خزاني جا اديب
اهڙي طرح خزاني آفيس ۾ تاج بلوچ، آئون (اقبال بلوچ) ستار مگسي، انهن ملازمن ۾ شامل هئاسين جيڪي ليکڪ ۽ شاعر رهيا، تاج بلوچ هاڻ ڪراچي ۾ سوجهرو رسالو ڪڍي ٿو، رٽائر ٿيندي ويهه سال ٿي ويا اٿس، عبدالستار مگسي 1996ع ڌاري 42 سالن جي ڄمار ۾ اسان کان وڇڙي ويو ۽ آئون رٽائرمينٽ جي قريب، جي حياتي رهي ته 1 ڊسمبر 2016ع تي خيرن جو رٽائر ٿيندس.
منهنجا هيستائين ٻه ڪتاب، هڪ ڪهاڻين جو مجموعو“ سانول جا سور” ۽ هڪ شاعري جو مجموعو “اي منهنجي شهرجي مٽي” جي نالي سان ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن ۽ رٽائرمينٽ کان اڳ انشاءَ الله ٻيا ڪتاب به آڻڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهيان. انشاءَ الله خزاني آفيس جو هي ملازم چار پنج ڪتابن جو تخليقار به ٿي ويندو، ماڻهو مون کي هميشه اهو چوندا آهن ته خزاني آفيس جي خُشڪ ماحول ، اڪائونٽس واري پاسي جو هي سرڪاري ملازم، اديب ۽ شاعر ڪيئن ٿيو، آئون واقعي انهن جي ڳالهه مڃيندي پاڻ محسوس ڪندو آهيان ته ٽريزري جو ڪم انتهائي خشڪ آهي، انهيءَ آفيس جو ڪو ملازم اديب يا شاعر ٿئي ته وڏي تعجب خيز ڳالهه هجي ٿي، اتي تاج بلوچ، ستار مگسي ۽ منهنجو اديب هجڻ ۽ منهنجو انهن ماڻهن کي اهو ئي جواب هوندو آهي ته خُدا هر شيءَ جو تخليقڪار آهي، اسان جون تخليقون به خدا جي ڏنل نعمتن مان عظيم نعمتون آهن، جيڪو خُدائي تحفو آهي. هتي آئون محمد ملوڪ لنڊ (جيڪو هن وقت سانگهڙ ٽريزري آفيس ۾ آهي) کي به ڪڏهن ڪونه وساريندس، جيڪو بيشڪ حيدرآباد جي آفيس ۾ ڪونه رهيو آهي پر هو سنڌ جي عظيم ليکڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، هن جا لڳ ڀڳ ڇهه ست تاريخ جي موضوعن تي لکيل ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيل آهن، سندس هر ڪتاب پنج سئو صفحن کان وڌيڪ آهي. ٽريزري سان لاڳاپيل منهنجو دوست احسان راهوجو به سنڌ جي بهترين شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو پڻ هن وقت ٽنڊي محمد خان ٽريزري آفيس ۾ ملازم آهي ، سنڌ جو نوجوان ليکڪ ۽ شاعر اعظم ڀٽي به سٺن ليکڪن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، ٽنڊو محمد خان ۾ علمي ۽ ادبي سرگرمين کي اوج تي پهچائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار آهي ، جيڪو پڻ هن وقت ٽنڊي محمد خان ٽريزري آفيس ۾ آهي، اهڙي طرح سنڌ ۾ ٻيا به کوڙ سارا اديب ۽ شاعر خزاني آفيس ۾ هوندا، جن جي مون کي ڄاڻ نه آهي، يا انهن جا نالا ذهن ۾ نه پيا اچن.
تون تاريخ ۾ ڳولهيندين ته آئون ڪتاب ٿي ملندس،
جي خيالن ۾ ڳولهيندين ته آئون خواب ٿي ملندس،
اي استاد ! آئون حسن جو شهزادو ته نه آهيان،
پر تون گلن ۾ ڳولهيندين ته آئون گلاب ٿي ملندس.
(استاد بخاري)