خواب جي حقيقت
هر پاسي لاش ئي لاش پيا آهن.....ڦٽيل، چچريل لاش، مڙئي ڪن جا چهرا صحيح سلامت آهن نه ته باقي سمورن لاشن جا چهرا بگڙيل صورت ۾ آهن. گھرن کي باھ لڳل آهي. سڀ ڪجھ رک پيو ٿيندو وڃي. سمجھ ۾ نٿو اچي ته اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ٿيو.....ڪهڙي شيءِ کي بچائجي ۽ ڪهڙيءَ کي سڙڻ ڏجي هر شيءِ ٻري ۽ سڙي رهي آهي ......هر پاسي رڙ پئي پئي...... باھ جو ايترو ته تاءُ آهي جو اهو تاءُ هن پنهنجي اندرجي گھرائي تائين محسوس ڪيو ۽ پوءِ هڪدم سندس اکيون کلي ويون.......
هي پنهنجي پٽيل اکين ۽ حيرانگيءَ مان ماٺ ڪيو پنهنجي پلنگ تي اٿي ويهي رهيو، هن کي ڪجھ به سمجھ ۾ نٿي آيو ته هن کان پنهنجو پاڻ چپن تي اچي ويو:
” اهڙو ڀيانڪ خواب......!“
هن ڪمري جي ڀت تي لڳل گھڙيال تي نظر وڌي ته رات جا اڍائي ٿي رهيا هئا هيڏي سيءَ هجڻ باوجود به کيس جسم تي پگھر محسوس ٿيو. هن اٿڻ مهل دانهن به نه ڪئي ۽ پاسي ۾ ستل زال کي به ڪونه اٿاريو ۽ بس پلنگ تان اٿي ڪمري ۾ پسار ڪرڻ لڳو.......سندس چپن تي سگريٽ هو ۽ ذهن ۾ خواب ڦري رهيو هو. اها سموري رات هي سمهي نه سگھيو.
هن انهيءَ خواب ۾ لڳل باھ جي گرمي کي ٻن ٽن ڏينهن تائين پاڻ ۾ پئي محسوس ڪيو. سندس گھر واري جيڪا سندس طبيعت کان واقف هئي ٻن ٽن ڏينهن کان کيس وياڪل وياڪل جو ڏٺو ته پڇي ويٺس:
”خير ته آهي........ڇا ٿيو آهي توکي ؟“
”ڪجھ به ته ناهي.......!“
”ڪجھ ته آهي نه ته اڳ ڪڏهن به تون ائين ماٺ نه رهيو آهين.“
” اهڙي ڪابه ڳالھ ناهي نه ته توکي ٻڌائيندو نه آهيان........ڪجھ ڏينهن کان مان ڪنهن ڪهاڻي لکڻ جي پلاٽ تي سوچي رهيو آهيان سو انهيءَ خيال ۾ ئي گم سم رهان ٿو ٻيو ڪجھ به نه آهي تنهنڪري تون فڪر مند نه ٿيءُ......“
” مان تنهنجي زال آهيان مونکي فڪر نه هوندو ته ڪنهن کي هوندو....!“
صوفا سيٽ تي ويهندي زال کي چيائين:
”تون هيئين ڪر مون کي سٺي چانھ پيار.....ڪهاڻيءَ تي سوچي سوچي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان........“
سندس زال چانھ ٺاهڻ لاءِ هلي ويئي ته هي ائين ئي ويڳاڻو ويٺو رهيو ۽ پنهنجن چپن ئي چپن ۾ چوڻ لڳو ته :
”ايترا لاش ۽ سندن چهرا به بگڙيل.....اف خدا..........هي آخر ڇا هو........؟“
دل کي آٿت ٿي ڏنائين ته:
”آخر مان ايترو ملول به ڇو آهيان...... اصل ۾ اهو هڪ خواب ئي ته هو، جيڪو حقيقت بلڪل نه هو........ان تي ايترو وياڪل ڇو ٿجي.......؟“
ايترو ذهن ۾ سوچڻ کان پوءِ ڪجھ پاڻ کي بهتر ٿي محسوس ڪيائين ته ايتري ۾ سندس زال گرم چانھ جو مڳو هٿ ۾ ڏنائنس هن مرڪي ورتو ۽ مڳو وٺندي چيائنس ته:
” ٻڌ....! “
” جي...! “
” ان ٽيليويزن کي ته هلاءِ..........خبرن جو وقت ٿي ويو آهي....! “
سندس گهر واري ٽيليويزن هلائي ته ٿوري دير ۾ اهم خبرون هلڻ شروع ٿي ويون.......اهم خبرن ۾ سموري ملڪ اندر خود ڪش ڌماڪن جون خبرون هيون...... ٽيليويزن جي اسڪرين تي نظر ايندڙ فلم ۾ رڳو باھ ئي باھ هئي......هر پاسي لاش ئي لاش پيا هئا....ڦٽيل، چچريل لاش، هر شيءِ ٻري ۽ سڙي رهي هئي.
هي اهو سڀ ڪجھ ڏسي ئي هڪ جاءِ تي ڄمي ويو.......ٻه ٽي ڏينهن اڳ ڏٺل خواب پنهنجي حقيقت ڏيکاري ويو هو.....
***