28. اوچتي تو ڏني هِڪ چُمي ڪيئن
ڪاري هن رات ۾ چاندني ڪيئن
گُــلبدن آ تصور به تُنهنجو
تو کنئي آ هٿن ۾ چُري ڪيئن
سوچَ جا در دريوُن بند آهن
ياد تُنهنجي ڀڃي ڀِتِ وئي ڪيئن
وڇڙي وياسين ته سوچڻ لَڳُس مان
موُنکي کِن لءِ مِلي هِڪ پَري ڪيئن
لُڙڪ اَکڙين ۾ آيا لَڙِي سَڀُ
ٿا پُڇو دل جي ساوَڪ سُڪي ڪيئن
ڀاڪيوُن، مؤج ساگر سان پائي
پو به دل کي اَلائي وڻي ڪيئن
سوچَ جا سارا سوراخ کوليو
مَن ۾ ٿيندي نه ته روشني ڪيئن
ٿالهيءَ ۾ ڪي ته داڻا بَچايو
گھَر اَڱڻ ۾ لَهي ڪو پَکي ڪيئَن