ٻڌُ ۽ سچُ ٻڌ جي بيٺل بُتَ ٻڌ جي ويٺل بُتَ کي چيو هِتِ به ته سچ ناهي شايد اڃان اڳتي سفر ڪرڻو پوندو سچ اڃان اڳتي آهي ويٺل ٻُڌ ٻُڌي به نه ٻُڌو رشيءَ وانگر چئي به نه چيو مُنيءَ وانگر تنهنتي بيٺل به ويهي رهيو ويٺل سان اَڪِرِتِ