هيءُ اَکر جو گهر آهي
سڀ بند آهن
در درين دروازن تي
گهڻو ڪجهه لکيل آهي
۽ گهڻي ڪجهه لکيل تي
ڇت به قائم آهي
هيءُ اکر جو گهرُ آهي
اکر سان اکر سَٽيل آهي
نه چُري ٿو سگهي
نه مُڙي ٿو سگهي
هيءُ ڪتاب جو گهر آهي
اَکرن جي اُڻتِ ۾
خوف آهي نرڪ جو
ته لالسا آهي جنت جي
پر ڪو ڏس ناهي ٻاهر جو
بس اکر آهي
اکر ئي اکر آهي
هيءُ اکر جو مڪان
اکر ... ۽ ... اکر سان
مضبوط آهي
هِتِ
حاڪم حُڪم
بندُ باندي پناهه
سڀ اکر ئي آهي
ساهُ پساهُ
جيئڻ موت
اکر سوءِ ممڪن ناهي
ڏاڍ آهي اکر جو
دهشت آهي اکر جي
هن ايمان جي خيمي ۾
شبد جي ڪُکَ مان
جنمي ٿو شبدُ
نِشَبدُ بانجُ آهي
سڌانت آهي
بس سڌانت ئي سڌانت آهي
اَسڌانت لاءِ ڪا جاءِ ناهي
هن اکرن جي ڄار ۾
بنا ضد
جئي رهيو آ ... اکرُ
بس پاڻ سان
............. پاڻ لاءِ
پانڌي پنڌ منزل
سڀ اَکرُ ئي آهي
هِتِ
ابي ڏاڏي جي ڪائيءَ سان
ٻڌل آهي ماڻهوءَ جي سُرِتِ
ويساه سان ٻڌل آهي
ماڻهوءَ جي ٻُڌي
هن اکرن جي خيمي ۾
ماضي زنده آهي
حالُ جنمي نٿو سگهي
آئيندهَ جو ڏور
ماضيءَ سان ٻڌل آهي
هوا جي تازگيءَ کي
سُرِتِ جي سجاڳيءَ کي
ڪو وجود ناهي خيمي ۾
خيمي جو قانون مظبوط آهي
... مظبوط آهي ... مظبوط آهي
هت اَکر پڙهي ٿو
اکر جي آڪار کي
۽ نِرِاکرُ نٻل آهي
اَڀئه آهي اکرُ
ڀر ۾ ويٺل اَکر کان
پر اَکر کي ڀؤ سو آهي
در جي
تاڪ جي
چير مان
ليئو پائيندڙ
پِرَههَ ڦٽيءَ جي باک کان