” اَکر ڪٿا “ اوندهه ۾ روشنيءَ جو اَڪيلو اهڃاڻ : لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل
شاهه لطيف جي رسالي تقليد پوواري ۾ اڄ وري شاعري رسالت جو روپ وٺي رهي آهي. ۽ نئين ٽهيءَ جا ڪي شاعر پنهنجيءَ ڪُليات کي رسالو سڏائڻ جي خام خياليءَ ۾ پڙهندڙن کي ڇرڪائي رهيا آهن. کين شايد ڄاڻ ناهي ته شاعريءَ ۾ رسالت جي رسائي تڏهن ئي ٿي سگهندي آهي جڏهن اها پيغمبريءَ جي حدن کي ڇهندي آهي.
منهنجي نظر ۾ پڻ مختلف گهڙين ۾شاعريءَ جا الڳ الڳ رخ ۽ وهنوار پئي رهيا آهن. جيڪي مبهم ۽ اڻ چٽيا رهيا آهن جو مختلف دورن ۾ شاعريءَ جا رنگ روپ ۽ نّظريا به وقت جي وهڪرن سان وهندا رهيا آهن. انڪري جداجدا دورن جي شاعري رڳو پنهنجي دورن ۽ وقت جي تقاضا پوري ڪندي رهي آهي.
انهيءَ پس منظر ۾ مان نئين شاعريءَ جي نمائينده شاعر نند جويريءَ جي منهنجي سامهون رکيل ”اکر ڪٿا“ جي مسودي جو اڀياس ڪندي جڏهن انهن سٽن تي پهتو آهيان ته مونکي ڪنهن حد تائين شاعريءَ جي ويجهي ۾ ويجهي مفهوم ۽ ان جي روح تائين رسائي ٿيڻ لڳي آهي.
هنن ٽن سٽن ۾ شاعريءَ جي روح کي
اوندهه ۾
منهنجي
ساهه پساهه جو
اڪيلو آواز
روشنيءَ جو
اڪيلو ڏس
ڇهي سگهجي ٿو ۽ ان جي سرير جا سڀ وڳا ۽ وستر لاهي ڦٽا ڪري سگهجن ٿا.
ٽن سٽن ۾ مڪمل شاعريءَ جو نئون اُجاڳر روپ ۽ نند جويريءَ جي شاعري،. ائين به نند جويريءَ جي شاعري هندوري ۾ لولي ڏيئي ننڊ ڪرائڻ واري شاعري ناهي، باوجود ان حقيقت جي ته ترنم واري شاعريءَ جي پورب جي شاعريءَ جي دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت رهي آهي، جو ان لاءِ ساڌنا ڪرڻي ٿي پوي پر اڄ جي هن افرا تفريءَ واري دور ۾ ترنم جي روانيءَ هيٺ ايندڙ ننڊ کان وڌيڪ اهميت جاڳ کي آهي ۽ ان جاڳ جو سنئو سڌو تاثر هڪ شاعر جي جلاوطنيءَ جي ڀوڳيل عذاب ۽ پيڙا سان آهي. جلاوطني هڪ اها باهه آهي، جيڪا ساڙيندي گهٽ آهي لهسائيندي وڌيڪ آهي. ۽ ان لهس مان ’ آهه ‘ ۽ ’ دانهن ‘ ته اڀري سگهندي آهي. پر گيت وارو ترنم پئدا نه ٿي سگهندو آهي.
هيءُ گيت ناهي
جنهن کي
سُر ۾ سجائي ڳائي سگهجي
پر پوءِ به
ڪيترن جو
هيءُ گيت پئي رهيو آهي
جنهن کي ڪيترن
پنهنجي پنهجي سُر سان
پنهنجي پنهنجي
جيون جي
سريلن ۽ بي سرن
پلن ۾
پئي ڳاتو آهي.
سدا کان
ڏاهن ۽ ڏڏن
پنهنجي پنهنجي قوت سان
پي ڪويتا ڳاتي آهي
پنهنجي پنهجي راه
پڻ پاتي آهي.
ڪويتا سدا کان
جيون جي چيل
پر پوءِ به اڻ چيل
گاٿا پئي رهي آهي
جلاوطنيءَ جي شاعري فلسطيني شاعر محمود درويش ۽ آرميني شاعر وليم فيرويان ۽ ترڪيءَ جي ناظم حِڪمت جي ترنم واري شاعري، وقت جي اها تقاضا پوري نه ڪري سگهي، جيڪا هنن جي نثري شاعريءَ اڳتي هلي پوري ڪئي جو ڪڏهن ڪڏهن نثري شاعريءَ ۾ پڻ خيال جي اها گهرائي ۽ ڇتائي پئدا ٿي وڃي ٿي، جيڪا ڪنهن رواني ۽ موزونيت جي محتاج ناهي.
جنهن باغ ۾
گلاب کي ڳولهي
خوشبوءِ کي
پنن ۾ قيد ڪيو
جنهن اکر کي
اکر سان اُڻي
شاسترن جو
نرماڻ ڪيو
هو شاستري هو
جنهن
گنجي ٽڪر جي
اَڻ لکيل پنن کي پڙهي
ڀٽ تي ناچ نچيو
هو
ستيم شوم سندرم جو پوڄاري
لطيف هو
(شاستري ــ شاسترن جو رچيندڙ)
نند جويريءَ جي هيءَ ڪوتا روانيءَ سان پُرِ هوندي به ستيم شوم سندرم جي روپ، رخ ۽ رويي کي لطيف جر روپ سان هم آهنگ ڪري خود لطيف جي سُر منڊل واري شاعريءَ کي سرهاڻ بخشي ٿي.
نند جويريءَ جو وطن جي سارڻي (Nostalgia) وارو نظم ”او شڪارپور“ سنڌي شاعريءَ جو هڪ اهڙو شاهڪار نظم آهي، جو نند ان نظم کان سواءِ ٻيو ڪو به نظم يا ڪوتا ڪونه لکي ها ته به هن کي سنڌي شاعريءَ ۾ اهو رتبو حاصل ٿئي ها، جيڪو رام پرساد بسمل هن جي هڪ ئي نظم
سرفروشي ڪي تمنا اب هماري دل ۾ هئه
ديکنا هئه زور ڪتنا بازؤ قاتل ۾ هئه
جي ڪري اردو شاعريءَ ۾ حاصل آهي. پر جيئن ته نند جو اهو نظم هن جي پهرين مجموعي ”چوواٽي تي“ ۾ شامل آهي ۽ شيخ اياز ان تي تفصيل سان پنهنجي عالماڻي تجزيي ۾ پيش ڪيو آهي. ان ڪري مان ان تي تفصيلوار لکڻ کان محروم رهجي ويو آهيان.
اڄ جو شاعر بند ڪمري ۾ ويهي رڳو شاعراڻي تخليق ۽ تصور جو سهاري پنهنجن ڪويتائن رچنا نٿو ڪري. پر هو پنهنجي آس پاس اُڻيل ڄار کان ٻاهر نڪري، کليل اکين سان هر اسرار نه رڳو ڏسي رهيو آهي، پر ان جي هر عذاب کي شدت سان محسوس ڪندي ڀوڳي به رهيو آهي ۽ ” معرفت جي ماٺ سين “ پنهنجي پيرا جو علامتي انداز ۾ اظهار ڪري رهيو آهي.
طوطو
لفظ رٽي
مرچ ڪمائي ٿو
حافظ
پنن ۾ پيهي
پاٺ پچائي ٿو
ساکي
مونن ۾ منهن پائي
ماٺ کي به
ماٺ ۾ رکي
معرفت سين
ڏيساندر ڏوري ٿو
نند جويريءَ جي هيءَ ڪويتا پنهنجي ظاهر ۾ ته ڪو احساس جو چٽو ڏيک نٿي ڏئي، پر پنهنجي اندر ۾ هڪ طوطي جي علاامت بڻجي آيو آهي، جتي هو طوطي جيان لفظ رٽي مرچ ڪمائي ٿو ۽ ان مرچ جي آرام واري ڪمائي ڪندي ڪندي هن کي پنهنجي پڃري سان ايترو ته پيار ٿي ٿو وڃي جو جيڪڏهن هن کي پڃري کان ٻاهر ڪڍي تاڙي وڄائي اڏائڻ جي ڪوشش به ڪجي ٿي ته هو آزاديءَ جي اُڏام کان به ڪيٻائي ٿو. ۽ پنهنجا کنڀ کوهي پڃري ۾ آزاديءَ سان مرچ ڪمائڻ پسند ڪري ٿو.
ساڳي حالت هڪ حافظ جي پڻ آهي، جيڪو پنن ۾ پيهي پاٺ پچائي رتبو ڪمائي ٿو ۽ ساکي مونن ۾ منهن پائي معرفت ذريعي وسياندُ (وشواس) رکي ڏوري رهيو آهي. اهو ئي اڄ جي انسان جو الميو (Tragedy) آهي. ۽ ان الميي جو جي اظهار لاءِ نند جويري جي اندر ۾ ويٺل شاعر جو الميو پڻ اجاگر ٿي گهٽ ۾گهٽ شبدن ۾ هن جي اشبد واري ڪوتا جو آڀاس ڪهاڙيءَ جي ڌڪن جهڙن لفظن کان به وڌيڪ چوٽ رسائي ٿو.
جڏهن اَرٿ
ارٿ هيڻ ٿي پوي ٿو
اِڪ ارٿي شبد
بهو ارٿي نشبد ٿي پوي ٿو
سگڻُ شبدُ
نرگڻُ نشبدُ ٿي پوي ٿو
مورت اَمورت ٿي پوي ٿي
اَپاتر سُپاتر ٿي پوي ٿو
جڏهن ارٿ
ارٿ هيڻ ٿي پوي ٿو
هر دورَ جو ادبي مزاج نون نظرين ۽ نون اشتعارن جي تلاش ۾ نون چهرن کي تراشڻ جو هڪ روان دوان عمل پي رهيو آهي. ۽ ٻئي طرف هر دور جو آواز گذري ويل دور جو سڏ ۽ پڙاڏو ئي ناهي پر ان سڏ ۽ پڙاڏي جي گونج کي پنهنجي اندرسمائي هڪ نئون آواز بڻجي اڀري ٿو. انهيءَ گونج طرف سجاڳ نند جويريءَ جي اندر ويٺل شاعر کي اهو احساس آهي ته پراڻن ادبي وهڪرن ۾ ۾ وري وري وهنجڻ سان شاعريءَ جو جسم ڄڻ ڄمي يخ ٿي وڃي ٿو ۽ ان ۾ نئين چُرپُر جي قوت ۽ صلاحيت پڻ پوڻي پئجي ٿي وڃي.
انهيءَ جاچنا هيٺ نند جويريءَ جي هن نئين شعري مجمعوئي جي مَسودي کي پڙهندي مون اڳيان اها حقيقت چٽي ٿي بيٺي آهي ته نند جي ’چوواٽي تي‘ ۾ شامل شاعريءَ کان هن مجموعي جي شاعريءَ تائين ڪيتري مسافت طيءِ ڪري آيو آهي. نند جي ٻن مجموعن واري شاعريءَ وچ ۾ ٻن ڏهاڪن جي وٿي آهي. انهن ٻن ڏهاڪن ۾ هڪ شاعر جي سوچ ڪيترو اڳتي وڌي آهي ۽ گڏو گڏ هو ڪيترو پٺتي پڻ ڇڏي آيو آهي.
ديوار تي
برسات جو پاڻي
اسيم ارٿن سان
اسيم شڪليون جوڙي ٿو
ايندڙ ويندڙ هر ڪوئي
پنهنجي پنهنجي نظر سان
پنهنجي پنهنجي قوت سان
ديوار تي پاتل شڪل ۾
پنهنجي پنهنجي ارٿ سان
پنهنجو پنهنجو سچ پائي ٿو
ديوار تي هڪ شڪل
مون به ڏٺي آهي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
شايد هڪ شڪل
تو به ڏٺي هوندي
پنهنجي ئي ارٿ سان
پنهنجي ئي سچ سان
۽ هڪ سچ سرجاتا ديوار جو به هوندو
پنهنجي ئي ارٿ سان
مٿين ڪوتا ۾ مختلفت علامتي شڪليون به آهن، عڪس به آهن، پرتوَ () Images به آهن ۽ هر هڪ عڪس جا پنهنجا پنهنجا ارٿ، معنائون، مفهوم ۽ مطلب به آهن. پر جتي شاعر جي اندر جو آئنو اجرو آهي، اتي انهن اسيم ارٿن ۽ اسيم آڪارن جا پنهنجا پنهنجا سچ، پنهنجي ئي ارٿ سان، پنهنجي ئي سچ سان صاف سٿرا ٿي ذهن ۾ کِنوڻ جيان پل جي چمڪاٽ ته ڪن ٿا پر اتي شاعر جي من ۾ هڪ اڄاتو خوف اهو به اُڀري اچي ٿو ته سڀاڻي وري نئين سر برسات پوندي ته سڀ آڪار ۽ شڪليون خوه سچ ۽ ڪوڙ بدلجي ويندا، جن کي برسات جو پاڻي پاڻ سان گڏ لوڙهي ويندو.
هن مشيني دور ۾ هر سک درسي سوچ ڪنهن اڄاتل خوف جي پاڇن جو پيڇو ڪندي پنهنجي ئي پاڇي کان خوف کائڻ ٿو لڳي. پر پوءِ به نند جويريءَ جي اندر ويٺل شاعر وٽ ان نئين ايندڙ برسات جو اوسيئڙو اوس آهي، جو هڪ ڪوتا ۾ اهڙي ئي سوچ جو سلسلو جوڙيندي نند وٽ ڪي قائم دائم قدر اوس آهن.
پاڻي پاڻيءَ ۾ تري
ته جنم چوائي
پاڻي پاڻيءَ ۾ ٻڏي
ته موت چوائي
تري به پاڻي پاڻيءَ ۾
ٻڏي به پاڻي پاڻيءَ ۾
سوئي الهام قدرت جو
قائم آهي قديم
قادر
قائم رکي پاڻ کي
پاڻيءَ ۾ ٻڏي
پاڻيءَ ۾ تري
نند جويري جنهن دورَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ان وقت تائين ترقي پسنديءَ واري دورَ جو زور گهڻو گهٽجڻ لڳو هئو ۽ ٻئي طرف نند ترقي پسندن جي وچ ۾ رهندي به انهن کان بنھ الڳ ٿلڳ ئي شاعريءَ ۾ ڪن مخصوص نظرين کان هٽي پنهنجو هڪ رخ اختيار ڪيو جنهن جي نمائيندگي نند جي هيءَ ڪوتا ڪري ٿي.
راڳ ويراڳ جي چونڊ ۾
تو راڳ چونڊي به
راڳ چونڊيو
مون ويراڳ چونڊي به
راڳ چونڊيو
تون
راڳ جي خيمي ۾
راڳ جو ڀوڳي
راڳ جو قيدي
مان ويراڳ جي خيمي ۾
ويراڳ جو ڀوڳي
ويراڳ جو قيدي
هووتراڳي
ناقصئا نڱيو
نه راڳي نه ويراڳي
چئي ويو ساکي
ان هنگامي دورَ ۾ جتي رڳو نئين روشن صبح ۽ انقلاب جون ڳالهيون ۽ لعل نشان جي چمڪڻ جون نعريبازون هيون اُتي نند پنهنجي ذهن جي ڳڙڪين کي کليل رکي تازي هوا جي ڪن نون جهونڪن جو ئي انتظار ڪيو ۽ شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو نند شعر و ادب جي دنيا ۾ پنهنجا قدم تمام دير سان پختا ڪري سگهيو. پر جڏهن هن دير آيت درست آيت واري سچائيءَ سان ڪوتا جي ڪاڪ محل ۾ قدم رکيو ته هن جي شاعريءَ نه ترقي پسنديءَ واري گهن گرج هئي ۽ نه ڪو پيغام پهچائڻ وارو مقصد ــ هن وٽ رڳو خالص شاعري رهجي ويئي. هن سليل کان سليل ٻوليءَ جي دائري ۾ رهندي پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ ڪُل جزو ڪُل جو هڪ نئون Concept (سوچ جي نئين ڌارا) ڏنو.
مان ۽ تون
مان سرير آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
مالڪ آهين
ڇو جو
تنهنجو ئي ڏنل آهي
هيءُ سرير
مان آتما آهيان
ته پڪ سان
تون منهنجو
پرماتما آهين
ڇو جو
مان ئي تنهنجو جزو آهيان
مان تت آهيان
ته پڪ سان
مان اُهو ئي آهيان
جيڪو تون آهين
مان تت آهيان
هيءَ ڌرتي منهنجو گهر ناهي
مان ڌرتيءَ جو گهر آهيان
نند جويريءَ جي شاعري ڪٿي ڪٿي اُن آبشار جيان به لڳندي آهي جتي ڪنهن جبل تان ڪرندڙ آبشار جو ٻه مختلف ڏسن ۾ وهندڙ ڌارائون ڌرتيءَ تي پهچي پاڻ ۾ ملي هڪ نديءَ جو روپ وٺي اڳتي وڌنديون آهن. نند جو اهڙيون ٻه ڪويتائون ’الهام قائم آهي‘ ۽ ’اڄ به‘ ان وهڪري جو عمدو مثال آهن.
جو ڪجهه
ڪرشڻ چيو گيتا ۾
۽ جو ڪجهه
ڪرشڻ ڪونه چيو
گيتا ۾
سو ئي ٻُڌ چيو ڌمپد ۾
جو ڪجهه ٻُڌ
چيو ڌمپد ۾
۽ جو ڪجهه ٻڌ
ڪونه چيو ڌمپد ۾
لطيف چيو بيت ۾
جو ڪجهه لطيف
ڪونه چيو بيت ۾
هرواٽي تي
سنڌ چيو سنڌيءَ ۾
نرگڻ جيون ڌارا
دائم قائم آ
اڄ به وحي
سنڌ تنهنجي ماٺ ۾
ــــــــــــــ
جو ڪجهه هن چيو
۽ جو ڪجهه هن ڪيو
سڀ پنن ۾ موجود آهي
جو ڪجهه هن ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه هن ڪونه ڪيو
يا ڪونه ڪري به ڪيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه
هن جي حاضريءَ
ڪونه چيو
يا ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
جو ڪجهه
هن جي غير حاضريءَ
ڪونه چئي به چيو
اُهو ڪٿي آهي
هن جي اَڻ چيل پر چيل کي
هن جي اَڻ ڪيل پر ڪيل کي
پنن ۾ آڻڻ جو
اسان وٽ ڪو اُپاءُ ناهي
پر پوءِ به اُھو سڀ
عام جي رڳن ۾
عام جي جيون ۾
نرگڻ ڌارا بڻجي
وهي رهيو آهي
اُهو اصُلُ
پڪ سان
عام جي نرگڻ جيون ۾
وقت جي اُبتي وهڪ ۾
رڳن ۾ ساه بڻجي
وهي رهيو آهي
ته پوءِ
ڌرتيءَ جو عام
پنهنجي سجاڳ سُرِتِ سان
سگڻ بيتن کي
هڪ طرف رکي
پنهنجي نرگڻ پاڻ ۾ پيهي
اڻ چيل اڻ ڪيل
کان انڪار ڇو ڪري
پنهنجي ئي جيون ۾ وهندڙ
نرگڻ جيون جي وهڪ کان
انڪار ڇو ڪري
بيتن جي نرگڻ ڀاوَ کان
انڪار ڇو ڪري
چاهيندي نه چاهيندي
اڄ به ڌرتي رنڱيل آهي
هن جي چيل اَڻ چيل
هن جي ڪيل اَڻ ڪيل
هن جي حاضريءَ
غير حاضريءَ سان
لطيفي رنگ ۾
ڌرتي رڱيل آهي
نند جويريءَ جي شاعريءَ جا مٿيان ٻه مختلف پهلو الڳ الڳ احساسن جي ترجماني ڪندي به هڪ ٻئي سان ايترو ته لاڳاپيل آهن جو ٻنهي جي رسائي پڙهندڙن جي روح تائين رچجي بسجي ٿي وڃي. پهرين ڪوتا ’الهام قائم آهي‘ ۾ الهامي ڪتاب گيتا ۾ ڪرشڻ طرفان رهجي ويل اڌياءُ اڄ جو احساس آهي. گيتا کي قران، بائبل يا زندهه وبسته جيان آسماني ڪتاب ڪري نٿو مڃي جو اها آسمان مان الهام جيان نازل نه ٿي آهي بلڪ ڪرکيتر جي جنگ جي ميدان تي ڪرشڻ وٽان واتي ويڻي چيل آهي. پر لطيف جو آيتون به سنڌ جي ڌرتيءَ تي واتي ويڻي ئي چيل آهن ۽ وچ ۾ هزارن سالن جو وقفو آهي. نند جي شاعراڻي جاچنا موجب جيڪو ڪرشڻ ڪرکيتر ۾ نه چئي سگهيو اهو لطيف پنهنجي رسالي ۾ چئي ويو. ۽ جيڪي لطيف رسالي ۾ نه چئي سگهيو هر واٽي تي وقت چئي رهيو آهي. ۽ وحي اڄ به دائم قائم آهي. ڪرشڻ هڪ ديومالائي (Mythological)ڪردار آهي ۽ ٻڌ ۽ لطيف تاريخي ڪردار آهن. پر ٽنهي ڪردارن ۾ جي وچ ۾ وقت جو فاصلو آهي. ان کان هن جڳ جي جوڙيندڙ جي پهرين لفظ ’ڪن فيڪون‘ ۽ ’اوم‘ کان اڄ تائين خواهه ازل کان ابد تائين وقت طيءِ ڪندو رهيو آهي. ۽ نند جويريءَ جي الهام قائم آهي جهڙي ڪوتا وقت جي تقاضا پوري ڪري رهي آهي.
اسلام جي وڏي دانشور امام غزالي جو قول آهي ته ”زندگي جي ڪنهن موڙ تي وقت جو سائنسي تقاضائون قران ڪريم جي تعليم جي اڳيان اڏ بڻجن ته سائنس کي درگذر ڪري قران شريف جي پيروي ڪيو. “
اهڙي عظيم دانشور جو قول کي قران ڪريم جي نزول ٿيل نبيءَ بابت ڏس نند جويريءَ جي ڏس ڪوتا ڪيترو نه نفي (Negate)ٿي ڪري.
ڏسُ
رسول
جاهل کي
ماڻهوءَ جو ڏس ڏنو
ته جاهل
مسلمان ٿي پيو
لطيف
سسئيءَ کي
پنهونءَ جو ڏس ڏنو
ته سسئي
پنهون ٿي پيئي
بهرحال نند جويريءَ جي جي شاعري خوبصورت آهي يا خواب صورت ان جو فيصلو ته ذهين پاٺڪ ڪندا. پر مونکي رڳو ايترو چوڻو آهي ته هيءُ مجموعو نند جويريءَ جي شاعريءَ جو ڇيہُ آهي، جو هن جي شاعريءَ جي ترڪش ۾ اڃا گهڻائي تير محفوظ آهن.