حساس ماڻهو ئي تخليق ڪري سگھي ٿو
1980 واري ڏهاڪي ۾ آئون سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري رهيس سنگت شاخ جيڪب آباد انتهائي متحرڪ شاخ هئي نه رڳو هفتيوار ڪچهريون پر ٻيا ادبي فنڪشن به ٿيندا هئا. ڪهاڻي ڪانفرنس به منعقد ڪئي ويئي. رشيد ڀٽي کان ليڪچر ڪرايو ويو. ملڪ نديم سان شام ملهائي ويئي. ٻيا کوڙ سارا ادبي ميڙ به ٿيا. جنهن ۾ ف.م لاشاري، انورپيرزادو، مونس اياز، ساحر پريمي، غلام رسول ڪلهوڙو(ان وقت سکر ۾ پرنسپال هو) آدرش(ارشاد شيخ) اياز ابڙو، اعجاز منگي ٻيا کوڙ دوست شريڪ ٿيا. اهيو ادبي سفر جاري رهيو ۽ 1990 واري ڏهاڪي ۾ داخل ٿياسين. ادبي پروگرامن ۾ ٻئي نوجوان دوست بنا دعوت جي شامل ٿيندا هئا. شادي جو ڪاڄ هيو ڪونه جو انهن کي دعوت وارو ڪارڊ ڏجي، قومي ڪاڄ هيو ۽ ٻئي نوجوان دوست ٻولي سان نينهن نڀائڻ جو فرض سمجھي شامل ٿيندا هئا. پوءِ انهن ٻنهي دوستن سان ويجھڙائپ ٿيندي وئي. اهي ٻئي دوست هئا سومرو شبير احمد ۽ عباس سارنگ. ڪالھ جا نئين ٽهي جا ليکڪ اڄ جا مڃيل اديب شاعر ليکجن ٿا. ان جو ڪارڻ اهيو آهي ته انهن کي پنهنجي ٻولي ادب سان محبت آهي.
اڳتي هلي ٻئي دوست سنگت سان سلهاڙجي ويا. عباس سارنگ ۽ سومرو شبير احمد ڪڏهن شاعري ڪڏهن مضمون ته ڪڏهن ڪهاڻيون پيش ڪندا رهيا. عباس سارنگ ڪهاڻيڪار بڻجڻ جو سوچي ڇڏيو هيو ان ڪري هن فتاح عابد سان ياري رکي. سندس درٻار ۾ حاضر ٿي ڪهاڻين تي ويچار ونڊيا ۽ پوءِ هن ڪيئي ڪهاڻيون تخليق ڪيون سندس ٻه مجموعا ڇپجي پڌرا ٿيا آهن.
عباس سارنگ حساس ماڻهو آهي. هڪ حساس ماڻهو ئي تخليق سرجي سگھي ٿو. ميٺ ماٺ ۾ ڪهاڻيون سرجيندو رهي ٿو. سرڪاري ملازم به آهي. پنهنجو ملازمت وارو فرض به چڱي طريقي سان ادا ڪري ٿو ته وري سنڌي ٻولي سان نينهن نڀائڻ وارو فرض به پورو ڪندو رهي ٿو.
عباس سارنگ مختصر ڪهاڻيون به ڏاڍيون جاندار لکيون آهن جيڪي مختلف رسالن ۾ شايع پڻ ٿيون آهن جن کي پڙهندڙن ڏاڍو ساراهيو آهي. هن مجموعي ۾ سندس 35 ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ مختصر ڪهاڻيون به شامل آهن. سندس سموريون ڪهاڻيون پڙهڻ جوڳيون آهن جيڪي ذهن جا تاڪ کولي ڇڏين ٿيون.
هر ماڻهو هر روز سماج جو اولڙو پسي ٿو پر روايتي انداز سان، سوچي اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ ذهن جي پٽي تان نيساري ڇڏي ٿو، پر اديب جي قلم مان نڪتل طنز جا تير لفظن جا چٽيل منظر وڌيڪ اثرائتا هوندا آهن. پڙهڻ سان ذهن جي ڪينواس تي اهي چتر ڇانيل رهندا آهن. عباس سارنگ جون ڪهاڻيون به اهڙو ئي اثر ڇڏين ٿيون.
”ڪپيل نڪ“ هڪ جاندار ڪهاڻي آهي جنهن ۾ هن دلين جي سودي جي ڳالھ ڪئي آهي. اک ۽ نڪ انساني سرير جا اهم عضوا هجڻ سان گڏ حيا جي علامت به آهن. هونئين ته هر عضوو اهم آهي. قدرت جي تخليق حضرت انسان املھ تخليق آهي پر اک ۽ نڪ شرم ۽ حيا وارو تصور پيش ڪن ٿا.، وري دل پيار ۽ پنهجائپ جي اهڃاڻ آهي. سماجي حالتن کي سامهون رکي هن ڪهاڻي تخليق ڪئي آهي. بقول هڪ شاعر:
”هر چيز يهان بڪتي هئي، بولو جي ڪيا ڪيا خريدوگي“
”ڪپيل نڪ“ ۾ ۾ چئي ٿو” مون غور ڪيو ته جيڪو به ماڻهو نڪ وٺڻ ٿي آيو، انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو نڪ نه هو.“
مختصر ڪهاڻي ”پينون“ به قاري تي سٺو اثر چڏي ٿي. ٻه گھرندڙ ڪردار هج جو نالو ”مرشد“ آهي ٻي جو نالو ”پينون“ آهي پر ڪم ٻنهي جو ساڳيو آهي چوندا آهن ته فقير فقير کي نه سهي ڪهاڻي جي پڄاڻي به انهن لفظن سان ٿيل آهي ”هل ڙي فقير آيو آهي.....گم ٿي ته ڪيانءِ نه بيعزتو.....پينون، پينون جا پٽ........“
”ڪارو برقعو“ ڪهاڻي عام رواجي ڪهاڻي آهي اسان کي رستن تي ڪٿي برقعو پاتل عورتون پنندي نظر اينديون آهن ۽ هر ماڻهو کين چڱو نٿو سمجھي....ليکڪ هن ڪهاڻي ۾ عورت جو مورال مٿاهون ڏيکاريو آهي.
”صرف پنندي آهين يا ٻيو ڪو ڌنڌو به ڪندي آهين“
”ته پوءِ هلون......؟“
ان تي فقيرياڻي پنهنجو سڌو هٿ مٿي ڪري منهن ۾ بجو وهائي ڪڍيائنس ۽ چوندي ويس:
”تو جهڙا ڪيترا ئي ڪتا؛ ائين ئي روزانو ڀونڪندا رهندا آهن.....“
ڪهاڻي ”درياءُ شاھ“ ۾ ليکڪ سوال چڏي ويو آهي.
” بابا توهان پنهنجي بابا سائين سان درياءَ شاھ تي ايندا هئا ته درياءَ شاھ مست ٿي وهندو هو.......اڄ مان توهان سان گڏ آيو آهيان ته درياءَ شاھ ۾ رڳو واري پئي اڏامي.....ڀلا بابا! مونکي اهو ته ٻڌايو جڏهن مان پنهنجي پٽ سان درياءَ شاھ تي ايندم ته ڇا دريا شاھ هوندو!؟؟؟؟“
ڪهاڻي ”فرشتو“ پڙهڻ سان آءُ ماضي ڏانهن ڌڪجي ويس اهڙو واقعو جيڪب آباد ۾ ڳچ عرصو اڳ پيش آيو هو. هڪ ڳڀرو سونهن ڀريو جوان پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ سندس گھر وي پر سندس بيواھ ماءُ کائنس اجر وارو ڪم ورتو. تخليقڪار سماجي مسئلي کي کنيو آهي.
ڪهاڻي ” آخري قدم“ اقتدار ۾ ايندڙ سياستڪارن جي هڪ سچي تصوير آهي ۽ اڻ برابري واري سماج جو چٽو عڪس آهي.
”ٽوڙي بند ٽٽي پيو“ تازي زخم جي ڪهاڻي اهي ٻوڏ جيڪي ڪهر ڪيا ان جا سور صدين تائين وساري نه سگھبا هن ڪهاڻي ۾ عباس سارنگ سياسي نعرن کان به ڪم ورتو آهي. اسان جي هن وڏيرڪي، جاگيرداري واري سماج ۾ هاري ايترو باشعور ڪون ٿو نظر اچي. مونکي پڪ آهي ته ڪتاب پڙهندڙن وٽان مان ماڻيندو.
س.ب. کوسو
جيڪب آباد