هڪ آرٽسٽ ۽ ٻه تصويرون
چوڪ تي هڪ آرٽسٽ ويٺو ڪجھ روپين ۾، ماڻهو کي سامهون ويهاري ان جي تصوير ٺاهي ڏئي رهيو هو ماڻهو خوشي خوشي ۾ پنهجو پورٽريٽ ٺهرائي ۽ ان جو ڪجھ معاوضو آرٽسٽ کي ڏيئي مسڪرائيندا هليا ٿي ويا. ان سان آرٽسٽ کي پيٽ پالڻ لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ملي ٿي ويو ۽ ماڻهو خوشي خوشي پنهنجو پورٽريٽ پسي اندر ئي اندر ۾ سرها ٿيندا ٿي ويا.
مان به انهيءَ آرٽسٽ ڏانهن وڌي ويس،
”جي ويهو.“
مان سندس اڳيان رکيل اسٽول تي ويهي رهيس
”ٻه سو روپيا ٿيندا اوهان جي پورٽريٽ جا....“
آرٽسٽ پنهنجو اجورو ٻڌائيندي چيو،
”ٺيڪ آ....ٺيڪ آ.....پر مون کي پنهنجو پورٽريٽ ناهي ٺهرائڻو......“
”پوءِ؟“
هن سوال ڪيو ۽ سوال ڪرڻ سان گڏ پنهنجا ڪلها به مٿي ڪيا اڃان چوڻ لڳو،
”باقي ڇا ٺهرائيندا؟“
مون چيو،
”دراصل مون کي ٻه تصويرون ٺهرائڻيون آهن. هڪ اهڙي تصويرجنهن ۾ وقت ڳرڻ جو منظر هجي ۽ ٻئي تصوير ۾ بارش ٿيل هجي، آسمان تي انڊلٺ هجي ۽ چيڪي مٽي جي هٻڪار محسوس ٿئي.“
”سوري سائين! توهان جون ٻڌايل اهي ٻئي تصويرون نه ٺاهي سگھندم....!“
”ڇو......؟ توهان کي توهان جي چوڻ موجب معاوضو ڏيندم.....!!“
”پوءِ به نه ٺاهيندم....!“
آرٽسٽ باقاعدي انڪار ڪندي چيو،
”مهرباني ڪري اسٽول خالي ڪيو منهنجو ڪسٽومر اچي ويو آهي...“
ايترو چئي هن مون کي ڪاوڙ واري انداز ۾ ڏٺو هن جو ڪسٽومر اسٽول تي ويٺو ۽ ان جو پورٽريٽ ٺاهڻ کي لڳي ويو ۽ اهو ڏسندو رهيس، آرٽسٽ پورٽريٽ ٺاهڻ جو واھ جو ڪاريگر ٿي لڳو. ٿوري دير ۾ پورٽريٽ ٺاهي ورتائين ۽ ڪسٽومر کي فارغ ڪري مون کي چوڻ لڳو،
”جي محترم! مان توهان جي وڌيڪ ڪهڙي خدمت ڪري سگھان ٿو...؟“
مون کيس چيو،
”هئين ٿا ڪيون جو انهن ٻنهي تصويرن جو آئيڊيا مان ٿو توهان کي ڏيان......“
اهو چوندي وري اسٽول ٿي چڙهي ويٺم،
”وقت ڳرڻ واري تصوير ڪجھ هن طرح ٿي سگھي ٿي ته هڪ وال ڪلاڪ ڏيکاريو ۽ اهو ڪنهن به ڀت، ڪنهن به دروازي، ڪنهن به دري يا وري ميز ٿي ڪپڙي وانگر لڙڪيل يا ترڪيل ڏيکاريو....“
مان کيس هٿ جو اشارو به ڪري ڏيکاريو،
”ان سان اهو ثابت ٿيندو ته وقت ڳري رهيو آهي ۽ ٻئي تصوير ۾ بارش کان پوءِ آسمان تي انڊلٺ سان گڏ چيڪي مٽي جي هٻڪار هئين ڏيکاريو جو......ڀلا ان تصوير جي آئيڊيا ڪئين هجي توهان جو ڇا خيال آهي؟“
آرٽسٽ صفا ڪاوڙ ۾ ايندي چيو،
”توهان مون کي ذهني طرح هڪ پاڳل لڳو ٿا، مون وٽ فضول تصويرن ٺاهڻ لاءِ وقت ڪونهي.....توهان وڃي سگھو ٿا.....“
مون ضد ڪيو، چيو،
”ڏسو آرٽسٽ صاحب! مان توهان کي توهان جي ڊمانڊ موجب، تصويرن جي قيمت ڏيان پيو.“
”پوءِ به نه ٺاهيندم......“
آرٽسٽ بلڪل ڪاوڙ ۾ ڀرپور ڀرجي آيو هو مون چيو،
”جئين ته توهان ماڻهن کي سامهون ويهاري پورٽريٽ ٺاهي وڃو ٿا، پوءِ اهي منهنجون تصويرون ڇونه ٺاهيندئو.... ڪو خاص سبب.....؟؟“
آرٽسٽ پنهنجا ٻئي هٿ پنهنجي مٿي تي رکندي چيو،
”پليز! مون کي معاف ڪيو......مان ايڏو وڏو آرٽسٽ نه آهيان، مان صرف ماڻهن جا پورٽريٽ ئي ٺاهي پنهنجو گذران ڪندو آهيان.“
”ڀلا پوءِ هتي مون کي ٻيو ڪير اهي تصويرون ٺاهي ڏئي سگھي ٿو....؟“
”پليز! اڳتي وڃي ڪنهن کي ڏسو.....مان ڪونه ٺاهي سگھندس توهان جون تصويرون.....!!“
اڃان هن وٽ ٻيو ڪو به ڪسٽومر نه آيو هو وري هن جي سامهون رکيل اسٽول تي ويهندي چيم،
”ٻئي تصوير مان بارش کان پوءِ انڊلٺ جي منظر کي ڪٽي ٿا ڇڏيون باقي چيڪي مٽيءَ جي هٻڪار وارو منظر ٺاهي ڏيو ۽ باقي پهرين تصوير جو آئيڊيا ساڳيو ئي رکو.....“
آرٽسٽ منهنجي ايتري چوڻ تي مون تان پنهنجون نظرون هٽائي، پنهنجي منهن کي بيزارگي مان هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ لڳو ۽ اسٽول تان اٿي کيس پٺيرو نهاريندو اڳتي وڌي ويم ۽ ڏٺم ته منهنجي وڃڻ تي هن سک جو ساھ کنيو ۽ ٻئي ڪسٽومر جو انتظار ڪرڻ لڳو....حيران هيم ته هي هڪ آرٽسٽ ٿي ڪري هڪ ٻئي آرٽسٽ جو نقل ته ڪري رهيو هو پنهنجي تخليق ٺاهڻ کان ڪيٻائي رهيو هو....منهنهي زبان تي اچي ويو.
”هون...... عطائي آرٽسٽ جو ٿيو....لڪير جو فقير........!!!“
***