شاعري

ڀُڻ ڀُڻ

هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
Title Cover of book ڀُڻ ڀُڻ

18. ڪُجھه لِکي ذهن تي مِٽائي ڇڏيو

ڪُجھه لِکي ذهن تي مِٽائي ڇڏيو
پــاڻ کـي پــاڻ کــان لِڪائي ڇڏيو

زندگي آهي ڪو سِڪو کوٽو
خوش ٿيو جي اوهان هَلائي ڇڏيو

روشنيءَ ۾ به ڪُجھه نَٿو ڏِسجي
ٻاري هِڪڙو ڏيئو وِسائي ڇڏيو

ڪو نه ڪو حادثو ته ٿيندو هِتي
رَهبرن کي اوهان گھُرائي ڇڏيو

ڪو به جذبو نَه ڪو خيال بچيو
موُنکي پٿـّر اوهان بَڻائي ڇڏيو