42. ٽـانڊن جو ڪو وارِث بڻبو؟
شهرَ سَڄي کان وَر وَر پُڇبو
هُن ٿي چاهيو موٽي وَڃڻ، پَرَ
اَڌ رَستي ۾ هَٿُ ڪيئن ڇڏبو
ناهين توُن ، وَشواس اَچي گَر
تڏهِن ته خود تي ڀاڙي سَگھبو
ڪَنُ لائي ڪو ويٺو آهي
دِل ئي دِل ۾ ڀُڻڪو ٻُــڌبــو
شايد ڪنهن ڪم اَچي وَڃي هي
سُـپـنـو سُـهِـڻـو ســانڍي رَکــبــو
چـوٽَ اَڃــا هــيءَ تازي تازي
جَنگ ڪَرڻ ڪيئن توسان ڇڏبو