سڄڻ ۽ ساڻيھ
سڪ جي ساگر ۾ لڙهندو پئي ويم....اکين ۾ ڪوسو پاڻي، وات ۾ ڪوڙاڻ، نڪ اندر آلاڻ محسوس ڪيم.....پاڻ کي ڏاڍو سنڀارڻ جي ڪوشش پئي ڪيم....پر سڀ ڪجھ وهندو پئي ويو سڪ جي مها ساگر۾....وقت ڳرندوويو.....سرير کي ڪابه سڌير نه ٿي....سمجھيم هاڻي پاڻ تان آسرو لاهيڻو ئي پوندم....سورن اهڙو پيچ پاتو اٿم جو ’جيئڻ ڪاڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام‘....هانو تي تري آيو....ته وري پوءِ به لطيف سائين جي چيچ جھليم ته ڪن تي پڙلاءُ پيم....’ويٺي نت نهاريان راڻا! تنهنجو راھ....موٽائي ماڳن ۾، آڻيندوءِ الله....سوڍا! توڳر ساھ نات راڻا گھڻا راڄ ۾.....‘ته ڪجھ سڌير ٿيم...اميد جي امڪان جو ڌاڳو پڪڙي هلڻ جو هيلو ڪيم....من تي جا مونجھ هئي تنهن کان ڄڻ ته پاڻ کي آجو ٿي ڀايم.....لطيف جي سٽ سٽ.....’تئن دوست وراڪا دل سين‘....پيهندي ويم من ۾....سڪ جو مها ساگر ماٺو ته نه ٿيو پر لطيف جي سٽ....’وڍيو هجين ته ويھ نه ته وٺيو واٽ ونءُ تون....‘جو سبق ٿي ڏنم.....۽ ’صبر جن جو سيرتير نه گسي تن جو....‘ جي مصداق تي لبيڪ سان لبيڪ چئي منهن مونن ۾ وجھي جو ويٺم ته سڪ جي مها ساگر کي ماٺو ٿي ڀايم سرير اندر.......
ان ڪثرت ۾؛ جي؛ مها ساگر ماٺو ٿيندو پئي آيو ۽ پوءِ ته مزو ئي ٿيندو منهنجو، جڏهن به سڪ جومها ساگر، موج مستي ۾ آيو، ته لطيف سائين جي چيچ جھليندم......پوءِ ’کڻ اکيون کل يار! وڃن سور سنڌا ڪيو‘ چئي شانت ۾ هوندم. ساعت مس گذري ته ’مون ساريندي سپرين! اچين جي تون هاڻ، ڪريان روح رهاڻ، لڪن منجھ لطيف چئي‘ جو من تي اولڙو جو پيم ته انهيءَ سڌ ڪرڻ سان مها ساگر ۾ جهڙوڪ سونامي اچي ويم ته پاڻ کي سچل سائين جي آڏو ڀايم مست الستي رمز ۾ چئي رهيو هو’جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مست و مست مدام حق موجود سدا موجود.....هو......حق، هو......حق!‘ سرير جو وار وار اٿي بيهي رهيم پاڻ به ناچو بڻجي ڦيرا پائيندو رهيم. سڪ جي مها ساگر ۾ سونامي آيل هئي......’حق موجود سدا موجود.....حق موجود سدا موجود......هو....حق....!‘
ائين ’حق موجود....سدا موجود‘ جي صدا جاري هئي ته لطيف سائين هٿ کان جھلي ڀاڪر ۾ ڀري ورتم....’مون ۾ تون موجود! آءُ اڳاهين آهيان‘ پاڻ کي جو ڏٺم ته حيرانگي جي جھان ۾ هيم.....سونامي جو ڪوبه نانءُ نشان نه رهيو هو.....اکين ۾ پاڻي هوم.....’ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن تي پون‘ اٿي بيٺم پٻن تي ’ڪيڏانهن ڪرهو ڪاهيان؟‘ ڀٽائي گھوٽ شفقت سان چيم......’جا ڀون پيرين مون، سان ڀون مٿي سڄڻين، ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون، ڏينهن مڙيئي ڏون؛ اٿي لوچ، لطيف چئي‘ اهو ته منهنجي لاءِ نئون راز هو جيڪو مون تي آشڪار ٿيو هو. مون کي عشق جي رياض نئين جهان جو اولڙو پسايو هو جيڏانهن ٿي ڪيم پرک سڄڻ سامهون ٿي ڀايم.....سڄڻ جي سونهن ۽ سڪ مون کي ساڻيھ جي ويجھو ڪري وڌو هو.
صبح جو ننڊ مان اٿيم ته پاڻ ۽ پنهنجي دنيا کي بدليل ٿي ڀايم جلدي ۾ تيار ٿي ڪري يونيورسٽي پهتم ته ڪلاس هلي رهيو هو. سائين سخي احمد ڪلاس وٺي رهيو هو. منهنجو موڊ اڃا به سٺو ٿي ويو ان ڪري به ته سائين سخي احمد جو ليڪچر انتهائي متاثر ڪندو رهيو اٿم.
مون تي جو سائين جي نظر پئي ته مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين ۽ پنهنجي ليڪچر کي جاري رکندي چيائين.
”جيڪو به فرد جنهن مٽيءَ مان جنميو آهي، درحقيقت ائين سمجھڻ گھرجي ته ان جو سمورو خمير به ان مٽي مان جڙيو آهي. ان مٽي جا سموري جا سمورا اثرات ان جي خمير ۾ شامل ٿيو وڃن. ان جو وڏو مثال ’سنڌي‘ ماڻهو جو ڏيئي سگھجي ٿو. ان ۾ توهان کي پنهنجي ڌرتي سان ڪمٽمينٽ نظر ايندي. سنڌي ماڻهو ’سڄڻ ۽ ساڻيھ‘ کي ڪڏهن ڪين وساري سگھي ٿو. لطيف سائين کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين جو سڳو ٿا وٺي جھليون ته هڪ ئي ڌاڳي ۾ پرويل ٿا لڳن. ڏسو اڳ ۾ کين مجازي عشق لڳي ٿو ۽ پوءِ ساڳيو ئي عشق حقيقي عشق ۾ تبديل ٿيل نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌي ماڻهو ڏاڍو نرم ۽ حساس آهي. هي پنهنجي ڌرتي جي معاملي ۾ انتهائي جذباتي آهي ۽ مان ڀي ائين ئي سمجھان ٿو ته جنهن به ماڻهو ۾ وطن جي حب نه آهي اهو هرگز انسان نٿو ٿي سگھي.“
سائين سخي احمد جو ليڪچر ٻڌي رهيو هيم پر رات ننڊ ۾ ڏٺل خواب جو اولڙو سائين سخي احمد جي ليڪچر ۾ پسي رهيو هيم. سائين سخي احمد وڌيڪ چيو.
”تنهڪري اسان کي؛ پنهنجي عشق کي؛ سڄڻ کان ساڻيھ جي عشق تائين وٺي هلڻو پوندو تڏهن اسان انهيءَ مجازي عشق کان حقيقي عشق تائين جي شروع ڪيل سفر کي سمجھي سگھنداسي. هتي هي ڳالھ به واضع ڪندوهلان ته منهنجن لفظن ۾ اها طاقت نه آهي ته ان سفر کي بيان ڪري سگھان پر هي هڪ اهڙو سفر آهي جيڪوبه شروع ڪندو آهي ان جي ان کي به پروڙ نه هوندي آهي. جئين لطيف سائين چئي ٿو. ’ڪڏهن ڪونه ٿيوم، آثارو تنهن عشق جو، محبوبن منٿون ڪري، سڪڻ سيکاريو، تهان پوءِ ٿيوم پسڻ سپرين جو‘ اهو جو ٻڌم ته منهنجي ذهن جي ڌرتي تي وڏ ڦڙي مينهن وسڪارو لائي ڏنو ۽ اکين جا بند ڪجھ پسڻ تي ڀڄڻ وارا ئي هئا ته سائين سخي احمد پنهنجي ليڪچر کي پورو ڪري روانو ٿي ويو مان به ڪلاس کان ٻاهر نڪري آيس، نئين سفر تي رواني ٿيڻ لاءِ جنهن ۾ هاڻي مان اڪيلو نه آهيان پر؛ مون سان منهنجو مرشد، منهنجو سڄڻ ۽ منهنجو ساڻيھ گڏ آهن.......
***