شاعري

ڀُڻ ڀُڻ

هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
Title Cover of book ڀُڻ ڀُڻ

11. خواب هوا پڻ ڏسندي هوُندي

خواب هوا پڻ ڏسندي هوُندي
اُمـيـدُن تــي جيئندي هوُندي

رات رُئي ٿي هوريان هوريان
ڪنهن اَلهڙِ جيان ڊڄندي هوُندي

ڪنهن اَڻپوُريَ حسرت وانگُر
جھنگل جھنگل رُلندي هوُندي

ياد ڪري خوابن ۾ موُنکي
پنهنجي آڱر چُمندي هوُندي

ڪڍي پُراڻا خط پيتيءَ مان
سُڏڪي سُڏڪي پڙهندي هوُندي

ڳالھه چئي جا عرصو پهريان
هاڻي هُن کي وَڻندي هوُندي