهاڪي ۾ اها غلطي دهرائي وئي آهي ۽ هڪ ٻي خاص ڳالھہ تہ مان تنھنجي هن انداز سان مان متفق نہ آهيان.
1. سڪندر هوشيار جرنيل، قابل حڪمران ۽ اعلى منظم هو. ( ص – 15 )
2. نادر پنھنجي حڪمت عملي ۽ بھادرانہ صلاحيت سان، نادر رڳو سپاهيو نہ هو، رڳو وحشي ڪٽڪ جو اڳواڻ نہ هو پر تلوار بازي ۾ بہ زبردست مھارت رکڻ سان گڏ، رياستي معاملن ۾ پرڏيھي ڳالھين کي مات ڏيڻ ۾ بہ خاص ماهر هو. ( ص – 124 )
3. مدد خان واري مضمون ۾ لکيل آهي : ” پر سائين اڳيان بہ تہ افغاني سردار هو. گهاٽ گهاٽ جو پيتو هئائين. سُڪ تي مٿو هن بہ ڪونہ آندو هو. ملڪ ڦريائين، سياڻو ۽ زمان گشت ماڻھو هو. ( ص – 145 )
4. شاھہ شجاع واري مضمون ۾ ” درازان ۾ اچي ترسيو، سندس حالت رحم جوڳي هئي . ( ص – 176 )
دادا! مون مٿي جيڪي چار حوالا ڏنا آهن. اهي اهي نہ آئڙيا ۽ نہ وڙيا. انھن ظالمن لاءِ اهڙيون ڳالھيون تہ ٻين تاريخن ۾، ٻيلي سندس پگهار تي پلجندڙ تاريخ نويس لکيون آهن ۽ پڻ موجود آهن. ۽ مان پنھنجن جي لکيل تاريخ ۾ بہ اهڙين ڳالھين جي موجودگي محسوس نہ ٿو ڪريان. شاھہ شجاع سنڌ کي بيدردي سان لٽي ۽ تباھہ ڪري، بستيون ڀڙڀانگ ڪري ۽ اسان ان لاءِ چئون تہ ان جي حالت رحم جوڳي هئي. سڪندر اسان جون وستيون ئي ويران ڪري ڇڏي ۽ اسان چئون تہ هو هوشيار جرنيل ۽ قابل حڪمران هئڻ سان گڏ اعلى منظم هو. نادر اسان جي ڌرتي کي پنھنجي گهوڙن جي سنبن سان ڇيھون ڇيھون ڪري ڇڏي ۽ اسان ان لاءِ چئون تہ هو بھادرانہ صلاحيتن جو مالڪ هو. رياستي معاملن ۾سمورن کي مات ڏيندو هو. مدد خان اسان جي نياڻين جون عصمتون لُٽي، انھن کي بي آبرو ڪري ڇڏي ۽ اسان ان لاءِ لکون تہ سياڻو ۽ زمان گشت ماڻھو هو. سُڪ تي مٿو ڪونہ آندو هئائين.
ٻي ڳالھہ تہ اوهان عظيم ڌاڙيل، عظيم لٽيرو ۽ عظيم ڦورو اکر استعال ڪيا آهن. ڌاڙيل عظيم نہ هوندا آهن. اوهان جو مطلب وڏو آهي تہ اهو لفظ وڏو ئي ٺيڪ آهي. عظيم لفظ ڌاڙيل، لٽيري ۽ ڦورو لاءِ استعمال نہ ٿيندو آهي.
ادا منھنجا! مان تاريخ بابت ايتري ڄاڻ ڪونہ ٿو رکان. پر ان سان محبت ضرور اٿم ۽ هر تاريخ ان محبت واري جذبي تحت پڙهندو آهيان. توکي عرض آهي تہ اڃا بہ هن مظلوم سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ محنت ڪر. اسان کي ان جي ضرورت آهي. منھنجي خط ۾ جيڪڏهن ڪا غلط ڳالھہ هجي تہ آگاھہ ضرور ڪجو.

مھرباني

تنھنجو پنھنجو
ناز سنائي

75

سنڌ نيشنل اڪيڊمي
پوسٽ باڪس 258 حيدرآباد ( پاڪستان )
تاريخ : 8 آگسٽ 1984ع

برادر محترم
اسلام عليڪم!
خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.
اوهان جو تفصيلي خط مليو. ڪتاب تي اوهان جيڪو تبصرو ڪيو آهي. ان لاءِ مان اوهان جو نھايت ئي ٿورائتو آهيان. ايڏو جامع تبصرو هن کان اڳ ڪنھن بہ دوست ڪونہ ڪيو آهي. ان لاءِ مان اوهان جو نھايت ئي ٿورائتو آهيان.
اوهان جيڪي نڪتا لکيا آهن. مان انھن سان گهڻي ڀاڱي متفق آهيان. واقعي زيادتيون ٿيون آهن ۽ حد کان وڌيڪ ٿيون آهن. مان ڪوشش ڪريان ٻيو تہ هي ڪتاب اردو ۾ بہ شايع ٿئي. اردو ۾ ترجمو تہ ڪري ڇڏيو آهي. بس اشاعت جو مرحلو آهي.
اوهان راقم جي باري ۾ جن خيالن جو اظھار ڪيو آهي. ان مون کي سخت شرمندو ڪري ڇڏيو آهي. منھنجي علمي ۽ تجزياتي حيثيت اڃا ٻاراڻي آهي. بھرحال اهو اوهان جو حسن ظن آهي جو اوهان راقم جي محنت کي پسند ڪيو آهي.
اهو معلوم ڪري بيحد خوشي ٿي تہ اوهان هندو مسلم تعلقات جي موضوع تي يارن سان ملندڙ جلندڙ موضوع تي ڪم ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا. اصل ۾ اهو پيو نظر اچي تہ ڀارت سنڌين جي پنجاب سان ڪشيدگي جو فائدو وٺي سنڌ کي پنھنجو غلام بنائڻ چاهي پيو. بدقسمتي سان سنڌ جو نوجوان ذهن ڀارت جي سازش کي چڱي طرح سمجهڻ کان قاصر آهي. ان ڪري ضرورت آهي تہ ان پھلو کي وڌيڪ اجاگر ڪجي.
اسان کي مھاجرن ۽ پنجابين کان ڪيتريون ئي شڪايتون آهن. پر وري بہ ديني ۽ نظرياتي لحاظ کان هو اسان جا ڀائر آهن. جڏهن تہ ڀارت يا هندن سان اسان جو اهو رشتو ناهي. ٻيو نڪتو هي بہ آهي. جنھن کي اسان کي نظرانداز نہ ڪرڻ گهرجي تہ اختلافات ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ٿيندا آهن. انھن اختلافات کي دشمن کي شڪل ڏيئي ڪري وڏي دشمن کي فائدو وٺڻ جو موقعو نہ ڏيڻ گهرجي.
اوهان نئين زندگي کي موڪليل پنھنجن مضمونن بابت لکيو آهي. مان انشاءَﷲ مھيني اڌ جي اندر عابد صاحب کان معلوم ڪري اوهان کي خط ذريعي مطلع ڪندس. اوهان جي ڪتاب تي مان هڪ نظر وڌي آهي. اوهان نھايت وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. اڄ ڪلھہ اسان جي نوجوانن کان اهڙي محنت ڪانہ ٿي پڄي. ان محنت تي مان اوهان کي داد ڏيان ٿو. ڪتاب تي تبصري لاءِ اڃان وقت نہ ڪڍي سگهيون آهيان. معلوم ناهي جو تبصري ۾ ڏاڍو سست آهيان.
خدا ڪري اوهان ڏي خير هجي.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

76

سنڌ نيشنل اڪيڊمي
پوسٽ باڪس 258 حيدرآباد ( پاڪستان )
تاريخ : 10 نومبر 1984ع

برادر محترم
اسلام عليڪم!
اوهان جو عنايت نامو مليو.
(1 ) اوهان خط ۾ راقم جي تحرير جي باري ۾ جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن ۽ خوبين جا ڪي پھلو پيش ڪيا آهن. مان نہ ٿو سمجهان تہ منھنجي تحرير ۾ واقعي اهي خوبيون آهن. جي خوبيون آهن ۽ دوستن کي نظر اچن ٿيون تہ اهو سڀ ﷲ تعالى جو عطيو آهي. ورنہ عملي طور منھنجي حيثيت نھايت پست آهي.
(2 ) عابد صاحب کي مان چيو هيم. اوهان جي هن خط کان پوءِ وري چوندو مانس ۽ مضمون بابت چوانس ٿو. بلڪہ ڪوشش ڪندس تہ مان پنھنجي سامھون معاوضي جا ڪاغذ تيار ڪرايان. انشاءَ ﷲ اوهان جا ٻيا مضمون بہ اچي ويندا.
( 3 ) مان اوهان جو ڪتاب پڙهيو هيم. مجموعي طور تي اوهان کي اوهان جي محنت پسند آئي ۽ اوهان جي تحقيق ۽ لکڻ جو انداز مروج سنڌي انداز کان مٿاهون آهي. منھنجو اوهان جي ڪتاب تي تبصري ڪرڻ جو پورو ارادو هو، پر برادرم ڪمن جو ايڏو هجوم آهي. جو وقت نہ ملي سگهيو. جنھن لاءِ مان اوهان جي سامھون شرمندو پڻ آهيان.
( 4 ) راقم جو مرتب ڪيل تنقيدون ۽ تجويزون شايع ٿي ويون آهن. اوهان ۽ اوهان جي دوستن جي مطالعي لاءِ ڪتاب موڪلي رهيو آهيان. ڪتاب مولانا خير محمد نظاماڻي صاحب جن جي 1935 ع کان 1970 ع جي مضمونن جي مجموعي تي مشتمل آهي. نھايت ئي قيمتي ۽ معلوماتي مضمون آهن.
اهو معلوم ڪري نھايت ئي خوشي ٿي تہ اوهان راقم جا ڪتاب ٻين دوستن کي بہ پڙهايون ٿا. برادرم نظرياتي، علمي ۽ ديني ڪتابن جي اشاعت جو منھنجو منصوبو آهي. هينئر ٻئي ڪتاب زير اشاعت آهن. پرڏيھي سامراج ۽ اسلامي دنيا شايع ٿي چڪو آهي. ان جون بہ ڪجهہ ڪاپيون اوهان ڏانھن ٻن ٽن ڏينھن ۾ موڪلي ڇڏيندس. اهڙي ريت ٻيا ڪتاب تيار ٿي رهيا آهن.
اوهان کي جيڪڏهن وقت هجي ۽ هن نيڪ ڪم ۾ راقم سان تعاون ڪيو تہ آخرت ۾ اوهان کي نھايت ئي وڏو اجر ملندو. ڪم ترجمي جو آهي. اردو ۾ ڪجهہ ڪتاب آهن، جن جي سنڌي ۾ ترجمي جي سخت ضرورت آهي. هڪ ڪتاب مارڪسزم تي آهي. جنھن ۾ مارڪسزم جو خالص، علمي، عقلي ۽ سائينٽيفڪ انداز سان جائزو ورتو ويو آهي ۽ علمي، عقلي لحاظ سان هن نظريي جا اهڙا ڪمزور پھلو ٻڌايا ويا آهن. جيڪي سنڌي نوجوانن کان پوشيده آهن. مان چاهيان ٿو تہ ڏيڍ سئو صفحن جي هن ڪتاب جو جلد ئي ترجمو ٿي ملي تہ هي شايع ڪرائجي. ( جي اوهان کي آساني سان وقت ملي سگهي ٿو ).
اڄلڪلھہ سنڌي نوجوان تيزي سان مذهب کان دور ٿيندا پيا وڃن ۽ ڪميونسٽ نظريي جو شڪار ٿيندا پيا وڃن. منھنجي ڪوشش آهي تہ هي ڪتاب ٻٽن هزارن جي تعداد ۾ ڇپائي تقسيم ڪجي.
اوهان نجم عباسي جي فحش تحريرن بابت لکيو آهي. نجم جا اهي افسانا مان ڪجهہ وقت اڳ پڙهيا هئا. ﷲ تعالى هنن ماڻھن کي شرم ۽ حياءَ جا پردا ئي کسي ڇڏيا آهن. مسلمانن جي معاشري ۾ فحاشي ڦيهلائڻ وڏي ۾ وڏو جرم آهي. ڪاش ڪي سنڌي اديب ميدان ۾ اچن. جيڪي اهڙي قسم جي تحريرن جا جواب ڏين ۽انھن ماڻھن کي بي نقاب ڪن.
خدا ڪري اوهان خيريت سان هجو.

والسلام
اوهان جو
محمد موسى ڀٽو

77

ڪراچي
1984ع – 10 ¬– 07

قابل احترام
ڀاءُ دادا سنڌي
اوهان جو عنايت نامو مليو.. لک لائق ۽ وڏا وڙ. هن کان اڳ اوهان جو مضمون برابر مليو هيم ۽ مون اهو ڪريم بخش خالد جي حوالي بہ ڪيو هو. ان جو هن صاحب ڪھڙو حشر ڪيو؟ اهو معلومات وري اوهان ڏانھن ڏياري موڪليندس. جيڪڏهن انھيءَ مضمون جي ڪا اضافي ڪاپي اوهان وٽ رکيل آهي تہ پوءِ اها ماهوار الصادق مظهر العلوم کڏو جي پتي تي بہ موڪلي ڇڏيندا.
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي جا اوهان بہ ميمبر ٿي سگهو ٿا. ليڪن هاڻي هي سوسائٽي ايتري فعال نہ رهي آهي. جڏهن کان سوسائٽي ٺھي آهي، تڏهن کان رڳو ٻہ دفعا گڏجاڻيون ٿي سگهيون آهن. ان ڪري منھنجو مشورو هي آهي تہ اوهان پنھنجي ذات ۾ بہ انجمن آهيو ۽ ان انجمن کي آباد رکو. پوءِ بہ جيڪڏهن اوهان کي شوق آهي تہ ڀاءُ مرڻاس کي چئو. هو اوهان کي ڊاڪٽر حميده کھڙو صاحبہ کان انھي جماعت جو منشور ۽ ٻي معلومات ( ڇپيل صور ۾ ) وٺي موڪليندو.
اوهان اڄڪلھہ ڇا پيا ڪريو؟ ڪھڙي موضوع تي ڪم ڪري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن اوهان ايم اي ڪئي آهي تہ ايم فل ڇو نہ ٿا ڪريو؟ انھي سلسلي ۾ ڪا معلومات يا مدد درڪار آهي تہ آئون حاضر آهيان.
دوستن کي سلام ۽ خاص ڪري وفا سنڌي کي.

اوهان جو
درمحمد پٺاڻ
10 اي، بلاڪ 2، پي اي سي ايڇ ايس ڪراچي