ڪتاب ”ڪپيل نڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي مختصر ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
انعام عباسي لکي ٿو: ”عباس سارنگ جي حوالي سان اهو چوندس ته، هو هڪ فوٽو گرافڪ ڪهاڻيڪار آهي يا کڻي ائين چئجي ته هو اصل ۾ چترڪار آهي ۽ برش جي جاءِ تي قلم هٿ چڙهي ويو اٿس، ۽ هو پنهنجو اَمُلهه وقت وڃائڻ بنا ان ئي هٿيار سان ڪم ۾ لڳي ويو آهي ته، شل ترت هو پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي قافلي جو سهڪاري ٿئي.“
وقت سان گڏوگڏ سماج ۽ زندگي جا انداز، ريتون رسمون رهڻيون ڪرڻيون ۽ روايتون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. سماج جا تمام شعبا هڪ ٻئي سان لاڳاپيل ٿين ٿا. انهن تبديلين جو اثر زندگي جي هر شعبي تي ظاهر ٿئي ٿو. اهڙي طرح ادب جي ميدان ۾ به اهڙا لاڙا ۽ تبديليون اچن ٿيون. ڪو زمانو ديومالائي ادب جو هيو جنهن جي بنياد تصوراتي هئي جنهن جو مقصد فقط ذهني تفريح هيو. بعد ۾ ناول نگاري ۽ طويل ڪهاڻين جو دور شروع ٿيو. جيڪي معاشري جي خارجي عڪاسي ڪن ٿيون. جيتوڻيڪ ناول نگاري ۽ طويل ڪهاڻين جو دور اڃا هلندڙ آهي پر پوءِ به ان جي پڙهندڙن ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي ۽ ادبي دنيا ۾ شارٽ اسٽوري جي مطالعي جو رجحان وڌندو پيو وڃي. انهي ڏس ۾ عباس سارنگ جون لکڻيون سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿيون. مقدس مٽي ۽ پکي اڏاڻا پيار جا کان پوءِ هي عباس سارنگ جو ٽيون ڪتاب آهي. جديد دور جي تقاضائن مطابق هن صاحب جي لکڻ جو انداز مختلف آهي. ٻولي عام ماڻهن جي سمجهه جهڙي جيڪا ڳالهائي پئي وڃي. بي سبب هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن جو استعمال ڪونه ٿو ڪري. هو جرئت سان جيڪي ڪجهه سماج ۾ ٿئي ٿو. ان کي سڌي طرح بيان ڪري ٿو. انهي لکڻ جي انداز کي ڏسندي ڪڏهن ڪڏهن هو تنقيد جو نشانو به بڻيو. پر ان جي باوجود هو سچائين ۽ حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پير پوئتي نٿو ڪري. هن جي ڪهاڻين جا ڪردار فرضي نه آهن. هو صاحب جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو بغير ڪنهن پس و پيش جي لکي ٿو. هن جون لکڻيون معاشري لاءِ هڪ آئينو آهن. جنهن ۾ معاشري جي اصلي صورت نظر اچي ٿي. هي نوجوان ليکڪ ادبي دنيا ۾ پنهنجي جاءِ والاري ٿو. ٿي سگهي ٿو ته اهڙي سچي ليکڪ کي ٻين جيان سچ جي ڏوهه ۾ ڏک ڏسڻا پون. جڏهن کيس ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا ته خبر پوندي ته ڪيئن ٿو منهن ڏي ۽ پار پوي. دعا آهي ته خدا کيس لکڻ جي سگهه اڃا وڌائي ۽ قلم جي طاقت سان ڪنهن وڏي انقلاب لاءِ راهه سنواري. اسان جو معاشرو هڪ وڏي انقلاب طرف تيزي سان وڌي رهيو آهي. اسان جي اديبن شاعرن کي انهي انقلاب جي راهه تي ويندڙ قافلي کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. مان سمجهان ٿو ته اسان جو نوجوان نسل ادبي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار پوري طرح سان نڀائي پيو.