ناچ ۾ لطيف مري ناچ ۾ ــ ناچو مري ته ناچ ممڪن ٿئي سُرُ ۾ ـــ سُرَ مري ته سنگيت ممڪن ٿئي ڪويتا ۾ ـــ ڪوي مري ته ڪويتا ممڪن ٿئي سچ ۾ ـــ منصور مري ته حق ممڪن ٿئي روح ۾ ـــ سسئي مري ته پنهون ممڪن ٿئي ناچ ۾ ـــ لطيف مري ته ساکي ممڪن ٿئي