شاعري

ڀُڻ ڀُڻ

هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
Title Cover of book ڀُڻ ڀُڻ

6. شام جو روز زندگي ڦَٿِڪي

شام جو روز زندگي ڦَٿِڪي
تشنگيءَ لاءِ تشنگي ڦَٿِڪي

بيڪسي اَهڙي ڪا وَرائي ويس
پاڻ کي پاڻ ئي ڇُهي ڦَٿِڪي

گھاوَ اَهڙا به ڪي مِليا آهن
گَر سُبان ٿو ، سَڳو سُئي ڦَٿِڪي

آ مَــزو اِنــتـظـار ۾ ، سَـچُ آ
جي مِلي ڪوئي، دل چري ڦَٿِڪي

نــاهـهِ سَوَلـو اَدا ٿِــيڻ شاعر
لفظ در لفظ هوُ لِکي ڦَٿِڪي

چور ، چالاڪ ، سنت ، ساڌوُ هِت
هَـرڪو درويش ۽ رِشي ڦَٿِڪي

بيخوديءَ ۾ بَـيـان ڪَهڙو ڏِجي
ڦَٿِڪيِ ڦَٿِڪيِ وَري وَري ڦَٿِڪي