عباس سارنگ جو ادبي ۽ فني سفر
هونئن ته منهنجا، هن شهر ۾ ڪافي بزرگ، سينئر اديب، شاعر، ۽ ادب دوست موجود هئا، جن مان ڪيترائي الله کي پيارا ٿي چڪاهئا. سنڌ جو عوامي، روماني ۽ انقلابي شاعر جناب عبدالڪريم گدائي، جنهن چيو هو ”لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي!“ سو، هاڻي هن شهر ۾ موجود ڪونه هو. ان کان علاوه ڪامريڊ برڪت علي آزاد، غالب لطيف، گوپال پروانو ۽ پنهنجو هم عمر ساٿي فتاح عابد، هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ موڪلائي هليا ويا هئا، پر سندن پيار ڀريون رهاڻيون ۽ يادون، اڃان به منهنجي دل تي نقش آهن! مان جڏهن جيڪب آباد موٽي آيو هوس ته ان وقت ادب جي حوالي سان، منهنجا هم عمر، اديب ۽ شاعر، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڃي بچيا هئا، جن مان، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، س.ب کوسو، سائين قطب الدين تاب نمايان هئا. باقي ادبي لڏي جا سڀ دوست، عمر جي لحاظ کان، مونکان گھڻو ننڍا هئا. هتي، مانواري اسحاق شيخ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي، جيڪو نه صرف ادب دوست هو پر سن 66-1965 دوران سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جو سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو آهي.
سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي هڪ خاص ”خوبي“ اها پئي رهي آهي ته حياتيءَ ۾ انهن کي پنهنجي جاءِ نصيب ڪانه ٿيندي آهي. ان جو مثال مان پنهنجي بزرگ شاعر عبدالڪريم گدائي کان شروع ڪندس، جنهن کي پنهنجي حياتيءَ ۾، مٿي ڍڪڻ لاءِ پنهنجي جاءِ نصيب ڪانه ٿي ۽ هو سدائين مسواڙي جاين تي گذارو ڪندو رهيو ۽ اهي جايون به کيس زمين جي هيٺين منزل تي نه، پر سدائين مٿين منزل تي ملنديون رهيون. ساڳئي حالت ڪامريڊ برڪت علي آزاد سان هئي. ڪامريڊ نه صرف هڪ سٺو ليکڪ ۽ مقرر هو، پر هن هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ پڻ پنهنجي وس آهر حصو ورتو هو ۽ آشرم ۾ مهاتما گانڌيءَ سان گڏجي ڪم ڪيو. سکر ۾ رهائش دوران هي هندوستان پڻ ويو جتي، ننڍي کنڊ جي آزادي واري تحريڪ ۾ حصي وٺڻ سبب هن کي ان وقت جي وزيراعظم اندرا گانڌي کيس خذمتن جي عيوض حڪومت جو اعليٰ ايوارڊ ڏنو.
منهنجي رٽائرمينٽ کان پوءِ، موسان به ساڳئي حالت لاڳو هئي، هتي مون کي پنهنجي جاءِ ڪانه هئي!انجو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جي سنڌي معاشري ۾ اڃان اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جو اهو قدر نه ٿيو آهي، جڪو قدر ترقي يافته ملڪن ۾ ٿيندو آهي. انهن ملڪن ۾ ته ملڪ جو صدر به هڪ نامور اديب ۽ شاعر سان گڏجي چانھ پيئڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ پنهنجي عزت سمجھندو آهي، پر اسان وٽ خبر ناهي اهو دور ڪڏهن اچي؟ شايد اچي به يا نه؟! سنڌ جا اديب بغير ڪنهن لالچ جي انيڪ مضمون لکي، سنڌي اخبارن جو پيٽ ڀريندا آهن ۽ انهن جي لکڻين سان، اخبارن جا مالڪ ڪروڙ پتي بڻجي ويندا آهن، پر ويچارا اديب، ڦاٽل چپلن سان، شهر جا روڊ رستا ماپيندا رهندا آهن! هڪ وڏي اخبار جي مالڪ جي ڪنڌ ۾ سدائين ڪلي لڳل هوندي آهي، جنهن ڪري هو هڪ مفلس اديب سان ملڻ ۾ پنهنجي گھٽتائي تصور ڪندو آهي. مون کي هڪ اخبار جي مالڪ ۽ هڪ ڊنگ وڏيري ۾ ڪو خاص فرق محسوس ڪونه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي طبقا، محنت ڪش طبقي جو استحصال ڪندا آهن. هڪ طبقو، اديبن ۽ لکارين جو استحصال ڪندو آهي۽ ٻيو غريب هارين ۽ محنت ڪشن جو!
جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته رٽائرمينٽ کانپوءِ مونکي به پنهنجي جاءِ ڪانه هئي، سو مسواڙي جاءِ جي تلاش ۾، مان شهر جي مشهور محلي فيملي لائين ۾ وڃي نڪتس ته هڪ ڳليءَ ۾، منهنجي سامهون ٻه نوجوان، موٽر سائيڪل تي سوار، منهنجي ڀر سان اچي لنگھيا. منهنجي ڀر سان موٽر سائيڪل بيهاريندي، پهرين نوجوان، مون ڏانهن ائين نهاريو، ڄڻ هو مونکان پڇي رهيو هجي،”ڇا توهان، هتان چندو وٺڻ آيا آهيو؟“ ان مان، مون اندازو لڳايو ته اهو همراھ ضرور صحافي هوندو! پوءِ ان نوجوان، وري، مون سان گڏ بيٺل جاءِ جي مالڪ کان پڇيو، (جيڪو مولائي ماڻهو پئي لڳو!) ”ڇا، تون، هن ماڻهوءَ کي جاءِ مسواڙ تي پيو ڏين؟“ ان تي، ان مولائي ماڻهو ”ها“ ڪئي. پوءِ مون ڏٺو ته ان نوجوان جو موڊ ڪجھ توازن ۾ نه رهيو! ۽ هن، هڪ کڙڪندڙ آواز ۾، ان مولائي کي چيو. ”يار، جڏهن به ڪنهن کي جاءِ ڏين ته اسان کان ته پڇندو ڪر؟!“ پوءِ مونکي بعد ۾ اها ڳالھ معلوم ٿي ۽ منهنجو اندازو بلڪل صحيح نڪتو، اهو همراھ واقعي صحافي هو! بعد ۾ ٻيو نوجوان، جيڪو موٽر سائيڪل جي پوئين سيٽ تي ويٺل هو، اهو لهي، مون ڏانهن وڌي آيو ۽ مونکان پڇيائين: ”سائين، اوهان غلام رسول ڪلهوڙو آهيو؟“ مون هاڪار ڪئي ته هن گرم جوشيءَ سان هٿ ملائيندي چيو:”سائين، مان عباس سارنگ آهيان مان اوهان جي لکڻين جو مداح آهيان!“
جيڪب آباد جھڙي شهر ۾ جتي ماڻهو لکڻين کان علاوه هر شيءِ جا مداح هوندا آهن، اتي هي نوجوان منهنجي لکڻين جو مداح هجي، ان تي مونکي هن تي رشڪ ٿي آيو ۽ پاڻ تي حيرانگي!
اڄ ان واقعي کي ذري گھٽ ڏھ سال گذري چڪا آهن ۽ هاڻي مان ، وڏي اعتماد سان چئي سگھان ٿو ته مان پڻ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مداح آهيان! اها منهنجي زيادتي چئجي، جو مون سارنگ جا اڳ به ڇپيل ڪهاڻي ڪتاب ”پکي اڏاڻا پيار جا“ ۽ ”مقدس مٽي“ تفصيل سان نه پڙهي سگھيو آهيان، پر هي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪپيل نڪ“ جو تفصيلي مطالعو ڪيو اٿم. مونکي خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي ته سارنگ اهڙيون خوبصورت ڪهاڻيون به لکي سگھي ٿو. هنجون ڪي مختصر ترين ڪهاڻيون ايتريون ته جاندار آهن جو ذهن کي لوڏيو ڇڏين! سارنگ جي هڪ مختصر ترين ڪهاڻي آهي، ”پينون“ ان ڪهاڻيءَ ۾ هن ڇا ته، هڪ پينون فقير ۽ مرشد سائين جي ڀيٽ ڪئي آهي! هڪ فقير، جيڪو پنهنجي پيٽ جي باھ وسائڻ خاطر، سڌن سادن لفظن ۾ هڪ دوڪاندار جي اڳيان صدا هڻي ٿو:
”بابا! الله سڻائي ڪندو فقير کي ڪجھ ڏيو!“–
ان سان، دوڪاندار جو مرشد، جيڪو اڳ ۾ دوڪان تي ويٺل آهي ۽ دوڪاندار لاءِ دعا گھرڻ بعد ان ڏانهن معاوضي طلب نگاهن سان ڏسي ٿو، هن جڏهن فقير کي ڏٺو ته کيس ڇڙٻ ڏيندي چوي ٿو:
”هل ڙي هتان، آيو آهي پنڻ، پينون، پينونءَ جا پٽ!“
ان کان علاوه هن مجموعي ۾ ٻيون به خوبصورت ڪهاڻيون موجود آهن، جنجو ذڪر مان اڳتي هلي ڪندس.
ڪو دور هو جڏهن ڪهاڻي کي، افساني، جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اردوءَ ۾ ته ڪهاڻيءَ کي اڄ به افسانو چون. هنکان اڳ سنڌي زبان ۾ به ڪهاڻيءَ کي افسانو ڪوٺيو ويندو هو، پر منهنجي خيال ۾ ”افساني“ جي بجاءِ ڪهاڻي بهترين لفظ آهي، ڇو ته ڪهاڻيءَ ۾، افسانوي واقعن سان گڏ، زندگيءَ جي حقيقتن کي پڻ بيان ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ڪهاڻي چند ساعتن يا چند گھڙين تي به منحصر ٿي سگھي ٿي، جيئن هن ئي مجموعي ۾، مون ڪهاڻي ”پينون“ جو ذڪر ڪيو آهي.------
اها هڪ حقيقت آهي ته تخليقي ادب ۾، جيڪو پارٽ ڪهاڻي ادا ڪيو آهي، انساني ڏکن ۽ سکن جو ۽ حقيقتن جو ، جيترو بيان/اظهار ڪهاڻين ۾ آيو آهي، اهڙو حصو شايد ادب جي ڪنهن ٻي شعبي ۾ آيو ئي نه هجي! اهو ئي سبب آهي جو هن دور ۾، تخليقي ادب ۾، ڪهاڻي سڀ کان وڌيڪ لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي. هر ڪهاڻيڪار پنهنجي طور طريقي ۽ اسٽائيل سان لکي ٿو. هن دور ۾ ڪهاڻيون نه صرف روايتي انداز ۾ لکيون وڃن ٿيون پر هينئر ڪهاڻين لکڻ جا ٻيا به ڪافي انداز پيدا ٿي پيا آهن. روايتي ڪهاڻين ۾ ته هڪ طئي ٿيل طريقو يا انداز هوندو هو مثال طور، ڪهاڻيءَ جو پلاٽ، اڳواٽ ذهن ۾ رکيو ويندو هو. ڪهاڻي جي شروعات، وچ ۽ آخر ۾ ڪلائميڪس يا پڄاڻي. اهي ڪهاڻيون، گھڻو ڪري بيانيه انداز ۾ لکيون وينديون هيون، پر هينئر ائين ڪونه ٿو ٿئي! جيئن مون اڳ ۾ چيو آهي ته ڪهاڻي لکڻ جا ڪافي انداز ۽ طور طريقا ٿين. هاڻي پلاٽ ليس (بغير پلاٽ جي) ڪهاڻيون به لکجن پيون، ڊائيلاگ فارم يعني گفتگو واري انداز ۾ به ڪهاڻيون لکجن پيون، ان کان علاوه، مونو لاگ، جنهن ۾ ڪهاڻيڪار هڪ فرد کي پيش ڪندو آهي ۽ اهو فرد ئي اول کان آخر تائين، پاڻ سان ڳالهائيندو رهندو آهي يا ائين کڻي چئجي ته پنهنجي داخلي اڌمن جو اظهار ڪندو آهي. هينئر ”آڪ“ ڪهاڻيون لکجن پيون جيڪي گھڻو ڪري، ڪهاڻيءَ جي آخري حصي کان شروغ ٿين ٿيون يا ائين کڻي چئجي ته آڪ ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن به رٿيل طور طريقي جي پابندي ڪانه هوندي آهي، پر ان ڪهاڻيءَ ۾ ايتري جان ضرور هجي، جو پڙهندڙ، ان کي پسند ڪري.
هڪ ٻي ڳالھ، جا، مان ڪهاڻيءَ جي حوالي سان چوڻ چاهيندس، اها، هي ته ڪهاڻي گھڻو ڪري، ان دور ۾ لکي ويندي آهي، جڏهن انساني جذبا جوان هوندا آهن، زندگي ۾ رنگيني جو عنصر ڪجھ سرس هوندو آهي ۽ اهي ڪيفيتون يا ته شاعري لاءِ اتساھ ڏيارينديون آهن يا ڪهاڻي لاءِ، پوءِ جڏهن انسان، جوانيءَ جون حدون ٽپي، عمر جي ٻي دور ۾ داخل ٿئي ٿو، جنهن کي اسين، پوڙهائپ به چئي سگھون ٿا. ان دور ۾ انساني مزاج بدليو وڃي ۽ هن ۾ انهن جذبن جي اڻاٺ پيدا ٿيو وڃي، جيڪي جذبا، جوانيءَ واري دور ۾ ان سان لاڳو هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو پنهنجي وقت جي وڏن وڏن ڪهاڻيڪارن ۽ اديبن، گھڻو ڪري ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي ڏنيون اهن ۽ هينئر هو مضمون ۽ مقالا لکن ٿا. انهن اديبن ۽ ڪهاڻيڪارن ۾ مانوارو امرجليل، مشتاق شورو، شوڪت شورو، غلام نبي مغل ۽ مانواري مهتاب محبوب ۽ ٻيا ڪيترا ئي ڪهاڻيڪار شامل آهن، جن هينئر ڪهاڻيون لکڻ تقريبن ڇڏي ڏنيون آهن، اهو بلڪل ائين آهي، جيئن فلمن جا وڏا اداڪار، پهريائين فلمن ۾ هيرو جو پارٽ ادا ڪندا آهن، پر عمر رسيده ٿيڻ کان پوءِ، هو ڪيريڪٽر ايڪٽر بڻجي ويندا آهن! (اهو منهنجو ذاتي رايو آهي)
جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هن مجموعي ۾ عباس سارنگ جون، ڪيتريون ئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي اسان جي بي رحم معاشري کي وائکو ڪن ٿيون، پر ان سان گڏ، اهو به واضع ٿئي ٿو ته انساني ذهن، شيطان کان ڪيترو نه اڳتي وڌي ويو آهي! هن نالي چڙهيل، مهذب دور ۾، انسان ذات جي ڪيتري نه تذليل ٿئي ٿي، اهڙا واقعا اسان پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڏسي ۽ پسي سگھون ٿا، پر اسان اکيون ٻوٽي، انهن واقعن کي نظرانداز ڪري، اڳتي وڌي ويندا آهيون! هڪ مجبور انسان، پنهنجو کاڌو، گند جي ڍير تان تلاش ڪري ٿو، پر گند جي ڍير ۾ به کاڌي جو فقدان پيدا ٿي ويو آهي! ڪهاڻي ”ڪپيل نڪ“ ۾ ڪهاڻيڪار اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن دور جا بي رحم انسان ڪيئن نه انساني عضون جو واپار ڪن ٿا، انسان جي دل، بڪيون، اکيون، ڪهڙيون شيون آهن جنجو وڪرو نٿو ٿئي؟ ايتري تائين جو انساني نڪ به وڪرو ٿين ٿا! ٻين لفظن ۾ شايد ڪهاڻيڪار اهو چوڻ چاهي ٿو ته هن دور جي انسانن کي پنهنجا ”نڪ“ ٿين ئي ڪونه! تنهنڪري انهن مان بري ڀلي جي تميز نڪري ويئي آهي ۽ هو سدائين پيٽ جي پوڄا ۾ مصروف هوندا آهن ۽ پيٽ وري نڪ کان هيٺ ٿيندو آهي! مجموعي جي هي ڪهاڻي، جيڪا سارنگ جي علامتي انداز ۾ لکي آهي سڀ کان اثرائتي ڪهاڻي آهي.
”مورتي منهنجي، ڪنهنجو خدا“ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ مجسمه ساز جي بيوسي کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو پنهنجي بيمار ڌيءَ جي علاج لاءِ سارو ڏينهن لڳائي، محنت سان هڪ مورتي(مجسمو) تيار ڪري ٿو، پوءِ جڏهن هو، اها مورتي هو سيٺ ڏانهن کڻي وڃي ٿو ته سيٺ کي گراهڪ طرفان، ان مورتيءَ جي هڪ معقول رقم ملي ٿي، پر سيٺ مجسمه ساز کي سندس محنت جو معاوضو ڏيڻ بجاءِ، ائين ئي کيس ٽرکائيندي چوي ٿو ته هو اڳ ئي هن جو گھڻو قرض کڻي چڪو آهي، تنهنڪري پهريائين اهو قرض ڇڏائي ته پوءِ هن کي باقي معاوضو ملندو ۽ پوءِ جڏهن مجسمه ساز، بخيل سيٺ مان نا اميد ٿي، گهر واپس ٿئي ٿو ته سندس نياڻي، هن جهان کي ڇڏي وڃي ٿي!
هن مجموعي جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”درياھ شاھ“ سنڌ جي ڪرنگھي جي حيثيت رکندڙ، سنڌو درياھ سان تعلق رکي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيڪار سنڌوءَ جي اوج ۽ زوال جي ڪيفيت بيان ڪئي آهي، جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ دردناڪ آهي ۽ ساڳي وقت اها ڪهاڻيڪار طرفان، سنڌي قوم کي هڪ خبرداريءَ جو سڏ پڻ آهي ته جيڪڏهن هو هاڻي به سجاھ نه ٿيا ته اڳتي هلي ڇا ٿيڻو آهي! ڪهاڻيڪار جو اهو سڏ (واڪو) ڪهاڻيءَ جي هيٺين جملن مان ظاهر ٿئي ٿو.
”بابا! توهان پنهنجي بابا سائين سان، درياھ شاھ تي ايندا هئا ته درياھ شاھ، مست ٿي وهندو هو اڄ مان توهان سان گڏ آيو آهيان ته درياھ شاھ ۾ واري پئي اڏامي......ڀلا بابا! مونکي اهو ٻڌايو ته جڏهن مان، پنهنجي پٽ سان، درياھ شاھ تي ايندم ته ڇا درياھ شاھ هوندو؟!“
اهڙي طرح، هن مجموعي ۾ ٻيون به ڪافي ڪهاڻيون آهن، جن تي گھڻو ڪجھ ڳالهائي سگھجي ٿو، جيئن ”ٽوڙي بند ٽٽي پيو“، ”فرشتو“ وغيره.
غرض ته عباس سارنگ، ڪهاڻيءَ جي فن ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري پيو. مون کي اهڙي پڪ آهي ته اڳتي هلي هن جو شمار سنڌ جي ناميارن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿيندو.
غلام رسول ڪلهوڙو
جيڪب آباد