ڪپيل نڪ
مان تڪڙو تڪڙو آفيس ڏانهن ايندي جئين ئي راڄ واھ جي پل تان گذريس ته اوچتو منهنجي نظر راڄ واھ ۾ بيٺل ۽ سينواريل پاڻي تي ترندڙ هڪ ڪپيل انساني نڪ تي پئي.......هڪ ته مون کي آفيس کان دير پئي ٿي ۽ ٻيو هن ڪپيل انساني نڪ کي، ائين ترندو ڏسي، کيس ڇڏڻ اخلاقي ڏوھ سمجهي، راڄ واھ جي پل تان هيٺ لهي، ڪڙ تي اچي پاسي ۾ بيٺل وڻ مان ٽاري ڇانگي، ان جي مدد سان ڪپيل انساني نڪ کي پاڻ ڏانهن سوري، هٿ سان ڪڍي ڪري رومال ۾ ويڙهي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيم. پوءِ تڪڙو تڪڙو آفيس ڏانهن روانو ٿي ويس، مسٽر رول تي ننڍڙي صحيح ڪري پنهنجي ميز تي اچي ويٺس، خبر پئي ته اڄ وڏو صاحب موڪل تي آهي. تنهن ڪري اڄ عام رواجي ڪم نه ٿيندو ته پوءِ مون سک جو ساھ کنيو ۽ ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل رومال ڪڍي ميز تي رکي، پاسي وارن ٻنهي ڪلارڪن کي سڏ ڪيم. هو جئين ئي منهنجي ميز تي آيا ته ميز تي رکيل رومال کي کولي کين چيم:
”هي ڏسو......! هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي؟ “
ٻئي ڪلارڪ ڪپيل انساني نڪ کي ڏسي حيران ٿيندي مونکي ۽ ڪپيل انساني نڪ کي حيراني مان گھورڻ لڳا.
پهرين چيو: ”هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي......؟ “
ٻئي چيو: ”شائد عورت جو يا پوءِ ڪنهن مرد جو آهي.......!!؟؟“
مون چيو: ”مون به اهو ئي پڇيو آهي ته هي نڪ ڪنهن جو آهي.....؟ اهو مون کي راڄ واهه مان مليو آهي...... جڏهن مان آفيس پئي آيس.......“
وري پهرين چيو: ”خوبصورت آهي......!“
ٻئي چيو: ”ڪنهن عورت جو هوندو........!“
مون چيو: ”ڪنهن خوبصورت مرد جو به ٿي سگهي ٿو......“
پهرين چيو: ”تون هي هتي ڇو کڻي آيو آهين؟ ڪنهن پنهنجو نڪ ڪپي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو، تون وري هي هتي کڻي هليو آئين.......!“
ٻئي چيو: ”ڇو....... ڪهڙو غلط ڪم ڪيو اٿائين، حقيقت کي سامهون اچڻ گهرجي ته آخر هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي ۽ ڇو ڪنهن هي ڪپي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو آهي؟“
هنن ٻنهي جي بحث کان پوءِ وري مون چيو: ”بس اها ئي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ مون هي ڪپيل انساني نڪ راڄ واهه مان ڪڍي ورتو، ڀلا اهو ته ٻڌايو اسان جي شهر ۾ ڪو اهڙو ڄاڻو ماڻهو آهي جيڪو ٻڌائي ته هي راڄ واهه مان مليل ۽ ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي؟“
ٻئي چيو: ”الائي يار......! هل ته پنهنجي هيڊ ڪلارڪ کي ٿا ڏيکاريون.“
پهرين چيو: ”ان کي ڪهڙي خبر ته هي ڪپيل انساني نڪ ڪنهن جو آهي، هو پنهنجي ڊگهي نڪ کي سمجهي ناهي سگهيو ته هن کي ڪٿان سمجهندو؟“
مون چيو: ”منهنجو خيال آهي ته هي ڪنهن غيرتمند انسان جو نڪ آهي، جنهن غيرت ۾ اچي پنهنجو نڪ ڪپي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو آهي.“
ٻئي چيو: ”پر جرڳو ڪري به ته ڪنهن جو زوري نڪ ڪپي سگهجي ٿو. ڏسو نه پيا اڄڪلهه جرڳي سسٽم جي ٻيگهي متي پئي آهي، جرڳي ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪنهن جي ڪهڙي مجال آهي جو پنهنجو نڪ ڪپڻ نه ڏي.......!“
پهرين چيو: ”هيئن به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مرد ڪنهن عورت جو نڪ ڪپيو هجي ۽ پوءِ راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪيو هجي. ڇو ته مان اهڙيون خبرون اخبارن ۾ اڪثر پڙهندو رهيو آهيان، پر اڪثر انهن عورتن جا نڪ ٽانڪن ذريعي لڳل هوندا آهن. اهڙا مون اخبار ۾ فوٽو به ڏٺا آهن، پر هي پهريون واقعو هوندو، جنهن ۾ نڪ کي ڪپي راڄ واهه ۾ اڇلايو ويو آهي.“
ٻئي چيو: ”هيئن به ته ٿي سگهي ٿو، ڪنهن عورت ڪنهن مرد جو نڪ ڪپي راڄ واهه ۾ اڇلايو هجي، ڇو ته اڄڪلهه عورتون مردن تي تيزاب هاري سگهن ٿيون ته پوءِ نڪ ڪپڻ ڪا وڏي ڳالهه ته نه آهي.“
مون چيو: ”ڪجهه به هجي، ڳالهه صفا ڳوري آهي، هن حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪجي!“
پهرين چيو: ”سياڻو ٿيءُ منهنجي صلاح وٺ، اجايو پاڻ کي ڇو ٿو ڦاسائين، آفيس کان موٽڻ مهل هن کي اتي ئي راڄ واهه ۾ ڦٽو ڪري ڇڏ ۽ پنهنجي مٿي جو سور به لاهه ته اسان جي مٿي جو سور به لاهه!“
مون چيو: ”ڇو يار ان ۾ مٿي جي سور جي ڪهڙي ڳالهه آهي، هي هڪ ڪپيل انساني نڪ جو مسئلو آهي، ڪا معمولي ڳالهه ته نه آهي، هن جو ڪو به ملهه نه آهي پر هي ته املهه آهي.“
ٻئي چيو: ”پوءِ آخر هن ڪپيل انساني نڪ جو تون ڪندين ڇا؟“
مون چيو: ”مان حقيقت ڄاڻڻ چاهيان ٿو، بس..... خير توهان ڇڏيو، مان پاڻ هن مسئلي کي ڏسي وٺان ٿو.“
هي ٻئي ماٺ ٿي پنهنجي ميزن ڏانهن هليا ويا، مون نڪ کي رومال ۾ ويڙهي ميز جي دراز ۾ رکي ڇڏيو ۽ آفيس جي ڪم ڪار ۾ لڳي ويس. آفيس کان موڪل مهل پنهنجي ميز جي دراز مان رومال ڪڍي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي راڄ واهه ڏانهن وڌڻ لڳس. راڄ واهه جي فٽپاٿ تي چڙهيس، جتي شهر جي وڏي ۾ وڏي لُنڊي بازار لڳندي آهي. هتي هر سال پٺاڻ غريبن لاءِ امير ماڻهن جي لٿل گرم ڪپڙن جو سستي اگهه تي وڪرو ڪندا آهن. اڄ منهنجي حيرت جي انتها ٿي وئي، ڇا ٿو ڏسان ته ساڳيا پٺاڻ لُنڊي بازار هنيو ويٺا آهن پر گرم ڪپڙن بدران هڪ ٻي لُنڊي بازار نظر آئي. هڪ دڪان اڳيان انساني اکين جو ڍڳ لڳو پيو آهي. جنهن ۾ ننڍيون، وڏيون، جهريون، ڪاريون، ناسي، اڇيون مطلب ته هر قسم جون اکيون پيون آهن. هر هڪ اک پنج رپيا..... ڏسان ٿو...... ماڻهو پنجين رپين وارين اکين مان اکيون ڳولي ڳولي پنهنجي چهري تي لڳائي وري ڦٽي پيا ڪن ۽ وري ڪي پسند ڪري خوشي خوشي پٺاڻ کي پيسا ڏئي رهيا آهن. انهن اکين واري دڪان تي ڪجهه خاص اکيون جيڪي مٿي ڪپڙن ۾ ٽنگيل آهن. جن جي ڌار ڌار قيمت اک جي قيمتي ۽ خوبصورت هجڻ جي حساب سان پٺاڻ گراهڪن کي ٻڌائي رهيو آهي. مون به ڪجهه اکيون کڻي ڏٺيون، هڪ کان هڪ خوبصورت اک آهي، مان حيران آهيان ته هتي اکين جي لُنڊي بازار ڪئين.......!
اڳيئن دڪان تي وڌي ويم ته صرف انساني دليون ٽنگيل نظرآيون ۽ تمام سستيون ۽ ڪجهه مهانگيون به پر ايتريون به مهانگيون نه....... هر غريب ماڻهو پيو وٺي. وري هڪ ٻئي دڪان تي صرف ڪن ٽنگل ڏسان ٿو. وري اڳتي مڙدن ۽ عورتن جا خوبصورت ۽ هر قسم جا وار، هر پاسي وار ئي وار. هر ڪوئي مرد ۽ عورت پنهنجي مٿي تي پائي ڏسي رهيو آهي. هن دڪان تي جدا جدا قسم جي وارن جا جدا جدا اگهه آهن.
ائين ئي راڄ واهه جي فٽپاٿ سان لُنڊي وارا دڪان ڏسندو راڄ واهه جي پل تي پڄان ٿو، ڇا ٿو ڏسان ته اتي انساني نڪن جو دڪان لڳل آهي. هن دڪان تي ٻين دڪانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رش آهي. انساني نڪ به الاهي قسمن جا پيا آهن. هر ماڻهو جي ڪوشش آهي ته خوبصورت کان خوبصورت نڪ پسند ڪيان، جيڪو هر پاسي کان شان وٽان هجي. هر ڪوئي خوش نظر ٿي آيو جو، هر ڪنهن کي آساني سان پنهنجي پسند جو نڪ سستي اگهه تي ملي رهيو آهي....... مون غور ڪيو ته جيڪو به ماڻهو نڪ وٺڻ ٿي آيو، انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو نڪ نه هو. مون اندازو هنيو ته هن دڪان تي ايڏي رش لڳي پئي آهي ۽ راڄ واهه جي پل جي ويجهو به آهي ۽ ساڳيو منهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ ڪپيل انساني نڪ به مون کي اتان ئي راڄ واهه مان مليو هو، سو رش هجڻ ڪري راڄ واهه ۾ ڪري پيو هجي ۽ ڪنهن جو ڌيان به نه ويو هجي. مون رومال ۾ ويڙهيل انساني نڪ کي ڪوٽ جي کيسي ۾ هٿ لائي ڏٺو، جيڪو پيل هو ۽ ٻيو هٿ پنهنجي نڪ کي هڻي ڏٺم، جيڪو گم هو ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو انهي نڪن واري دڪان جي رش مان نڪري ڪوٽ جي کيسي ۾ ويڙهيل نڪ ڪڍي پنهنجي چهري تي لڳائي ڇڏيم، منهنجو سمورو جسم شرم وچان پگهرجي ويو هو ۽ پوءِ منهنجي اک کلي وئي ۽ يڪدم پنهنجي نڪ کي هٿ لائي ڏٺم، جتي منهنجو پنهنجو نڪ موجود هو ۽ پوءِ ڄاتم ته اهو سمورو خواب ئي هو.
***