1980
8/9 رمپا پلاز ، ايم اي جناح روڊ ڪراچي
7 آڪٽوبر 1980ع
محترم سائين دادا سنڌي صاحب.
اميد تہ خيريت سان هوندا.توهان سڄڻن جو قرب نامو پتو. يادگيري لاءِ لک ٿورا.
هتي اچڻ کان پوءِ ڪجهہ مصروفيتون اهڙيون ٿي ويون آهن، جو شاعري بہ وسري وئي آهي. هتي جي ماحول ۾ سکر جي ماحول ۾ ڪافي فرق آهي. اُتي واندڪائي گهڻي هوندي هئي، ۽ هتي وقت جي پٺيان پيا ڊوڙون، تنھن کان سواءِ ڪراچي جي مسئلن کان توهان واقف آهيو، انھن سان بہ مُنھن ڏيڻو ٿو پوي. ان ڪري دوستن سان خط وڪتاب جو رابطو اڳي جھڙو نہ رهيو آهي. پر خط نہ لکڻ جو مطلب اهو ناهي تہ دوست وسري ويا آهن.
مون کي افسوس آهي جو توهان جو مسودو ڪافي ڏينھن کان مون وٽ پيو هو ۽ آهي، پر ان جي ڇپائڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست نہ ڪري سگهيس. هڪ تہ منھنجا ٻارن لاءِ جيڪي ڪتاب ڇپيا هئا تن جي خرچ جي واپسي اهڙين قسطن ۾ ٿي جو، اڃان تائين بہ پيا قسطون پيو اڳاڙيان. هڪ مالي حالتون ۽ ٻيو وري عام حالتون، جن ۾ سنڌي ڪتاب ڇپائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي. بھرحال توهان جو مسودو مون وٽ هٿيڪو آهي. ويجهڙائي ۾ تہ ان جي ڇپجڻ جا امڪان گهٽ نظر پيا اچن. ٻيو تہ هتي اهڙي ڪي پبلشر بہ ڪينھن جن سان رابطو قائم ڪجي. جيڪڏهن مسودو اوهان کي گهرجي، تہ آءُ اوهان ڏانھن ڏياري موڪليان. پنھنجي سر ان جي ڇپائي لاءِ ڪوشش ڪندو رهندو. توهان انور هالائي ڏانھن يا ادبي بورڊ جي سيڪريٽري ڏانھن پڻ ان ڪتاب جي ڇپائڻ واسطي لکو.
شمشيرالحيدري کان توهان جي مضمون بابت پڇيم. کيس يادگيري ڪانہ ٿي پوي، ڇو تہ ان کي ڪافي عرصو گذري چڪو آهي. ٻيو تہ نئين زندگي جي آفيس، هتان کان حيدرآباد شفٽ ٿي وئي آهي. هينئر نئين زندگي جي آفيس حيدرآباد ۾ رهندي شايد.
ٻيون ڪھڙيو خبرون آهن. اوهان وٽ ادبي ڪچھريون ٿين پيون يا نہ.
اميد تہ سڀ دوست خيريت سان هوندا. عبدالرشيد انصاري ، الطاف ۽ ٻين ساٿين کي سلام.
توهان نوڪري جي باري ۾ لکيو آهي. ان لاءِ عرض آهي تہ توهان اخبارن ۾ باقائدي اشتھار ڏسندا ڪريو. سوشيالاجي جون ڪافي جايون اينديون رهنديون آهن. ڇو تہ سڀني پوسٽن جو اخبار ۾ اشتھار ايندو آهي.
وڌيڪ سک
فقط اوهان جو
ادل سومرو
51
سکر سنڌ
1980- 10 – 4
اسلام عليڪم!
اوهان جو خط پھتل آهي. يادگيري لاءِ مھرباني. آءُ امتحانن جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي کان ٻاهر هوس. ان کان پوءِ وري ميٽنگ جي سلسلي ۾ ڪجهہ ڏينھن حيدرآباد رهڻو پيو. انھيءَ ڪري جواب ۾ دير ٿي.
اوهان منھنجي مقالي متعلق جيڪي ڪجهہ لکيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ تحقيقي ڪم جو قدر ڪندڙ ڪي نوجوان موجود آهن. ورنہ عام طرح نوجوان ليکڪ تحقيق، محنت، کوجنا ۽ مطالعي جو قدر ڪونہ ٿا سڃاڻن. حقيقت اها آهي تہ هن مقالي ۾ منھنجي سالن جي محنت، جستجو ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي.
مولانا صاحب جي ڪلام جي ايڊيٽنگ مون شروع برابر ڪئي هئي، پر وچ تي ٻيا ڪم جو نڪري آيا تہ اهو ڪم انھن ئي ڏينھن ۾ اڌ ۾ رهجي ويو. ڪاغذن جي هينئر ڳولھا پئي ڪيم، پر اڌو گابرا لڌا آهن. انھن ۾ تذڪره شعراءِ سکر کان وڌيڪ معلومات ڪانھي. ڪيتري وقت کان اهو ماڻھو بہ ڪونہ ٿو اچي، جيڪو حضرت مولانا صاحب جو مريد هو ۽ منھنجي سھري وٽ ايندو هو. ان کان ئي معلومات حاصل ڪرڻ جو ارادو هو. منھنجو سھر و بہ حضرت مولانا صاحب وٽ ويندڙ هو. پر وڏي عمر جي ڪري ان جو بہ حافظو بہ ڪمزور ٿي ويو آهي. انھيءَ ڪري اوهان کي ڪابہ وڌيڪ معلومات ڏئي نہ ٿو سگهان. اوهان ان تر ۾ هٿ پير هڻو من ڪجهہ هٿ اچي وڃي.
آءُ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر ۾ پروفيسر آهيان. ڪڏهن سکر اچو تہ منھن ڏيکارجو. گهر اهو ئي آهي، جتي اڳ رهندو هوس.
اوهان جا مضامين پڙهندو آهيان، خوشي ٿيندي آهي تہ هڪ نوجوان دوست تحقيق ۽ تاريخ جي اڻانگن پيچرن تان پنڌ ڪري رهيو آهي، محنت ۽ مطالعو ڪندا رهندا، تہ گهڻو ڪجهہ ڪري سگهندا.
اميد تہ خيريت سان هوندا. وڌيڪ خير.
والسلام
اوهان جو
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
52
حيدرآباد
1980 – 8 – 31
ادا
شڪايت بجا آهي، پر منھنجي مصروفيتن جي اوهان کي ڄاڻ آهي. اوهان جا لک لائق جو اوهان مون کي ان لائق سمجهيو آهي، پر الاهي ڇو اوهان سنڌي رسم و روايت خلاف ڪتاب جي ڊمي ڏيکارڻ کان سواءِ مون کان تعارف گهريو آهي.
دراصل سنڌ جون تاريخي ڪھاڻيون جيڪي پنھنجي ليکي ڪھاڻيون گهٽ مگر سنڌ جي تاريخ جا اهم باب وڌيڪ آهن. سنڌ جي ٻارن لاءِ مشعل راھہ آهن. دادا سنڌي جي هي قابل تحسين آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن اهڙا ٻيا بہ ٻارن جا هڏ ڏوکي پيدا ٿي تہ هو سنڌ جي ٻارن لاءِ نون نون موضوعن تي گهڻو ڪجهہ لکي سگهن ٿا ۽ اهڙي طرح سنڌ جي ٻارن کي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ محرومي جو احساس نہ ٿيندو.
مٽي هاڻا ماڳ ، تتي چوران تڪتو
سنئون تن سڀاڳ، امل جن اوباهيو
( شاھہ رح )
اميد تہ هي ٻہ اکر ڀانءِ پوندا.
دعاگو
انور هالائي
ايڊيٽر ماهوار گل ڦل
سنڌي ادبي بورڊ ( حيدرآباد )