شاعري

ڀُڻ ڀُڻ

هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو آهي. هن ودوان جي سڃاڻپ جي هڪ خاصيت اها آهي ته هو ڄائي ڄم کان نابين آهن. باوجود ان جي تعليمي ۽ ادبي کيتر ۾ سٺو مقام حاصل ڪيو اٿن.
ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ کيس اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريه پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي هن ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو 50 هزار روپيه جو راشٽريه ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.
Title Cover of book ڀُڻ ڀُڻ

15. بندگي ٻي نه موُن ڪَئي آهي

بندگي ٻي نه موُن ڪَئي آهي
صـرف تــو لءِ دُعـا پِــنـي آهي

راهَه ٽانڊن جي ماڳُ ٽانڊن جو
بـاهِه سـان مُنهنجي دوستي آهي

ذهـن ۾ گـوُنجي پـيـو پَڙاڏو ڪو
ڳالھه جِئن ڪَن ۾ هُن چَئي آهي

ڇير پيرن ۾ ڇمڪندي ته رهي
دانهن گھُنگھرُن جي ڪنهن ٻُڌي آهي

سـِجّ ۽ چــنـڊ تــان به ٿــي آيـُـس
هر جڳھه روشـني ڦِـڪي آهـي

روز لَـهنـدا رهيــا چِـٿـڙَ دل جـا
زنـدگـي پـــو به زنـدگـي آهــي