نيٺ ٽوڙي بند ٽٽي پيو!
ورهيه ٿيا هئا جو هي ٻئي زال مڙس اولاد جي نعمت لاءِ واجھائي رهيا هئا, هنن ٻنهي اولاد جي حاصلات لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هو. اها ته ڳالھ ڪو بي اولاد ي ئي سمجھي ٿي سگھيو. جتي به ٿي کين ڪو ڊاڪٽر، ڪو حڪيم ٿي سُجھيو ان تائين رسائي ٿي ڪيائون. پر هر ڀيري نا اميدي نصيب پلئه پوندي هئن.
”خادم! مونکي لڳي ٿو تون مان ائين سکڻا ئي مري کپي وينداسين مان ته هاڻي صفا نا اميديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهيان...... ڪيڏا حيلا هلايا آهن پر ڪو به وارو ڪونه وريو آهي.... منهنجي هڪ صلاح ضرور اٿي ته تون ٻئي شادي ڪر، مر متان ڪو سلو ڦٽي پئي ۽ اسان جي اڱڻ خوشيون موجون هڻن.......!!“
خادم جيڪو پنهنجي زال زينب سان بيحد محبت ڪندو ئي هو پر محبت سان گڏ عزت به...... ويٺو هو پنهنجي خيالن ۾ ۽ پچايائين پئي ڪي پور...... پنهنجي جوءِ جو اهڙو جو ڪلمو ٻڌائين ته هيڪر ذهن تي ڪاوڙ تري آيس جيڪا سندس نرڙ تي جابجا بَکي رهي هئي. جوڻس زينب کيس گھور ڪري منهن تي نظر جو وڌي ته وري چوڻ لڳي.
”خادم! الله سون مان دل سان ٿي چوانءِ، ڇا اسان کي ٻچڙي جي ضرورت نه آهي اهڙي سڪ جو سوداءُ تنهنجو ماءُ پيءُ به اندر ۾ سانڍي راھ رباني وٺي ويا...... ڇا اسان ٻئي به ائين نپٽا مري وڃون؟ تنهنجي پيڙهي تنهنجي وئي کان پوءِ ختم ٿي وڃي..... اهو ڪو چڱو چئبو ڇا.......؟؟“
خادم ڪجھ ڪڇيو ڪين پر جوءِ جي پوئين ڳالھ ڪجھ مٿس اثر ضرور ڪيو هو. خادم پنهنجي جوءِ کي ڪابه ورندي ڪانه ڏني، پر اندر ۾ دونهي دکڻ ضرور شروع ٿي هئس. خادم زينب تي پهاڄ آڻڻ نٿي گھريو زينب تي پهاڄ آڻڻ تي بار بار ٿي سوچيائين، جيڪو ڪنهن به ريت کيس سٺو نٿي لڳو..... هيڏانهن سندس زال زينب هئي ته هوڏانهن پنهنجي پيڙهي کي زندھ رکڻ لاءِ هن کي اُلڪو به ضرور هو. هي انهيءَ ٻه واٽي تي بيٺو هو. پر هڪ ٻئي ڀيري جو زينب اهڙي ڳالھ ساڻس ڪئي ته کيس خادم به چئي ڏنو.
”ٻڌ زينب! مون کي ٻچڙو تومان کپي مان ٻئي شادي نه ڪندم.......“
”پر خادم! منهنجي ڳالھ ته ٻڌ.....!“
”بس مون کي جيڪو چوڻو هو توکي چئي ڇڏيم...... مان ٻني تي هلان ٿو.....“
ايترو چئي خادم ڪوڏر کڻي ٻني تي هليو ويو، هونئن ته خادم طبعيت ۾ ايتري ڪاوڙ ڪڏهن به ڪونه ڏيکاري هئس پر زينب جي ٻئي شادي جي ضد کيس ڄڻ ته پنهنجو فيصلو ٻڌائڻ تي مجبور ڪيو هو. خادم جي جملي زينب کي به سمجھائي ڇڏيو هو ته خادم مرندي مري ويندو پر ٻئي شادي اصل نه ڪندو. بس پوءِ زينب به پنهنجي زبان تي ماٺ ئي اختيار ڪئي. اهڙي طرح وقت گذرندو رهيو وري زينب ٻئي شادي جي ڳالھ پنهنجي زبان تي اصل نه آندي متان خادم ناراض نه ٿي وڃي.
ڪجھ ورهين کان پوءِ هنن جي ڳوٺ جي اسپتال ۾ هڪ نئون ڊاڪٽر بدلي ٿي آيو جنهن سان ملي خادم اولاد نه ٿيڻ جو ذڪر ڪيو. جنهن تي ڊاڪٽر ٻنهي زال مڙس جون ڪجھ ضروري ٽيسٽون ڪرايون ۽ علاج شروع ڪيو ۽ اهڙي طرح سندن مراد پوري ٿي. نئون ڊاڪٽر سندن لاءِ فرشتو ثابت ٿيو هو ۽ کين گلن جھڙو ننڍڙو ڄائو. سندن خوشي جي انتها نه هئي. ايترن ورهين کان سڪي سڪي جو ننڍڙو ڄائو هئن خوشيءَ مان ننڍڙي تي پيو پيار ايندو هئن. ننڍڙي تي ڪجھ ته ڇا پر ڪک به نه سهندا هئا. خادم ننڍڙي جو نالو دريا خان رکيو هو.
ڪافي سالن کان سموري سنڌ ۾ پاڻي جي بيحد کوٽ هئي. دريا بادشاھ ۾ رڳو واري اڏامي رهي هئي. ساڃاھ وند ماڻهن ڪيترائي احتجاج ڪيا پر وريو ڪجھ ڪين. سنڌ جي ماڻهن چاهيو ته دريا بادشاھ پنهنجي پراڻي اوج ۾ وهندو رهي پر سندن اها خواهش صرف خواهش ئي رهي. پر موٽ ۾ کين ٿوري ٿڪي ملندڙ پاڻي کي روڪڻ جا به ڪيترا ئي هيلا هلايا ويا ته پاڻي سمنڊ ۾ ضايع پيو ٿي، ان کي ڪنهن به طرح ضايع ٿيڻ نه ڏجي ڪو وڏو ڊيم ٺاهجي. سنڌ واسي جن جو پنهنجي سنڌو دريا ۾ ساھ آهي، جيڪي سنڌو دريا بادشاھ جا صدين کان حقيقي وارث آهن، انهن هر هر اهڙي عمل کي پئي رد ڪيو. اهڙن احتجاجن ۾ خادم پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳين صف ۾ شامل هو، ڇو ته پاڻي نه هجڻ ڪري سموري سنڌ جي زمينن سان گڏ سندن سموري ڳوٺ جون زمينون به متاثر ٿي رهيون هيون.
”خادم! توهان جي هٽتاڙن (هڙتالن) سان ڪجھ ورندو به يا گرمي ۾ پگھر وهائي ٿا موٽي اچو.....“
سندس جوڻس زينب احتجاج تان موٽندڙ خادم کان پڇيو.
”ٻڌ زينب! ڇو ڪجھ ڪونه ورندو مٿي پاڻي روڪيو ويٺا آهن، اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي..... پڇڙي وارن جو ته حق وڌيڪ هوندو آهي.... ڏسجانءِ هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ڏينهن اسان جو سنڌو دريا بادشاھ ساڳئي طرح وهندو ۽ ان ڏينهن توکي مان پلو کارائيندم......!“
”اڙي ها جائي دريا خان جا پيءُ! ورهيه ٿيا آهن ته پلو ڪونه کاڌو آهي...... تنهنجي صرف ڳالھ ڪرڻ سان وات ۾ پلي جو ساڳيو سواد اچي ويوآهي........“
ٻئي زال مڙس هڪٻئي کي ڏسي ٿڌو ساھ ڀرين ٿا ۽ آس ڪن ٿا ته شل سنڌو پنهنجي موج ۽ مستي ۾ وري وهي پئي ته وارا نيارا ٿي وڃن.
سنڌو دريا کي بچائڻ لاءِ ان جو هڪ ڏيهن ملهائڻ لاءِ ۽ ان جي باري ۾ دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ ڳوٺ ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، ان ۾ خادم وارن سان گڏ ڳوٺ جي ڪافي ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ هڪ ساڃاھ وند ڳالهائيندي چيو.
”جيئن ته ساٿيو! سنڌي ماڻهو جيڪي موهن دڙي جي شاهوڪار تهذيب جا وارث آهن، جيڪي پنهنجي هڪ ڌار سيبتي طبعيت رکن ٿا، جن پنهنجي پنج هزار سال پراڻي تهذيب کي سانڍي رکيو آهي. اهي سنڌو دريا بادشاھ جي موجن لاءِ ڪجھ به ڪري ٿا سگھن. اسان اخلاقي طور دنيا کي آگاھ ڪرڻ لاءِ سنڌو دريا بادشاھ جو ڏينهن ملهائڻ جو سوچيو آهي، جيئن دنيا کي ٻڌائي سگھجي ته اسان جي سنڌو دريا کي هٿ سان سنگھر وجهي جڪڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا فطرت جي به خلاف آهي. دريا بادشاھ جو مخصوص پاڻي سمنڊ ۾ نه ڇڏيو ويو ته ان جا هاڃيڪار نتيجا نڪري سگھن ٿا ۽ نڪري به رهيا آهن. ان جو وڏي ۾ وڏو مثال اهو به ڏئي سگھجي ٿو ته سنڌ ڌرتي جو ڪافي زميني حصو سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. تنهڪري سنڌو دريا کي فطري طور تي قائم رکڻ ۾ ئي سڀني جو ڀلو آهي. باقي اها انهن ماڻهن جي ڀُل آهي ته اسان ان کي ڊيمن ذريعي روڪي ڪم آڻينداسي، پر ان سان توهان سموري قدرتي سونهن کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو. دنيا ۾ ڊيمن کي رد ڪيو ويو آهي جيڪي ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. سو اچو ته پنهنجي دريا بادشاھ جي فطري وهڪري لاءِ گڏ ٿيون ۽ ان جي بچاءَ لاءِ، ان جي واري هاڻي پيٽ ۾ گل هاري سڌريل قوم هجڻ جو ثبوت ڏيون ۽ انهن ماڻهن کي ٻڌايون ته اسان ڪڏهن به دريا بادشاھ کي روڪڻ نه ڏينداسون“
ان گڏجاڻي ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي ڀرپور شرڪت جو يقين ڏياريو ۽ سڀني کي لڳو ته هاڻي سنڌو دريا پنهنجي ساڳئي موج مستي ۾ ضرور ايندو.
”دريا خان جا پيءُ! اڄ خير ته هو ڇا تي توهان مڙد گڏ ٿيا هئا..... چون ٿا ته ٻئي شهر جا مڙسالون (ماڻهو) به آيا ها.“
زينب خادم کان گھر اچڻ تي پڇيو، خادم کٽ تي ويهندي زينب کي ٻڌايو ته:
”ها آيا هئا، پاڻ ۾ صلاح مصلحت پئي ڪئي سي ته دريا بادشاھ ۾ پاڻي اچڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ڪجي......“
”پوءِ ڇا ڪندئو.....؟“
”اسان سنڌو دريا بادشاھ جي پيٽ ۾ وڃي اتي دنيا کي اهو ٻڌائينداسي ته دريا بادشاھ کي هٿ سان وهڻ نٿو ڏنو وڃي جيڪا سڌي سنئين نا انصافي آهي.....“
آخر سنڌو دريا ۾ پاڻي وهڻ لاءِ جاڳرتا جو هڪ ڏينهن ملهائڻ لاءِ سمورا ڌرتي ڌڻي هر ڪوئي پنهنجي تر ۾ سنڌو دريا جي واري هاڻي پيٽ ۾ لهي پيو. دريا بادشاھ کي گلن جي ورکا ڏيڻ سان گڏ دعائون به گھريون ويون ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته جي فطرت کي بچائڻو آهي ته سنڌو دريا کي وهائيندا رهو ان تي ڪو به ڊيم نه ٻڌو. هر ماڻهو جي هٿ ۾ گل هئا جيڪي سنڌو جي نظر ڪيا پئي ويا مڙد عورتون ته ڇا پر ننڍڙا ٻار به اڳ ۾ هئا. خادم پنهنجي زال زينب ۽ ننڍڙي دريا خان کي به دريا بادشاھ تي وٺي آيو هو، جنهن پنهنجي پتڪڙن هٿن سان دريا بادشاھ جي نظر، گلن جون پتڙيون ڪيون. اهو ڏسي خادم جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ۽ پوءِ هر اک آلي هئي. سڀني اهو پئي چاهيو ته دريا بادشاھ پنهنجي موج مستي ۾ اچي وري وهي ۽ سندس ٻئي ڪنارا سيراب ٿين ۽ سندس ماڻهن جي منهن تي خوشي موٽي اچي، جيڪي سالن کان پاڻي لاءِ اُڪير ڪيو ويٺا آهن.
هن ڀيري الائي به ڇو سڀني جي دل ٻولي ويٺي هئي ته دريا بادشاھ ۾ موج مستي ضرور ايندي، پوءِ هر ڪنهن ڏٺو ته دريا بادشاھ واقعي به پنهنجي پراڻي موج مستي ۾ اچي ويو ۽ هر اک اهو منظر ڏسڻ لاءِ دريا بادشاھ تي آيل آهي. ان وقت جي ڪنهن به اک ۾ پاڻي هو ته اهو رڳو خوشي جو پاڻي هو. ڪنهن کي به يقين نٿي آيو ته ايترو پاڻي ايندو. هن ڀيري لڳي ٿو ته پاڻي گھٽ هجڻ ڪري ڪا به وارا بندي نه ٿيندي. هر سانگي جي مک تي مرڪ هئي. هر ڪنهن هاري هر سنڀاريو ۽ فصل لاءِ زمينن کي ٺاهڻ لڳو. خادم به پنهنجي راهڪي واري زمين کي ٺاهڻ ۾ لڳو پيو هو. زينب، دريا خان کي ساڻ ڪري وٽس منجھند جي ماني کارائڻ لاءِ ٻني تي آئي. خادم زمين جي وچ ۾ بيٺو هر هلائي رهيو هو. زينب ٻني تي هڪ وڻ جي ڇانو ۾ دريا خان کي ويهاري ماني رکي خادم کي رڙ ڪيائين.
” او دريا خان جا پيءُ! اچ ماني کڻي آيا آهيون اچي کاءُ.......“
” آيو اجھو هي چڪر ڏئي وٺان.....“
دريا خان جيڪو پيءُ کي ڏسي رهيو هو. اهو اٿي پنهنجي پيءُ خادم ڏي ڀڄندو ويو.
”ابو مون کي هر ڏي ته مان هلايان.....!“
”اڙي نه بابا دريا خان! اڃان تون ننڍڙو آهين. ها تون وڏو ٿيءُ پوءِ هر هلائجانءِ تون نه هلائيندي ته ٻيو ڪير هلائيندو. ها تون اچ ڏاند تي چڙهي ويھ .....“
خادم ٻني کي چڪر ڏئي دريا خان سان گڏ ڏاندن کي وڻ سان ٻڌي پوءِ ٻئي زينب ڏي آيا ۽ گڏجي ماني کائڻ لڳا.
رات تي سڀ ڳوٺ وارا ڪٺا ٿيا ته اتي ڳوٺ جي ماستر محمد پريل ڳالھ ڪئي ته:
”ادا! دريا بادشاھ ۾ پاڻي جو اچڻ اسان سڀني لاءِ خوشي جي ڳالھ آهي پر هڪ ڳڻتي جي ڳالھ هي به آهي ته چون ٿا ڏينهون ڏينهن دريا بادشاھ ۾ پاڻي ۾ چاڙھ آهي سو ٻوڏ اچڻ جو خطرو ٿي پيو آهي.“
ماستر محمد پريل جي ڳالھ سڀني جي منهن تي فڪر مندي جون ريکائون آڻي ڇڏيون. خادم جو اهو ڏٺو ته چوڻ لڳو.
”خير آهي الله سائين سڻائي ڪندو اها ڳالھ، ڳالھ ئي رهجي ويندي.“
ماستر محمد پريل چيو ته:
”ادو خادم سهي ٿو چوي الله سائين خير ڪندو هونئن به اسان جي ڳوٺ ۾ ڪڏهن به ٻوڏ ٿورئي آئي آهي. انگريزن جي دور کان وٺي جيڪي به ٻوڏون آيو آهن ته به ضرورت پوڻ تي علي واهڻ بند کي ٽوڙي پاڻي کي اوڏانهن ڪڍيو ويندو آهي ڇو ته اوڏانهن ٿر آهي ان ڪري هميشه نقصان نه هجڻ برابر ٿيندو آهي.“
ڳوٺ جي پوڙهي ڪريم بخش به چيو ته:
”ماستر سهي ٿو چوي ڇهاتر واري ٻوڏ ڀيري ڀٽي صاحب علي واهڻ بند کي ٽوڙايو هو. منهنجو مرحيات پيءُ کيس الله سائين جنت نصيب ڪري، اهو به چوندو هو ته انگريزن جي دور ۾، ٻائيتاليهن ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. انهن مان انگريزن گھڻو ڪجھ سکيو هو ۽ اهي ئي چئي ويا آهن ته ڪڏهن به ٻوڏ اچي ته علي واهڻ بند کي ٽوڙڻ گھرجي ته گھٽ نقصان ٿيندو......“
بهرحال ماستر محمد پريل جي ٻوڏ واري ڳالھ ڳوٺاڻن کي پريشان ضرور ڪيو هو. اها ڳالھ ذهن ۾ رکي هرڪو پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن هليو ويو.
ڪجھ ڏينهن مس گذريا ته ٻوڏ واري ڳالھ ۾ ويتر واڌارو ٿيندو ويو ته دريا ۾ وڏو چاڙھ ايندو پيو وڃي. آخر اها خبر به اچي پهتي ته پنجاب ۾ ٻوڏ اچي وئي آهي، جيڪا ڪجھ ئي ڏينهن منجھ سنڌ ۾ داخل ٿي ويندي. ڳوٺ وارا الله سائين کي ٻاڏائڻ لڳا ته سائين پنهنجي امان ۾ رکجانءِ. زينب خادم کي چيو ته:
”دريا خان جا پيءُ! اها ٻوڏ اسان وٽ ته نه ايندي نه......؟!!!“
”نه......نه اسان وٽ اڳ ڪڏهن به نه آئي آهي. الله سائين مڙئي خير ئي ڪندو سموري سنڌ جو.... تون ڪو اُلڪو نه ڪر...... سڀ سڻائي ئي ٿيندي....“
رات جو سڀئي ڳوٺ وارا اوطاق تي گڏيا ته ماستر محمد پريل جيڪو ڪانڀ ڪڍيون ويٺو هو تنهن چيو ته:
”ادا! ٻڌڻ ۾ اهو ٿو اچي ته هن ڀيري وڏي ٻوڏ پئي اچي..... پختونخواھ ۽ پنجاب ۾ ڪافي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. ڏاڍو خطرو وڌي ويو آهي. خير اسان وٽ پاڻي صفا وڌي به ويو ته علي واهڻ بند کي ٽوڙي پاڻي کي اوڏانهن ڇڏيو ويندو۽ سمورن بندن جي نگراني هلي پئي. “
سڀئي ڳوٺاڻا ماستر محمد پريل کي خاموشي سان ٻڌي رهيا هئا. خادم چيو ته:
”ادا ماستر! اسان جي ڳوٺ کي ڪو خطرو ته نه آهي نه....؟“
”نه.... نه..... ٽوڙي بند ٽٽندو ئي نه ته پوءِ اسان کي ڇا جو خطرو آهي.... بس توهان سموري سنڌ لاءِ دعا ڪيو......!“
۽ صبح جو ڳوٺ ۾ اهو علان ٿيڻ لڳو ته:
”اهم علان جئين ته توهان سڀني کي خبر آهي ته ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو آهي تنهنڪري توهان سمورن ڳوٺ وارن کي صلاح ٿي ڏجي ته مهرباني ڪري وڏا، ننڍا، پوڙها ۽ عورتون پنهنجي ضروري سامان سان گڏ چوپايو مال ڪاهي محفوظ هنڌن ڏانهن هليا وڃو، وقت تمام گھٽ آهي سو جيترو جلدي ٿي سگھي نڪري وڃو. “
ڳوٺ وارن جو اهو اعلان ٻڌو ته حيران ۽ پريشان ٿي ويا. ڳوٺ جا سمورا ماڻهو اوطاق تي گڏ ٿي ويا.
” ادا ماستر! هاڻي ڇا ڪجي......!“
”ادا مان پنهنجي موبائل تي جاچ ڪيان ٿو توهان گھٻرايو نه منهنجو هڪڙو صحافي دوست آهي ان کان ٿو پڇان ته صحيح صورتحال ڇا آهي.“
ماستر محمد پريل پنهنجي دوست صحافي جو نمبر ملايو ۽ پاسو ڪري ان سان حال احوال ڪيو. سڀئي ڳوٺ وارا ماستر کي ڏسي رهيا هئا جيڪو صرف جي..... جي.... جي.... ڪري رهيو هو ۽ ماستر جي منهن تي هر لفظ کان پوءِ پريشاني صاف نظر اچي رهي هئي. ماستر جيئن ئي موبائل تي ڳالهائي بند ڪئي ته ماستر ڳوٺ وارن کي چيو ته:
”ادا! ڳوٺ خالي ڪيو ظالمن ٽوڙي بند کي هٿ سان ٽوڙي وڌو آهي ۽ پاڻي تيزي سان ڪاهيندو هيڏانهن پيو اچي پر هڪ دريا جي صورت ۾، سو وارو ڪيو نڪري پئو ۽ بچايو سر پنهنجا“
ماستر جو اهو چيو سڀئي ڳوٺاڻا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڀڄڻ لڳا ته خادم ڳالهايو.
”ادا! بيهو بيهو ادا پنهنجي ڳوٺ کي بچائڻ جو ڪو ته طريقو هوندو همت نه هاريو!“
وري ماستر محمد پريل کي چوڻ لڳو.
”ڪيئن ادا ماستر! تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
”ادا خادم! پاڻي تمام وڏو آهي جيڪو دريا جي صورت ۾ ڪاهيندو پيو اچي اسان ان کي ڪيئن روڪي سگھندا سي اهو ممڪن ئي نه آهي وارو ڪيو نڪرو.“
بس پوءِ هر ڪنهن پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن ڊوڙ ڀري پر خادم صفا اٻاڻڪو ٿي ويو ته هي ڇا ٿي ويو.
”ادا ماستر! هي ڇا ٿي ويو ائين ڇو ڪيائون ٽوڙي بند ڇو ٽوڙيائون اهو ته سڌو سنئون ظلم آهي.....!“
”ادا خادم! ڇا ڪجي جيئن سرڪار جي مرضي. ٻيلي وارو ڪر وڃي پنهنجا ٻار ۽ مال ڪڍ وقت نه وڃاءِ....“
سموري ڳوٺ ۾ افراتفري هئي هر ڪو ضروري سامان سان گڏ پاڻ ۽ پنهنجو مال ڪڍڻ ۾ لڳو پيو هو. ڪٿي بيل گاڏي، ڪٿي ٽريڪٽر ته ڪٿي موٽر سائيڪل تي پاڻ بچائڻ لاءِ ڳوٺ مان نڪري رهيا هئا مطلب ته هر پاسي وٺ وٺان لڳي پئي هئي.
خادم جيئن ئي گھر ۾ گھريو ته جوڻس پڇيو.
”دريا خان جا پيءُ! هي سڀ ڇا ٿي ويو. هاڻي ڇا ڪيون....؟“
”بس زينب! هٿ جي وڍي جو نه ويڄ نه طبيب!“
”ڇا مطلب...؟“
”اسان جي پاسي واري ٽوڙي بند کي ظالمن هٿ سان ٽوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي اسان جو ڳوٺ نه بچندو. دريا خان کي سنڀار ڪجھ ضروري سامان کڻ مان بيل گاڏي ڍڪائي ٿو وٺان هاڻ ٻئي ڪا به واھ نه آهي نڪرڻو ئي پوندو....“
ايترو چئي خادم بس ڪئي ته سندس اکيون روئڻ لڳيون...... ۽ وري چوڻ لڳو.
”زينب! هيترن سالن کان پوءِ پاڻي آيو ته خوشي ملي هئي پر هاڻي ته اباڻا ڪک به ڇڏڻا ٿا پون هاڻي ته هي ڳوٺ رهندو ئي نه، ادو ماستر چوي ٿو ته هن پاسي هڪ دريا ٿو اچي.....“
زينب به پنهنجن ڳوڙهن کي روڪي نه سگھي. ٻنهي کي روئيندو ڏسي دريا خان پڇيو.
”ابو! توهان ڇو ٿا روئو.....؟“
”ٻنهي کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ائين روئيندا ئي رهيا.......
”زينب! وارو ڪر وقت نه وڃاءِ..... هل ته نڪرون.....“
”پر ڪاڏي هلندين....؟“
”هتان ته نڪرون ڪنهن مٿانهين تي ٿا هلون ٻيا ڳوٺ وارا به نڪرن ٿا. مڙئي سڻائي ئي ٿيندي، مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو آهي.“
ائين پوءِ خادم ۽ زينب پنهنجي ننڍڙي دريا خان سان گڏ ٻين ڳوٺ وارن وانگر پنهنجي گھرڙي کي ڏسندا بيل گاڏي تي چڙهي نڪري پيا. هر طرف دل کي جهوٻو ڏيندڙ منظر هو خادم پنهنجي حياتي ۾ پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هو. هر طرف ماڻهو پريشان نظر ٿي آيا. سڀئي ڳوٺاڻا ائين بي گھر ٿيا هئا ڄڻ بي وطن ٿي ڪنهن ٻئي وطن ويندا هجن. سندن اکيون حيرت جون غفائون ٿي ڀاسيون. رستي ۾ هلندي اوچتو خبر پئي ته اڳيان رستي تي پاڻي اچي ويو آهي هتان موٽو ٻئي رستي سان هلو، هن پاسي پاڻي تيزي سان مٿي پيو چڙهي وري سڀني پنهنجو رخ ٻئي رستي ڏانهن مٽايو ۽ وري هلڻ شروع ڪيائون رستي ۾ خادم کي ماستر محمد پريل نظر اچي ويو.
”ادا ماستر! اچ منهنجي بيل گاڏي ۾ ويھ ....“
”نه ادا مان گھمندو هلان ٿو ائين سڀني جو واءِ سواءُ لهندو هلان پيو بس نڪرندا هلو ته ڪنهن مٿانهين هنڌ تي پڄون....“
وري ماستر رڙ ڪري ٻين کي به چيو.
”ادا! همت ڪيو جلد نڪرڻ جي ڪيو ڏسو نٿا پاڻي پهچي ويو آهي. هنن ظالمن اسان کي ته ٻڌايو ئي ان وقت آهي جڏهن ٻوڏ سر تي اچي ويئي آهي..... هلو ادا هلو..... ڪاهيندا هلو.....“
شام جي وقت هي سڀئي ڳوٺاڻا هڪ مٿانهين هنڌ تي پهتا، پر هنن جي پهچڻ کان ٿورو پوءِ ڳوٺاڻن ڏٺو ته پاڻي سندن ڳوٺ مٿان گذري رهيو هو. اهو ڏسي هر ڳوٺاڻي جي اک آلي هئي. هي سڀئي انهي ڳوٺ ۾ ڄاوا هئا سندن سڀ ڪجھ ڳوٺ ئي ته هو جيڪو هنن جي اکين آڏو ڌرتي تان ميسارجي رهيو هو. پاڻي گجگوڙ ڪندو تيزي سان وڌي ۽ هلي رهيو هو. اهو منظر سڀني کي ڏڪائي رهيو هو. ٻارن ۾ ڪيهون هيون مائرون پريشان هيون ته ڳوٺ کي ڏسن يا هنن کي معصومن کي ٿڃ ڏين.
خادم پنهنجي ننڍڙي پٽ دريا خان کي هنج تي کنيو بيٺو هو، زينب سندس ڀر سان بيٺل هئي ۽ پنهنجي ڳوٺ کي ڳڻتي مان ڏسي رهيا هئا ۽ سندن اکين جا الاءِ ڪيترائي ٽوڙي بند سندن اکين ۾ ٽٽي چڪا هئا. خادم کي خبر ئي نه پئي ته پاڻي تيزي سان سندس پيرن ۾ اچي چڪو هو. اوچتو سندس پير ترڪي پيو ۽ دريا خان سان گڏ پاڻي ۾ ڪري پيو پاڻي ايترو ته تيز هو جو ڪنهن کي به همت نه ٿي ته ڪو کين بچائي ائين هو سڀني جي سامهون لڙهندا ويا. زينب جون ته وايون ئي بتال ٿي ويون، زور سان رڙيون ڪندي رهي.
”بچايو ڙي ادا بچايو منهنجي گھوٽ کي ۽ منهنجي جگر کي بچايو......“
بس ڏسندي ئي ڏسندي خادم ۽ دريا خان نظرن کان اوجهل ٿي ويا..... ۽ پوءِ ٽيئن ڏينهن تي ٻنهي جا لاش هڪ وڻ ۾ ڦاٿل مليا ۽ زينب پنهنجا هوش وڃائي ويٺي هئي......
***