39. هَوا لَڳڻ سان کُلي پَوي ٿو
درُ ڪو تاڙيءَ بنا لَڳي ٿو
گھَر ۾ ڪوُڙو جَھڳڙو ٿئي پيو
شايــد ڪو مَهمان اَچي ٿو
هاڻ سُڃاڻي سَگھبو هُن کي
ڪِريم پاڻ تي روز ٿِڦي ٿو
ڪِريو سَڙَڪ تي، ڦٽجي پيو هوُ
آتم ٻل ٿس، هَلڻُ سِکي ٿو
ڏاڙهي ٿس پر ساڌُو ناهي
مونجھارن ۾ سَدا رهي ٿو
رَڙيوُن ڪَرين ۽ واڪا بِه ڪريِن،
ٻوڙو ڀَڳوان ٻُڌي ڪِٿي ٿو؟
روز ڀلا چَئهُ ڪِئَن مان وَهنجان
هفتي هفتي پاڻي اَچي ٿو
ڪَپڙا ميرا جوُتي ڦاٽل
محنتڪش ڪم ڪندو رهي ٿو
نَوان نَوان گھَرَ ٻارن ٺاهيا
ڦوٽو پيءُ جو هَٽي وَڃي ٿو
بابي جي گھر ڀِتيوُن کَڄن ٿيوُن
شايد پاڪستان ٺهي ٿو