ڪتاب ”سروس بخير“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اقبال بلوچ جي ٽريزري آفيس مان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي نوڪري بابت يادگيرين تي مشتمل آهي.
اقبال بلوچ جو ڪتاب “سروس بخير” اصل ۾ سندس زندگي جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ همت، محنت، مشقت، مسلسل جدوجهد، ثابت قدمي، بک ۽ ڏکن سان مقابلي جو داستان آهي... علم سان دوستي ۽ عزت سان جيئڻ جو سبق ۽ انسان دوستي جو درس ۽ روشن ضميري حق-سچ اخلاقي قدرن، ادب-احترام ۽ محبت جي ڪهاڻي آهي.
محمد منير لاشاري به اسان وٽ بدين ۾ جڏهن آئون هئس، اتي اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جي حيثيت ۾ آيو هو، منهنجي دوستي هن سان بدين ۾ ٿي، پوءِ هي بدلي ٿي مختلف ضلعن ۾ رهيو، پنهنجي رٽائرمينٽ جي آخري ڪجهه سالن ۾ هو حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ٽريزري آفيسر ٿي آيو. انتهائي اخلاق وارو هي آفيسر محمد منير لاشاري ڪڏهن ڪڏهن غير سنجيده به ٿي ويندو هو، جيئن ته آئون هن جو دوست به هيس ۽ ماتحت جي حيثيت ۾ رهيس ته منهنجو خيال به ڪندو هو پر اسٽاف وارا هن جي غير سنجيده رويي جون دانهون به ڪندا هئا، ڀوڳ ٺڪاءُ به ڪندو هو، اجائي لالچ نه هيس، دوست محمد لاشاري هن جو پيءُ جيڪو پڻ ٽريرزري آفيسر هو ۽ پاڻ به انهي حيثيت ۾ رهيو، پاڻ سٺن ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن جهڳڙا به ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن غير سنجيده ٿيندي هائيپر به ٿي پوندو هو، گهٽ وڌ به ڳالهائيندو هو پر وڏي خُوبي اها هيس جو جلدي محسوس ڪري وٺندو هو ته مون غير سنجيده رويو رکيو، پوءِ معافي وٺڻ ۾ به دير نه ڪندو هو، پر ڳالهه پهرين ڏينهن تي ختم ڪري ڇڏيندو هو، اڪائونٽ جو هوشيار هو ۽ ٽريزري جي گهڻن ذميوارين تي سٺي نموني ڪم ڪيائين، پاڻ پنج ڇهه سال اڳ شايد 2010ع ڌاري 60 سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو، اڃا حال حيات آهي، خدا تعاليَ کيس وڏي حياتي ڏي، پاڻ اصل دادو جو آهي، هن وقت قاسم آباد ۾ رهي ٿو.
جڏهن کان دُور ٿي وياسين،
سڄو ئي سُور ٿي وياسين،
بظاهر ته خوش ٿا ڏسجون،
اندران بس چُور ٿي وياسين.
(صنم نجيب)