شاعري

ڀُڻ ڀُڻ

هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
Title Cover of book ڀُڻ ڀُڻ

10. سَچ کي سَچُ چوَندين، وڻندو

سَچ کي سَچُ چوَندين، وڻندو
مَن جي ڪُجھ ٻُڌندين، وڻندو

چُپ مان پڻ ظاهر آهي
چوري چَپ چوَندين، وڻندو

هَــلـڻـو آهــي ، هَــلـبـو پــڻ
تَڪڙي وِکَ کَڻندين، وڻندو

غلطيوُن ڪَر ، ڀَل ڪر، ليڪن
غلطيُن مان سِکندين، وَڻندو

مـنـزل جـي ڳــولــهــا ۾ تــوُن
سِج وانگُر رُلندين، وَڻندو

اَک ۾ ڳــوڙهــو سُـهڻـو آ
پر ڪنهن لاءِ رُئندين، وَڻندو