مهاڳ
هن دليرن جي ديس ۽ ڏاتارن جي ڏيهه تي لکيل شروعاتي ڪتاب ڏسبا ته اهي ٻاهرين ٻولي ۾ لکيا ويا، ان ڪري سنڌ جي اصلي ماڳن مڪانن جا نالا جيئن ساڱرو کي ساڪرو، ٺري کي تري، پِروڙ (لڳ شادي پلي) کي بهرور لکيو ويو، مطلب ته ايترو مونجهارو پيدا ٿيو جو اڃان تائين اُهي ڪتاب توجهه طلب آهن، رڳو ساڱري کي ساڪرو لکڻ ڪري، ساڱري درياءَ جي پٽي جي تاريخ ميرپور ساڪري ڏانهن وڃڻ جو خدشو پيدا ٿي سگهيو ٿي.
بحرحال تاريخ ۽ تحقيق جو سلسلو جاري رهيو ته، اسان ڪنهن تاريخي منزل تي پهچي وينداسون، ٻين ملڪن تي لکيل قديم تاريخي ڪتاب ملن ٿا، پر سنڌ جي تاريخ رڳو موهن جي دڙي جي نشانن تي وڃي بيهي ٿي، سنڌ جي قديم تاريخي لکت نه ملڻ جا سبب ڌارين جون مسلسل سنڌ تي ڪاهون آهن، تنهن ڪري 250 سئو ايڪڙ تي مشتمل موهن جو دڙو، 1800 ميل ڊيگهه رکندڙ موجن ڀريو مهراڻ قديم سنڌ جا ساکي آهن، ٻيو ته سنڌ جي تاريخ سيني بسيني روايتن جي ڪري رڳو قصن، ڪهاڻين ۽ ڪچهري ۾ وڃي بتي آهي، ان تي پڻ تحقيق جا طاق کُلندا رهيا آهن.
آئون سمجهان ٿو ته، سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پڊن، پوٺن، ڍنڍن، ڍورن، گسن، پنڌن، رندن، ڳوٺن، ديهن، تپن، تعلقن ۽ ضلعن تي تحقيقي مواد ميدان ۾ اچي ويو آهي، سنڌ ۾ ڳوٺڙن جي تاريخ لکڻ جو پهريون اعزاز پڻ ٽنڊي الهيار کي حاصل آهي، جو سندم سائين مولانا عبدالڪريم لغاري (مسڻ وڏي) “ٿڌا وڻ ولهار جا” لکي مسڻائن جو مان مٿي ڪري ڇڏيو.
مدد خان پٺاڻ جي باهه کان بچي ويل سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر بڪيرا شريف (ملتان ثاني) جي ڏاکڻي ڪنڊ تي آباد تاريخي ڳوٺ “ڳوٺ الهه بخش جروار” جو قلم ڌڻي پنهنجي ڪرت کي لڳو پيو هو، سالن جي عرق ريزي کان پوءِ پنهنجن پراين جا قصا قلمبند ڪري، ڪتاب نالي “مختصر تاريخ تپو کوکر” اسان جي هٿن تائين پهچايو اٿس.
جروارن جي ميهاڻي پاڙي جي پڳدار محترم جناب حاجي محمد ياسين خان جروار پ پ جو جينين جيالو هوندي به، ڪتاب ۾، پنهنجي پارٽي جي ڪرتن ڌرتن جي ڪوتاهين کي رومال ۾ ويڙهي نه، بلڪه سڌو آڱر جو نشانو ٺاهي ٿو، وڏي ڳالهه ته کوکر ذات تي بمع شجرا تي تاريخ رقم ڪئي اٿس، مطلب ته پنهنجن پراين جا شجرا وڏي خبرداري سان لکيا اٿس، اڳي اسڪولي ڪورسن ۾ جاگرافي پڙهائي ويندي هئي، ان جي هاڻي ته خبر ناهي، پر هن ڪتاب جي محترم محقق تپي کوکر جي ديهن کي پنهنجي والد حاجي محمد پريل خان جروار جي مدد سبب، نقشن سان نروار ڪيو اٿس.
هن ڪتاب ۾ حج ۽ عمري جي سفر کي قدمبقدم لکيو اٿس، ڪم علمي هوندي به حجاز مقدس جي ماڳن مڪانن جا نالا جيڪي مقامي ٻولي ۾ لکيل آهن، ان کي به سهڻي نموني نڀائي ويو آهي، سندس لکيل ڀلارو سفر، نئين حاجي لاءِ ڏاڍو لاڀائتو ثابت ٿيندو، هن اڏول ۽ ڏاتار صفت انسان سان، منهنجي نيازمندي به ڪا ايتري پراڻي ناهي، پنج ست سال ٿيا هوندا ته، دعا سلام جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ اول اول پاڻ قرب جا قدم ڀري مون فقير حقير کي پنهنجي محبت جي مالها ۾ پوئي ڇڏيائين، مون اهڙا ماڻهو گهٽ ڏٺا آهن، جن وٽ اباڻي ملڪيت، زمين، پئسو، پلاٽ هوندي به ڏاڍي نيازمندي، اخلاق ۽ حيا سان سراپا ڍڪيل هجن، هن همراهه جي دليري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سندس والد جي وڇوڙي کان پوءِ سندس اهليه جي رحلت، مٿان وري اڪيلو نوجوان موڀي پٽ، شوڪت جي اچانڪ وڇوڙي، سندس اندر اڌ ڪري ڇڏيو، هن کان اڳ ۾ آيل ڪتاب سندس مرتب ڪيل ڪتاب “ماڻهو مڻيادار” ۾ لکيائين، ته مون کي “ڪينسر” آهي، اهڙي ٻي ڪا دليري ٿيندي، ان هوندي به قلم جو ساٿ نه ڇڏڻ، پنهنجن پوٽن حاجي پريل خان عرف راجا جروار، محمد سليمان ۽ ٻيا توڙي جو اڃان ننڍا آهن، پر سندس ڏاڏي انهن جي بهترين نشونما ڪئي آهي، جيڪي اوطاق تي آيل مهمانن جي ٽهل ٽڪور ۽ ٽانڊو ٽوپي سهڻي نموني سان ڪن ٿا.
عجب ڪيا هي، ڪه بيڙا غرق هو ڪي پهر اُبهر آئي،
ڪه هم نه انقلابِ چرخِ گردان يون بهي ديکهي هين.
خليل کوسو
0307-3096425
ٽنڊوالهيار