مورتي منهنجي، ڪنهن جو خدا!
شهر جو پنڊت مورتي شاپ تي آيو؛ جتي سنگ مرمر مان مورتيون ٺاهيون وينديون آهن نه صرف مورتيون؛ پر پٿر مان ٻيا به سانڍڻ جهڙا گفٽ پڻ جوڙيا ويندا آهن. اهو سمورو ڪمال ڪاريگرن جي فن جو آهي ۽ سرمائيدار انهن کي ٿوري اجرت ڏيئي ججھو ناڻو ڪمائي رهيو آهي. هن شاپ جو؛ هونئين به؛ هن تر ۾ ڪافي نالو آهي. شاپ جي مالڪ سيٺ، پنڊت کي کيڪاريو ۽ چيو:
”حڪم ڪيو سائين! مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو؟“
پنڊت شاپ جو جائزو وٺندي چيو:
”اصل ۾ مون کي مندر جي لاءِ هڪ مورتي کپندي آهي.....ڇا توهان جي شاپ تي ملي ويندي؟“
”سائين! ضرور ملي ويندي.........توهان شاپ جي هن سيڪشن ۾ اچو........!“
سيٺ کيس شاپ جي مورتين واري سيڪشن ۾ وٺي اچي ٿو، جتي هڪ کان هڪ سندر مورتي وڪامڻ لاءِ موجود آهي.....جيڪي هڪ نظر ڏسڻ سان ئي ڪاريگرن جي فن جو ڪمال لڳي رهيون آهن......پنڊت اهو ڏسي چيو:
” واھ.....واھ.....جهڙو توهان جي شاپ جو نالو ٻڌو هو، تهڙو هاڻي ڏسي به ورتو آهي......اصل ۾ مونکي اهڙي ديوي جي مورتي کپي جنهن جي اکين ۾ ممتا جي محبت هجي.......سندس منهن تي مرڪ معصوم ٻار جي ڀاسي....... سندس سندرتا چهري مان اهڙو ڏيک ڏيندي هجي جئين قدرت جو سمورو حسن ان ۾ جهلڪا ڏيندو هجي..... هن جي پيشاني وارو تلڪ سورج ديوتا جو پرتوو ٿي ڀاسي ......۽ سندس جسم کير جهڙو پاڪ پوتر، اڇو اجرو ٿي ڀاسي.......جنهن کي ڏسي هر دل پاڻ هرتو گيان ڪرڻ لڳي.........جيڪڏهن توهان وٽ اهڙو ڪاريگر هجي ته مونکي اهڙي ديوي جي مورتي جوڙائي ڏيو.......توهان پرواھ نه ڪيو جيتري رقم چوندا مان ڏيندم......“
سيٺ سمجهي ورتو ته شاپ ۾ موجود ڪابه مورتي کيس پسند نه آئي آهي ۽ اڪثر جيڪي به پنڊت مندر لاءِ مورتي وٺڻ آيا آهن، ته هنن هميشه آرڊر تي ئي پنهنجي مورتي جوڙائي آهي. سيٺ مورتين جي بهترين ڪاريگر آڪاش کي گھرائي، کيس پنڊت سان ملرايو جنهن کيس مٿي ذڪر ڪيل مورتي جوڙڻ لاءِ چيو، جنهن تي آڪاش پنڊت کي چيو ته:
” مان دعويٰ ته نٿو ڪيان پر، اهڙي مورتي ٺاهڻ جي مان ڀرپور ڪوشش ڪندم....“
” پوءِ ڀلا! مان ڪڏهن اچان....؟ “
پنڊت سيٺ کي چيو انهيءَ تي سيٺ، آڪاش ڏانهن ڏٺو جنهن تي آڪاش چيو:
” هفتو لڳي ويندو “
ان تي پنڊت، سيٺ کي چيو:
” ٺيڪ آهي؛ مان ڪجھ رقم ايڊوانس جمع ڪرايان ٿو ۽ هي منهنجو رابطي جو نمبر آهي...“
جئين ئي پنڊت روانو ٿي ويو ته سيٺ، آڪاش کي چيو:
” آڪاش! تون مورتي ٺاهڻ ۾ لڳي وڃ!“
” جي سيٺ صاحب! هڪ عرض ته منهنجي ننڍڙي چئن پنجن ڏينهن کان کٽ تي بيمار پئي آهي ڪجھ رقم ايڊوانس ڏيو ته هن جو علاج ڪرايان......! “
” آڪاش! تون اڳ۾ ئي ڪافي رقم جو قرضائي آهين.....مونکي خبر آهي ته اها مورتي تون ئي ٺاهي سگھين ٿو...سو اڳ۾ مورتي ٺاهي اچ ڪجھ قرض به لاھ پوءِ ڪجھ رقم به وٺ....شاباس هاڻي گھر وڃ ۽ مورتي ٺاهڻ کي لڳي وڃ....“
جئين ته آڪاش، سيٺ جي سخت طبيعت مان واقف هوتنهنڪري هن بحث نه ڪيو ۽ سڌو گھر اچي مورتي ٺاهڻ لاءِ سوچڻ لڳو.......گھڻو ويچار ڪرڻ کانپوءِ.....پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ ڪويتا کي سامهون ويهاري ان جي مورتي ٺاهڻ لڳو......اڄ آڪاش پنهنجي اندر ۾ پاڻ سان وچن ڪيو ته اڄ ئي هي مورتي ٺاهي سيٺ جي حوالي ڪندو، جئين پنهنجي ننڍڙي ڪويتا جو علاج ڪرائي سگھي.....شام تائين هن مورتي کي ٺاهي راس ڪيو. پنهنجي هٿن جي سموري ڪاريگري هن مورتيءَ ۾ اوتي ڇڏي....آڪاش مورتي کي ڪپڙي ۾ ويڙهي سيٺ وٽ کڻي آيو.
” سيٺ! هي تنهنجي مورتي، جنهن جو اڄ صبح توهان آرڊر ورتو هو.......گھرايو پنڊت کي جئين ڏسي ڪري پسند ڪري......“
سيٺ حيران آهي ته آڪاش ڪڏهن به آرڊر تي ايترو تڪڙي مورتي ڪونه جوڙي هئي...هميشه هفتو پنڌرنهن ڏينهن ضرور لڳائي ڇڏيندو هو. سيٺ، آڪاش کي چيو:
” آڪاش! اڄ جو اڄ تو مورتي جوڙي ورتي....سا به هڪ ڏکي جنهن جي مونکي ٺيڪ ٺاڪ رقم ملڻي آهي....! “
” جي بلڪل....اها ئي مورتي جيڪا اڄ منهنجي لاءِ هڪ وڏو ڏڍ ثابت ٿيندي....“
آڪاش اهو جملو وڏي اعتماد سان سيٺ کي چيو. سيٺ پنڊت سان رابطو ڪيو، جيڪو ٿوري ئي وقت ۾ شاپ تي پهچي ويو.....آڪاش کي پنهنجي ڪاريگري تي پورو پورو ڀروسو آهي هن جئين ئي مورتي کي ڪپڙي کان آجو ڪيو ته پنڊت مورتي کي ڏسندي ئي ٻئي ٻانهون ٻڌي پنهنجي مونڍي سندس اڳيان جهڪائي ڇڏي......ان سمي آڪاش جي اکين تي خوشيءَ جي چمڪ ۽ منهن تي مرڪ تري آئي ۽ انهيءِ ئي سمي سيٺ لالچي کل کلي رهيو آهي.....ڪجھ ساهي کانپوءِ پنڊت ٻانهون هيٺ ڪري پنهنجون اکيون کوليون ۽ سيٺ کي وات کان چيل رقم ادا ڪري مورتي کي ادب ۽ احترام سان کڻي روانو ٿيو......سيٺ رقم ڳڻي دراز ۾ رکي ۽ آڪاش سندس اڳيان سواليه نشان جيان بيٺوآهي، سيٺ ٻئي دراز مان کاتي جو بوڪ ڪڍي ان تي حساب ڪتاب لکندي آڪاش کي چيو:
” آڪاش! باقي تون ستن هزارن جو قرضائي آهين.....هاڻي وڃ ٻئي آرڊر ملڻ جو انتظار ڪر......! “
آڪاش، سيٺ سان بحث ڪرڻ ٿي چاهيو پر سيٺ سان بحث ڪرڻ فضول ٿي لڳو......آڪاش هاڻي پنهنجين اکين ۾ لڙڪ سانڍيو، جئين ئي پنهنجي گھر پهتو آهي ته سندس ننڍڙي ڪويتا جي جيون جو ڏيو اجھامي چڪو آهي......آڪاش کي ائين لڳو......هن ڪويتا جي مورتي ٺاهي ڄڻ ان کي ماري وڌو آهي.........!
***