شاعري

ڀُڻ ڀُڻ

هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
Title Cover of book ڀُڻ ڀُڻ

30. ڪا سُڃاتل هَوا لَڳي ڪونهي

ڪا سُڃاتل هَوا لَڳي ڪونهي
ڪا سُڃاڻپ اَڃا ته ٿي ڪونهي

ڪُنڊ ڪنهن ڪنهن مان ڄارو لاهيان مان
ڪُنڊ ڪوريئڙي ڪا ڇڏي ڪونهي

مُـٺ ۾ چـوُڙيـوُن ڀـڳـل ڪيـڏيـوُ
زخـم ٿـورو اَچـي، صـحـيـح ڪونهي

اُڃّ موُنکي نَٿي لَڳي ڇا لءِ؟
اِئَن ناهي ته ڪا نَدي ڪونهي

مان ڏيان توکي، ڇا ڏيان سوچيم
توکان پياري ڪا سوُکڙي ڪونهي

دل ٿي ڪُجھه چاهي، ذهن چاهي ڪُجھه
ذهن ۽ دل ۾ ڪا ٻَڌي ڪونهي

جاءِ پوئين مِلي قطارُن ۾
جي حُضوُري ڪڏهِن ڪئي ڪونهي

ساڻُ سِج ڪيترا کڻي هَلبا
جيڪڏهن مَن جي روشني ڪونهي

چيز هرڪا وٺان ٿو قسطُن تي
هِڪ ڀَري آ ته ٻي ڀَري ڪونهي