ڇانوَ رڻ پٽ جي تيز تراري اُس ۾ ڇانوَ لاءِ ڀٽڪي رهيو هوس مان جڏهن ته منهنجي ئي پاڇي کي ماڻي رهيو هو هڪ رڻ پٽ جو ڪيڙو اَڪثر ائين ئي ٿيندو آ ماڻهو قبر ۾ ڪيڙي جو ڀوڄن ٿيندو آ پوجاري مندر ۾ ڀڳوان جو ڀوڄن ڪندو آ