شاعري

ڀُڻ ڀُڻ

هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
Title Cover of book ڀُڻ ڀُڻ

32. مُنجھيل مُنجھيل سَڀُ ڌاڳا آهن

مُنجھيل مُنجھيل سَڀُ ڌاڳا آهن
تُنهنجا مُنهنجا نــاتــا آهن

بَڙ جو وَڻ ڀي ڇانو نٿو ڏئي
مُنهنجي سِر تي ٽــانـڊا آهن

مَـلمُ مُرڪ جو ڏيندو رهجان
گھــاوَ دلــيُــن تـــي تــازا آهــن

اَڄُ ڪُجھه ٻـيو کائڻ تي دل ٿي
دوکــــا هَـــر هَــر کــاڌا آهـــن

شيشي کــان پـــڻ نــازڪ آهــن
ڪـنهن اَلــهـڙ جـا وعدا آهــن

تُنهنجا سڏڙا، مُنهنجا سَڏڙا
صرف اَجايا واڪا آهِن

نانگ جيان ڊيڄارن ٿا سَڀُ
ڏِسو چِتائي ساپا آهن